پاڪستان هڪ گهڻ پاسائين پيڙا وارو ملڪ آهي. هڪ اهڙو مريض، جنهن کي ڪيترائي مرض وڪوڙي ويا هجن. جڏهن ته هن کي اهي تن طبيب به نه مليا هجن، جيڪي هن جي تڪليف کي گهٽائڻ جي سلسلي ۾ اهو ڪردار دا ڪن، جيڪو کين ڪرڻ کپندو هو.
پنهنجو ملڪ دنيا جو واحد ۽ اڪيلو ملڪ ناهي، جنهن جي حصي ۾ سورن جا سامان آيا. جيڪڏهن اسان دنيا جي تاريخ مٿان سرسري نظر به وجهنداسين ته اسان کي دنيا جو هر ملڪ مصيبتن ڀريون مسافريون ڪرڻ کان پوءِ ڪنهن ترقيءَ جي دڳ تي نظر آيو آهي. اسان ته دنيا جي ملڪن جي ڀيٽ ۾ ايترو ڪجهه ڀوڳيو به ناهي، جيترو دنيا جي ملڪن کي مختلف دورن ۾ سهڻو پيو آهي. مثال طور اسان جو ملڪ انهن جنگين مان نه گذريو آهي، جن مان يورپ جا ملڪ گذريا. مثال طور اسان جي ملڪ ايتري بک برداشت نه ڪئي آهي، جيتري آفريڪا جي ملڪن جي حصي ۾ آئي. اسان جي ملڪن ۾ قدرتي آفتون به آيون آهن پر انهن جو مقدار انهن ملڪن جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻو گهٽ آهي، جن ملڪن لاءِ جياپو هڪ تمام وڏي للڪار ۽ چئلينج بڻجي ويو. ان حوالي سان اسان هڪ خاص مقدار ۾ خوشنصيب به آهيون ۽ ساڳي طرح سان بدنصيب به! ڇو ته دنيا جي اڪثر ملڪن جيڪي به تلخ تجربا ڪيا يا انهن کي جيڪي به ڀوڳنائون برداشت ڪرڻيون پيون، هو انهن مان نڪري به ويا پر اسان جي مصيبت اها آهي ته اسان هن مهل تائين پنهنجي ملڪ کي ان پيڙا مان نڪرندي نه ڏٺو آهي، جنهن پيڙا ۾ هن کي وڌو ويو.
پاڪستان بنيادي طور هڪ بدحال ملڪ نه هو. پاڪستان ڪو اهڙو ملڪ نه هو، جنهن ملڪ کي اها تڪليف هجي ته هن وٽ ڪي فطري وسيلا نه هجن. جنهن جي جاگرافي اهڙي نه هجي جو هن کي تڪليف ۾ رهڻو پوي. پاڪستان دنيا جي انهن ملڪن منجهان آهي، جنهن وٽ تمام توازن واريون ۽ لڳ ڀڳ ساريون موسمون آهن. پاڪستان لينڊ لاڪ (Land Lock) ملڪ به ناهي. پاڪستان ۾ پاڻيءَ جي کوٽ به ناهي. پاڪستان جي مٽي به زرخيز آهي. پر افسوس جي ڳالهه صرف ايتري آهي ته اسان جي حصي ۾ جيڪي حڪمران آيا، انهن اسان جي ملڪ ۽ ماڻهن کي جيڪي بلائون بڇيون، هن مهل تائين پاڪستان انهن مان آجو ٿي نه سگهيو آهي. ان ڪري اسان کي ڪو اخلاقي ۽ سياسي توڙي علمي حق ناهي ته اسان پاڪستان کي وجود ۾ آڻڻ واري مٿان آڱر کڻون. اسان کي جيڪو به ملڪ مليو، جيڪڏهن ان کي فضيلت سان هلڻ نه ڏنو وڃي ها ته هن مهل ائين مصيبتون نه هجن ها، جن اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.
