ِآثارن مان لڳي ٿو ته نگران حڪمرانن کان ان حد تائين بيزار ٿي چڪو هوندو جو کيس لڳندو ته بس مڙئي هڪ نه ٻيو اڳيان اچي. اقتدار ڪنهن نئين حڪمران کي منتقل ڪيو وڃي. اهو نئون حڪمران ڀل اڳ ئي آزمايل حڪمرانن منجهان ڇو نه هجي. ظاهر آهي نگران حڪمرانن کان اهڙا سخت فيصلا وٺڻ ۽ عوام کي سختين سان منهن ڏيڻ لاءِ تيار ڪرڻ جو پهريون شرط ڏنڊا بردارن کي وڌ کان وڌ اختيار سونپيو وڃي ته جيئن اهي ممڪنه عوامي مزاحمت کي سختيءَ سان ڪُچلي سگهن. ان کان علاوه اهو به ضروري آهي ته نگران حڪمرانن کي 90 ڏينهن جي آئيني پابنديءَ کان آجو ڪري ڇڏجي. سندن اقتدار کي جيڪڏهن ڪجهه سالن جي نه تڏهن به ڪجهه مهينن جي ايڪسٽينشن ته ضرور ڏني وڃي. ان ايڪسٽينشن بابت خوف ۽ خدشا ته اڳ ئي اظهاريا پئي ويا پر خاص ڪري جڏهن گذريل پارليامينٽ کان ويندي ويندي به قانونن جي ڳنڍڙي منظور ڪرائي وئي جنهن جو مثال پاڪستان جي تاريخ ۾ موجود ڪونهي، تڏهن هر ڪنهن کي پڪ پئجي وئي ته نگران حڪومت 90 ڏينهن لاءِ نه پئي اچي. ايندڙ عام چُونڊون تازي آدم شماريءَ مطابق ڪرائڻ واري ڳالهه به ڪئي وئي آهي جنهن جو مطلب آهي اليڪشن ڪميشن کي گھٽ ۾ گھٽ چار مهينا رڳو نئين سر تڪبندين لاءِ گھرجن. نگران وزيرِ اعظم لاءِ جنهن شخصيت جو نالو سامهون آيو ان به هر ڪنهن کي حيران ڪري ڇڏيو. پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه ته اهڙي حيرت جو اظهار به ڪري وڌو. اها ٻِي ڳالهه آهي ته جلد ئي ان بيان تان ڦري به ويو پر جيڪو چوڻو هو سو چئجي به ويو. هڪ اهڙو ماڻهو جيڪو 2021 ۾ ئي جعلي اين جي او ذريعي ڪرپشن ڪرڻ جي ڪيس ۾ نيب وٽ ڦاٿل هو اهو نگران وزيرِ اعظم بڻجي ويو. پر هن ملڪ ۾ اها ڪا اڻ ٿيڻي ڳالهه ڪانهي. هتي ته خون جي ڪيس ۾ گهربل يا سزا کاڌل ماڻهو به وڏين ڪرسين تي ويهجي ويندا آهن. نگران وزيرِ اعظم جي نالي جو اعلان مدو پورو ڪندڙ وزيرِ اعظم شهباز شريف نه پر قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي نالي ماتر اڳواڻ راجه رياض هٿان ڪرايو ويو. اها به عجيب ڳالهه آهي ته هڪڙي زماني ۾ اک جو تارو ۽ ملڪ جو سمارٽ وزيرِ اعظم رهندڙ عمران خان ٻئي زماني ۾ قومي اسيمبليءَ اندر مخالف ڌر جي اڳواڻ جي حيثيت ۾ به قبول نه آهي. پاڻ عمران خان ته ٺهيو سندس پارٽيءَ جو ڪو ماڻهو به ان عهدي تي قبول ڪونهي. عمران خان سان اهڙي حالت ڪندڙ اسٽيبلشمينٽ کي سڃاڻڻ بدران ان جي هٿن ۾ کيڏڻ واري نواز ليگ، پيپلز پارٽي ۽ جي يو آئي سان به ڌڪ ٿيڻو هو سو ٿي ويو. يعني انهن جي پسند جو نگران وزيرِ اعظم نه آيو. جنهن ڪري شيرون ڪا شڪاري به اڃان تائين سڪتي ۾ آهي. نگران سيٽ اپ ڪيترو بااختيار هوندو ۽ ڪيتري مدي تائين حڪومت ڪندو رهندو ان باري ۾ اليڪشن ڪميشن مڪمل طور تي خاموش آهي. اهڙي نموني سيڪيورٽي ادارن جي پٺڀرائيءَ سان نگران سيٽ ايپ جيترو ڊگهو هلندو جمهوري طور تي چونڊجي آيل نئين حڪومت کي اقتدار ڏيڻ وارو عمل اوترو پوئتي ڪيو ويندو رهندو. گذريل اتحادي حڪومت کان ڪجهه اهڙا قانون منظور ڪرايا ويا هئا جن جي ٻَلَ تي هاڻوڪي نگران حڪومت سخت ۽ عوام دشمن فيصلا ڪرڻ جو اختيار رکي ٿي. اهڙا فيصلا به جن جو تعلق پاليسي سازي ۽ ڊگهي مدي جي حڪمت عمليءَ وارن سوالن سان آهي. حالانڪه اصولي طور تي اهي فيصلا ڪرڻ جو اختيار ڳري اڪثريت سان کٽي آيل حڪومت وٽ ئي هئڻ گھرجي. جنهن ۾ خاص ڪري پرڏيهي حڪومتن ۽ ادارن يعني چين، آمريڪا ۽ آئي ايم ايف سان معاهدا ڪرڻ جي حوالي سان آهي.
