ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

هڪ جرنلسٽ جو قتل

Editorial-Article- Ajaz Mangi

مون کي معلوم آهي ته 14 آگسٽ ملڪي تاريخ جو وڏو ڏينهن آهي. مون کي اهو به معلوم آهي ته ان ڏينهن تي ملڪ کي نگران جي صورت ۾ اڄ نئون وزيراعظم ملي رهيو آهي. انهن ٻن موضوعن جي ئي اپٽار ڪجي ته ڪالم آسانيءَ سان وجود ۾ اچي سگهي ٿو پر منهنجي آڏو سوشل ميڊيا تي افسوس ۽ مذمتن جي انبار هيٺان ان صحافيءَ جو لاش پيل آهي، جنهن کي سرعام قتل ڪيو ويو.

جان محمد مهر منهنجو ذاتي دوست نه هو. هو منهنجن تمام ويجهن دوستن جو تمام ويجهو دوست هو. پر منهنجي لاءِ هو ميڊيا جو محنت ڪش مزدور هو. هن جي هٿ ۾ قلم هو. هن جي هٿ ۾ مائيڪ آيو. پر هو پنهنجو ڪم خوش اسلوبيءَ سان ڪندو رهيو. جيتوڻيڪ جان محمد مهر وٽ ڪا وڏي صحافتي ڊگري نه هئي. هو ڪنهن ناليواري يونيورسٽيءَ مان ماس ڪميونيڪيشن پڙهي نه آيو هو. پر هو سنڌي صحافت لکندي، سکندو ويو. مون کي ياد آهي ته هو ابتدا ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪو هڪ اڌ سادو سودو مضمون لکي موڪليندو هو. پر هن جي ان مضمون مان به هڪ رپورٽ جي خوشبو ايندي هئي. مون کي ان وقت به هن جي صحافتي صلاحيتن جو احساس ٿيو هو‏ جڏهن هن ڪنهن اداري کي بطور نمائندي ۽ بعد ۾ بيروچيف جوائن نه ڪيو هو. جنهن وقت هو آفيشل جرنلسٽ نه بڻيو هو، ان وقت به هن کي پنهنجي شهر، پنهنجي تر ۽ اتي رهندڙ انسانن جي اهنجن ۽ ايذائن جو ڀرپور احساس هو.

جان محمد مهر لاءِ جهڙي طرح سنڌ جي سوشل ميڊيا ۾ اموشنل اڇل آئي آهي، ان مان به اهو احساس ٿي رهيو آهي ته هو هڪ يار ويس ۽ دوستاڻي مزاج جو ماٺيڻو شخص هو. هو وڏي اڇل ڪود نه ڪندو هو. هو پنهنجي حد ۾ رهي بيحد محنت ۽ پروفيشنل صلاحيت سان پنهنجا صحافتي فرض پورا ڪندو هو. هڪ صحافيءَ کان سواءِ هو ذاتي طور تي ملنسار ۽ مسڪرائڻ وارو محبت ڪندڙ ماڻهو هو. ان ڪري هن جي قتل تي اهي اکيون به اشڪبار آهن، جيڪي حقيقت کي ڏسي به نه ڏسنديون آهن. ان جو مطلب اهو ٿيو ته گذريل ڏينهن صرف هڪ صحافيءَ کي ئي نه پر هڪ مثبت ماڻهوءَ کي به گولين سان ڇاڻي ائين ماريو ويو، جيئن ان پار قانون نالي ڪا شيءَ وجود ئي نه رکندي هجي. ڄڻ ته سڀ ڪجهه انهن هٿن جي حوالي آهي، جيڪي هٿ هٿيار کڻي به سگهن ٿا ۽ هلائي به سگهن ٿا.

ڪالهه انهن اجمل ساوند جهڙو سهڻو ڪنهن به قوم لاءِ قيمتي تحفي جهڙو پٽ ڪٺو ۽ اڄ انهن جان محمد مهر سان ساڳيو سلوڪ ڪيو. جهڙي ريت اجمل ساوند جي خون تي تمام گهڻو احتجاج ڪندڙ انسانن کي پوليس پاران اهو ٻڌائي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته هن جو قبيلائي ۽ برادريءَ جي سلسلي ۾ ڪو تڪرار هلندڙ هو. ساڳي طرح سان اڄ جان محمد مهر جي لاءِ ساڳي وائي ورجائي پئي وڃي. هن ملڪ ۾ ڪير اهڙو ناليوارو ۽ پاڻ ڀرو انسان آهي، جنهن جا ڪجهه دوست ۽ ڪجهه دشمن نه هجن. پر ان جو مطلب اهو ته ناهي ته ڪنهن شخص جي ذاتي دوستي ۽ دشمني هن جي موت جو پروانو بڻجي وڃي ۽ هن کي عبرت جو نشانو بڻائي قتل ڪيو وڃي!!! اها روش ڪنهن به طور تي قبول ڪري نه ٿي سگهجي. ڇو ته ان طرح سان ته قانون ۽ انصاف جي مجموعي تصورن ۽ رياستي ادارن جي نفي ٿي ٿئي. ان طرح سان ته ڪو به معاشرو چري پري نه ٿو سگهي. جڏهن اختلاف يا تڪرار جو مطلب ڪنهن ماڻهوءَ کي ماري ڇڏڻ وارو نڪري ته پوءِ اهي موبائلون، اهي بڪتربند گاڏيون ۽ اهي فليگ مارچون ڇا لاءِ؟ پوءِ پوليس کاتي ۽ ان ۾ موجود آفيسرن جو مراعتون ۽ انهن جون طاقتون ڪهڙي ڪم جون؟ ڇا اسان هر شيءَ خرد ڪندي جيڪا ٽيڪس ڏيون ٿا، اها ان تي ڪتب آندي وڃي ته 14 آگسٽ جي ڏينهن قومي پرچم لهرايا وڃن ۽ بگل وڄايا وڃن. پر اهو شور نه ٻڌو وڃي، جيڪو شور هڪ شهيد جي گهر مان ماتم جي صورت اچي رهيو آهي.