پاڪستان جي تاريخ جو جيڪڏهن سائنسي انداز سان تجزيو ڪيو وڃي ته هن ملڪ جي مٿان جيڪي مهلون آيون آهن. هن ملڪ ۾ جيڪي به مسئلا پيدا ٿيا آهن. انهن جو ڪارڻ سڌي ۽ اڻ سڌي آمريت آهي. جيڪڏهن هن وقت پاڪستان دهشتگرديءَ جو شڪار واحد ملڪ آهي ته ان جو سهرو جنرل ضياءَ جي آمريت جي سر تي سونهين ٿو. جيڪڏهن پاڪستان ۾ معاشي بحران آهي ته ان جو ڪارڻ ملڪ کي پنهنجن پيرن تي بيهڻ ڏيڻ بدران هن کي امدادن ۽ قرضن تي هلائڻ واري اها روش آهي، جيڪا ڪنهن به ملڪ کي خالي ۽ کوکلو ڪري ڇڏيندي آهي. پاڪستان کي جيڪڏهن هن مهل تائين ڪرپٽ ۽ نااهل حڪمرانن جي حوالي نه ڪيو ويو وڃي ها ته ڇا هن ملڪ جو حال اهڙو هجي ها؟
پاڪستان دنيا جو اهو واحد ملڪ آهي، جنهن کي هن وقت تائين تمام برن تجربن مان گذاريو پيو وڃي. اسان کي ان جو احساس ئي ناهي ته ان جا اسان جي ملڪ مٿان ڪهڙا اثر پوندا؟ هر ملڪ جو اهو حق هوندو آهي ته هن کي هڪ منظم ۽ صاف شفاف نظام ميسر هجي. هن کي اهڙو سسٽم ملي جنهن ۾ ان قسم جا ڪروڌ نه هجن، جيڪي بار بار اسان جي ملڪ ۾ ڀري اچن ٿا ۽ ڪنهن کي اهو سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته آخر انهن جو حل ڪهڙو آهي؟ ڇو ته اسان کي هڪ مصيبت مان ٻي مصيبت ڏانهن جيڪو سفر ڪرڻو ٿو پوي. اسان کي ساهه کڻڻ جي وٿي به نه ٿي ملي ته اسان اجتماعي طور سوچي ۽ سمجهي ڪو اهڙو فيصلو ڪري سگهون، جنهن سان ملڪ جي ڪشتي ڪنڌيءَ لڳي.
پاڪستان گهڻن گهنگهرن ۾ ڦاٿل ملڪ آهي. معاشيات هجي يا سياسي نظام هجي! امن امان جي صورتحال هجي يا دنيا ۾ ملڪ جو وقار يا دنيا جي ملڪن ۾ مثبت يا منفي طرح سان اسان جي ملڪ جو شمار هجي! اهو سڀ ڪجهه اسان جي ملڪ ۽ ملڪ جي عوام جي مفاد ۾ ٿيندو نظر نه آيو آهي ۽ نه وري هن مهل به ٿي رهيو آهي. پاڪستان هن وقت ٽن رخن ۾ تمام گهڻي دٻاءُ جو شڪار آهي. هڪ ته اسان کي پوري ريت پڪ ناهي ته ملڪ ۾ چونڊون 90 ڏينهن ۾ ٿينديون يا ان جو مدو وڌنڌو يا وڌايو ويندو؟ هن وقت پوري ميڊيا مٿان اهو سوال ڪنهن پريشان ڀوت وانگر لامارا ڏئي رهيو آهي. جڏهن اسان ان ڀوت پريت جي پاپي پاڇي ۾ آهيون ته ان مهل اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته پيٽرول جي قيمت ۾ تمام وڏي اضافي جو اعلان ڪيو ويو آهي.
ملڪ هن وقت غيريقينيءَ جي ٽياس تي ٽنگيل آهي. اهڙي صورتحال ۾ جڏهن ملڪ جي وڏي صوبي ۾ جڏهن ماڻهو مذهبي جذبات ۾ ڀڙڪي پنهنجي ملڪ جي امن امان ۾ انتشار پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته نه صرف پاڪستان داخلي طور شديد درد محسوس ڪري ٿو پر هن لاءِ پرڏيهي يعني بين الاقوامي محاذ تي مصيبتن جا کليل محاذ وڌيڪ تنقيدي حملا شروع ڪري ڇڏين ٿا. جڏهن ته انهن کي اهو احساس به نه ٿو ٿئي ته انهن ملڪن ۾ آزادي به اسان جي غلاميءَ جي زنجيرن کي ڪنهن طرح سان وڌيڪ وڪڙڻ ۾ مددگار ٿي رهي آهي.
پاڪستان جا حڪمران سدائين غيرملڪي سرمائيڪارن کي سڏيندا رهيا آهن ته هو اچن ۽ پاڪستان مان فائدو حاصل ڪن ۽ پاڪستان کي به فائدو پهچائين. جڏهن لاهور ۽ فيصل آباد ۾ اهڙا واقعا ٿين، جهڙا ڪجهه وقت سريلنڪا جي شهريءَ جي حوالي سان ٿيا هئا ۽ جيڪي گذريل ڏينهن جڙانوالا ۾ ٿيا آهن ته هن ملڪ ۾ پنهنجو سرمايو کڻي ڪير ايندو؟ جتي نه ته جان محفوظ هجي يا نه مال! ان طرح سان پاڪستان لاءِ تمام گهڻيون مصيبتون پيدا ٿين ٿيون. ان کانسواءِ جڏهن اسان جي ملڪ ۾ جڙانوالا وارا واقعا ٿين ٿا ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين لاءِ به مسئلن جو مقدار وڌي وڃي ٿو. اسان کي معلوم هجڻ گهرجي ته هر ملڪ جو شهري ٻئي ملڪ ۾ پنهنجي ملڪ جي پٺ محفوظ مسرت محسوس ڪندو آهي. پر اسان لاءِ انهن اقليتن جو ايذاءُ اهم آهي، جن جي عبادتن گاهن جا وڄندڙ گهنڊ پيڙا جو پڙلاءُ بڻجي وڃن ٿا.