ٻڌايو پيو وڃي ته ملڪ هن وقت تاريخ جي سڀ کان ڏکئي دور منجهان گذري رهيو آهي. پر اهڙي مصيبت منجهان ڪڍڻ جو رستو وري سياست يا جمهوريت بدران ٽيڪنوڪريٽ سيٽ اپ منجهه ڳوليو پيو وڃي. اها ڪوشش ٿي رهي آهي ته نگران حڪومت جنرل ضيا الحق واري غير جماعتي فارمولي تحت جوڙي وڃي ته جيئن سياست کي سياست کان پاڪ ڪيو وڃي. ٻين لفظن ۾ سڀ ڪجهه انهن جي قبضي ۾ هجي جيڪي ظاهري طور تي پنهنجو پاڻ کي سياست کان ڌار ڪرڻ جون دعوائون به ڪندا رهن ٿا. سوال اهو آهي ته ڇا ٽيڪنوڪريٽ ۽ سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ جي گڏيل حڪمرانيءَ ذريعي ملڪ کي بحران منجهان ڪڍي سگهبو؟ يقينن نه. ڇاڪاڻ ته سياسي بحران کي ختم ڪرڻ جو ذريعو سياست هوندي آهي غير سياسي طريقي سان اهو مقصد هرگز نه ٿو ماڻي سگهجي. اهڙي نموني معيشت جي بحران کي حل ڪرڻ لاءِ عوام دوست فيصلن جي ضرورت آهي. ڊگهي مدي واريون پاليسيون جوڙڻ جي ضرورت آهي. آئي ايم ايف جي هدايتن تي عمل ڪري يا وري سڀ ڪجهه اڻ چونڊيل اڻ سکيل ماڻهن يا ادارن جي حوالي ڪرڻ سان معاملا نبرڻ بدران وڌيڪ خراب ٿيندا جن جو حل پوءِ شايد ڪنهن وٽ به نه هجي. هن ملڪ اندر پنهنجي هوڏ تي قائم رهندڙ سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ اڳ ئي ڏاڍا خراب نتيجا ڀوڳيا آهن پر ان هوندي به نڪ جي سِڌ ۾ هلڻ واري سندس عادت نه ٿي وڃي. سياست جا دروازا بند ڪرڻ ۽ سياستدانن کي گوڏي جو گاهه سمجهڻ جي ڪري ئي ملڪ اڳ به ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو هو. اڃان به جيڪڏهن ان چال کي ٺيڪ ڪرڻ جي نيت ڪانهي ته پوءِ هر طرح سان ورهايل ۽ معاشي توڙي تعليمي لحاظ کان پٺتي پيل ملڪ کي شام ۽ عراق يا لبيا ۽ افغانستان جيان جنگ جو ميدان بڻجڻ کان ڪير به روڪي نه سگهندو. عوام ۾ مقبوليت رکندڙ سياسي اڳواڻن کي ميدان منجهان ڪڍي ڇڏڻ يا سياسي پارٽين کي ڪم ڪرڻ کان روڪڻ واري پاليسي ملڪ کي مضبوط نه پر ڪمزور ڪندي. جنهن وقت توهان کي ضرورت هوندي ته ڪوئي مقبول عوامي اڳواڻ هجي جيڪو عوام کي سنڀالي جيڪو عوام کي ملڪ جي حمايت ۾ متحد ڪري بيهاري سگهي تڏهن شايد توهان وٽ ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير جهڙا اڳواڻ ته ٺهيو پر عمران خان ۽ زرداريءَ جهڙا اڳواڻ به موجود نه هجن ۽ پوءِ سمجهه ۾ اچي ته يار تمام گھڻي دير ٿي وئي آهي. ان ڪري سياست جا دروازا بند ڪرڻ ۽ سياست ڪارن کي سياست ڪرڻ کان روڪڻ واري پاليسيءَ تي نظر ثاني ڪرڻ جي ضرورت آهي.