ڪجهه ڏينهن اڳ چونڊيل اسيمبلي پنهنجو مدو پوري چڪي آهي، جنهن کان پوءِ ملڪ ۾ نگران حڪومت قائم ڪئي وئي آهي، تقريبن سڀني صوبن ۾ نگران حڪومتون اچي ويون آهن ۽ نمائندن پنهنجن عهدن جا قسم به کڻي ورتا آهن. نگران حڪومت جو ڪم صاف شفاف چونڊون ڪرائڻ ۾ سهولتڪاري فراهم ڪرڻ هوندو آهي. ان کان سواءِ چونڊون ڪرائڻ ۽ اهي ڪهڙي تاريخ تي ٿينديون، اهو ڪم اليڪشن ڪميشن جو آهي. عام طور اسيمبلين جو مدو پورو ٿيڻ کان پوءِ 90 ڏينهن جي اندر چونڊون ڪرائڻ لازمي هوندو آهي. جيڪڏهن ائين نٿو ٿئي ته اها آئين جي ڀڃڪڙي ليکي ويندي. تازو ملڪ ۾ آدمشماريءَ جا نتيجا سامهون آيا آهن، جنهن کان پوءِ نين تڪبندين جو معاملو آهي. ان حوالي سان سيٽن جو وڌائڻ وارو معاملو به آهي پر اهو اليڪشن ڪميشن جي هٿ وس ڪونهي. اليڪشن ڪميشن رڳو نين تڪبندين تي ڪم ڪري سگهي ٿي.
ان حوالي سان ڪالهه اليڪشن ڪميشن کان سپريم ڪورٽ پڇاڻو پڻ ڪيو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهيءَ ۾ 2 رڪني بينچ اليڪشن ڪميشن جي سنڌ ۾ صوبائي تڪبندين خلاف درخواستن تي شنوائي ٿي، جنهن دوران چيف جسٽس پاڪستان ريمارڪس ڏنا ته تڪبنديون عوامي مفاد جو معاملو آهي، سپريم ۾ ڪئين ڀيرا تڪبندين جو معاملو اچي چڪو آهي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته اليڪشن ڪميشن تڪبنديون شفاف طريقيڪار سان ڪري، تپيدار سرڪل کي ٿورو به متاثر ڪرڻ سان اميدوار کي ملندڙ ووٽ متاثر ٿيندا آهن. سنڌ جون تڪبنديون حساس آهن. سنڌ کان اها شڪايت رهي آهي ته اتي تڪبنديون صحيح ڪونه ٿيون آهن. چيف جسٽس اهو پڻ پڇيو ته اليڪشن ڪميشن عام چونڊون ڪڏهن ڪرائي رهيو آهي، جنهن تي ڊي جي لا اليڪشن ڪميش ڪلها لوڏيا. چيف جسٽس چيو ته يعني اڃا تائين چونڊن جي ڪا تاريخ طئي ڪونهي ٿي. ان مان ائين لڳي رهيو آهي ته اليڪشن ڪميشن اڃا اهو طئي ئي ڪونه ڪيو آهي ته اها چونڊون ڪڏهن ڪرائڻ ٿي چاهي. جڏهن ته چونڊون ڪرائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي ان کان اڳ واري مرحلي تي ڪم ڪرڻو آهي، اهو مرحلو تڪبندين جو آهي. جيڪڏهن اهو مرحلو اليڪشن ڪميشن بهتر نموني طئي ڪري ٿي وٺي ته پوءِ ڪو جواز نٿو بچي ته چونڊون نه ڪرايون وڃن يا چونڊن ۾ اجائي دير ڪئي وڃي، ڇاڪاڻ ته ڪنهن به چونڊيل حڪومت جي وڃڻ کان پوءِ چونڊون ڪرائڻ لازمي هوندو آهي ۽ اهي چونڊون مقرر وقت تي ڪرائڻ هڪ آئيني ۽ قانوني گهرج پڻ آهي.
اسين سمجهون ٿا ته اليڪشن ڪميشن کي پنهنجي ذميوارين کان بلڪل نٽائڻ نه گهرجي. ڇاڪاڻ ته هن وقت سڄي ملڪ ۾ ان معاملي تي بحث ٿي رهيو آهي ته چونڊون مقرر وقت تي ٿينديون يا ڪونه ٿينديون. انهن سڀني خدشن کي ختم ڪرڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ۽ هڪ واضح موقف ڏيڻو پوندو. عام ماڻهو به چونڊون ٿو چاهي. ملڪ ۾ جيڪا سياسي بي چيني لڳي پئي آهي، ان جو خاتمو ٿيڻ ضروري آهي. ملڪ هڪ پاسي معاشي طور تباهه حال آهي ته ٻئي پاسي ڪا سياسي چرپر ڪونه پئي ٿئي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته مقرر وقت تي چونڊون ڪرائڻ لاءِ رياست سمورا وسيلا ڪتب آڻي ته جيئن ملڪ جون سياسي ۽ معاشي حالتون بهتر ٿي سگهن.