شيخ اياز جي لکيل ۽ ڇپيل ادبي خطن ۾ هلڪ خط سکر جي ان رات جو به آهي، جنهن ۾ بقول سندس هو انگريزي ڪتاب “انصاف کان وانجهيل سرزمين” (Land Without Justice) پڙهي رهيو هو هن جي گهر جي بجلي هلي وئي ۽ هو جڏهن فيوز فڪس ڪرڻ آيو ته هن کي پنهنجي بجليءَ واري بورڊ جي آس پاس هڪ نانگ نظر آيو. ان نانگ کي اسان جي شاعر بندوق جو فائر ڪري ماري ڇڏيو. پر سکر جي سلسلي اياز سان پيش آيل اهو واقعو هڪ نئين معنيٰ پنهنجي مٺ ۾ کڻي اسان کان اهو سادو سوال پڇي رهيو آهي ته آخر سکر جي سرزمين انصاف کان ڪيستائين محروم رهندي؟
اهو پار جنهن کان اهو ڪچو به پري ناهي، جنهن ڪچي ۾ هن وقت به پرامن ۽ ڪمزور شهرين کي کنڀي انهن جي مٿان وحشياڻو تشدد ڪري انهن جي وارثن کي بليڪ ميل ڪري انهن کان ڀنگ ڀرايو وڃي ٿو. پر اسان جڏهن به ڏٺو آهي ته پوليس مٿان پريشر اچڻ جي صورت ۾ بغير ڪنهن پلاننگ ۽ رٿابنديءَ جي جيڪي به مسڪين ۽ ٻچڙيوال پوليس اهلڪار ٻيلن ۾ لهن ٿا ته انهن سان سفاڪ سلوڪ ڪيو وڃي ٿو ۽ انهن جي لاشن جا وڊيوز ڀري اهي ڌاڙيل ايس ايس پي ليول جي آفيسرن کي ڌمڪيون موڪليندا آهن ته انهن سان گهڻي کوئنس نه ڪئي وڃي. ان حوالي سان اهو محسوس ٿي رهيو آهي ته ان پار ته قانون جو پکي پر به هڻي نه ٿو سگهي. ڇو ته هن مهل تائين ان طرف ڏوهارين ۽ سياستدانن ۽ ڪامورن جو پاڻ ۾ ڪو وڏو ڳٺ جوڙ آهي. جيڪڏهن اهو ڪجهه نه هجي ته ڪنهن کي همت ٿي سگهي ٿي ته ڏينهن ڏٺي جو وچ شهر مان ڪنهن واپاريءَ کي اغوا ڪري. هڪ استاد جي گاڏيءَ کي روڪي هن کي گولين سان ڇاڻي ڇڏي ۽ هڪ صحافيءَ کي ان مهل قتل ڪري، جڏهن هو پنهنجي آفيس مان نڪتو هجي.

ملڪ کي هن جو نئون وزيراعظم مبارڪ هجي پر ميڊيا ۾ هن مهل تمام گهڻو ملال آهي. ڇو ته هڪ سلڇڻو ۽ سٺي ساک وارو صحافي سرعام قتل ڪيو ويو آهي. هن جي خون سان ڪيترو انصاف ٿيندو؟ ايترو جيترو هن مهل تائين اجمل ساوند جي خون سان ٿيو آهي!؟ ڇا هن جي قتل سان سکر پار جي پرامن حلقن ۾ هڪ فطري ڏهڪاءُ پيدا نه ٿيو هوندو؟ هن وقت تائين سنڌ جا ماڻهو ساوند جي صدمي مان نه نڪتا هئا ته انهن کي جان محمد مهر جو گولين سان پروڻ ٿيل لاش کڻڻو پيو آهي. ڇا هن رياست ۽ هن رياست ۾ هلندڙ سياست کي معلوم ناهي ته هڪ قلمڪار جو قتل ان ازلي قانون جو قتل آهي، جنهن قانون کان سواءِ انساني معاشرا جنم وٺي نه سگهندا آهن.

جان محمد مهر جو قتل صرف هڪ ماڻهوءَ جو نه پر هڪ سوچ ۽ هڪ فڪر ۽ هڪ فهم جو قتل آهي. اهو قتل پنهنجي وهندڙ سرخ خون سان اها گواهي ڏئي رهيو آهي ته “سکر جي سرحد ۾ انصاف ۽ امن جي داخلا مٿان پابندي عائد ٿيل آهي”

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button