ميان شهباز شريف واري اتحادي سرڪار جا جيئن ئي ڏينهن پورا ٿيا ته سنڌ جي سوشل ميڊيا جي پوسٽن جي تمام وڏي اڪثريت پيپلز پارٽي مان جِند آجي ٿيڻ واري سرهائي سان سرشار نظر آئي. پيپلز پارٽي جيڪا پي ڊي ايم سرڪار جي مُکيه اتحادي پارٽي رهي ۽ ان کان هٽي ڪري سنڌ ۾ پورا پندرنهن سال تخت پڻ سندس هٿ ۾ رهيو، تنهن جي وفاق توڙي سنڌ ۾ ڪارڪردگي جي سمورن پاسن کان ڇنڊڇاڻ هر صورت ۾ ٿيڻ گهرجي ۽ جتي به پيپلز پارٽي سنڌ سان ڪنهن به معاملي ۾ ويساهه گهاتي ڪئي آهي ته ان جو هر حوالي سان احتساب لازمي ٿيڻ گهرجي پر حيرت رڳو ان ڳالهه تي ٿئي ٿي ته چڱا ڀلا سمجهه ڀريا ماڻهو پيپلز پارٽي جي سنڌ مان حڪومت ختم ٿيڻ واري ڏينهن کي جشنِ آزادي جو ڏينهن قرار ڏيندا رهيا!! ڇا واقعي ايئن ئي آهي؟ منهنجي خيال ۾ انهي سوال تي هاڻ گهڻ پاسائون سنجيده بحث ٿيڻ گهرجي.
اصل ۾ معاملو آهي ئي اهو ته اسان جون اڪثر قومي فڪر واريون پارٽيون ۽ ڪجهه ترقي پسند حلقا عوام ۾ جيئن رڳو پيپلز پارٽي خلاف موقف عام ڪرڻ ۾ جُٽيل رهن ٿا، تنهن جو فائدو کين ذاتي طور يا سندن سياسي پروگرام ۾ ڪيترو پيو اٿن، تنهن جي ته خبر کين ئي هوندي پر سنڌ کي جيڪو ٻِٽو نقصان ٿيو آهي، تنهن جو ڪاٿو هاڻ هر صورت ۾ ان ڪري ٿيڻ گهرجي. ڇاڪاڻ جو سنڌ اڄ ان موڙ تي پهچي چڪي آهي، جنهن ۾ سنڌ سميت سموري ملڪ جي مظلوم قومن ۽ طبقن جي وسيلن توڙي اختيار جي ڦُرلُٽ ڪندڙ اصل مقامي قوتن ۽ ان کان اڳيان عالمي سامراج جي نشاندهي نه ڪئي وئي ته ڪجهه به نه بچندو. مثال طور هينئر جيڪو سنڌ جي زمينن ۽ پهاڙن جي والار وارو معاملو هلي رهيو آهي، تنهن جي پويان اصل طاقتون ڪهڙيون آهن؟ پيپلز پارٽي ته ان معاملي ۾ ٿي مقامي سهولتڪار پر ان جي مٿان ۽ جيڪي پيپلز پارٽي جي مٿان آهن تِن جي به مٿان ڪير آهن!؟ جيڪڏهن اسان ان سموري استحصال جي عالمي ڳٺجوڙ جي نشاندهي ڪري، عوام ۾ پنهنجي ديس ۽ ان جي وسيلن جي دفاع واري سجاڳي نه آندي ته پوءِ هي اسان جي قومي، عوامي ۽ طبقاتي جدوجهد ڪهڙي ڪم جي؟ هاڻ اچو ته ان ڳٺجوڙ جي حصيدارن جي نشاندهي ڪريون ته جيئن معاملو واضح ٿي سگهي.
هن وقت سنڌ جي وسيلن ۽ اختيار تي جيڪا تيزي سان والار نظر اچي ٿي، تنهن ۾ هيٺيون قوتون شامل آهن.
- عالمي سامراج، 2. اسٽبلشمينٽ، 3. جاگيردار/سرمائيدار، 4 آفيسرشاهي. هاڻ ان ۾ پاڻ پيپلز پارٽي، جيڪا هن وقت جاگيرداري مفادن جي محافظ بڻيو بيٺي آهي، تنهن کي رڳو نشانو بڻائينداسين ته ڇا سنڌ بچي پوندي؟ فرض ڪريو سنڌ جي ايندڙ حڪومت پيپلز پارٽي کي نٿي ملي ۽ ان جي جاءِ تي گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس، ايم ڪيو ايم يا انهن سان گڏ ڪجهه ٻيا ڍنڍ جا پکي گڏائي ڪا ٻي حڪومت جوڙائي ٿي وڃي ته پوءِ ڇا توهان سمجهون ٿا ته ڪاڇي کان وٺي ڪارونجهر تائين سنڌ جي سون وَرنين زمينن ۽ بي بها پهاڙن مٿان مارين جا جيڪي لامارا آهن، سي رُڪجي ويندا؟ ظاهر آهي ان سوال جو واضح جواب نه ۾ آهي. بلڪ آئون سمجهان ٿو ته اها حڪومت سنڌ لاءِ پيپلز پارٽي جي وڏيرن واري لوڌ کان به ويتر وڌيڪ هاڃيڪار هوندي. ڇاڪاڻ جو پيپلز پارٽي وري به عوامي دٻاءُ کي ڏسندي ڪافي اهڙن فيصلن کان پوئتي هٽندي به رهي آهي جيڪي فيصلا سنڌ جي اڪثريتي عوام رد ڪيا آهن پر انهن سمورين حڪومتن جو رڪارڊ کولي ڏسبو، جيڪي پيپلز پارٽي جي متبادل طور سنڌ مٿان اسٽبلشمينٽ طرفان مڙهيون ويون، ته انهن حڪومتن ته سنڌ کي ماڳهين تباهه ڪري رکيو. ڇا اسان توهان کان آمر مشرف وارو دور وسري ويو آهي!؟ ايم ڪيو ايم کي مڪمل آڳ واڳ ڏيئي، ان سان ڪجهه ڳيجهو وڏيرا ملائي، سنڌ جي قومي تشخص ۽ اختيار کي جيئن ميسارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي سو ڪڏهن وسري سگهي ٿو؟ تنهن ڪري سنڌ جي قومي،طبقاتي شعور کي پيپلز پارٽي جي جاگيردارن سان گڏ سنڌ ۾ مجموعي طور سموري جاگيرداري نظام، ان نظام جي رکوال مقامي اسٽبلشمينٽ ۽ مقامي اسٽبلشمينٽ جون نگران اصل عالمي سرمائيدار قوتون انهن سڀني حصيدارن جي هڪ ئي وقت نشاندهي ڪندي، انهن خلاف گڏيل جدوجهد ڪرڻي پوندي. باقي هي جيڪو ٻُوٽي حرام ۽ رَهو حلال وارو رويو آهي، تنهن سان نه ته ڪالهه ڪو سنڌ کي فائدو ٿيو ۽ نه اڄ يا سڀاڻي ان روش مان ڪوئي کڙ تيل نڪرڻو آهي.