انساني تاريخ جو بدترين الميو رهيو آهي ته ملڪ ۽ سماج جي اندر خاص ڪري رياستن جي وجود ۾ اچڻ کان وٺي حڪمرانن جون ڪوتاهيون ڪمزوريون ۽ گناھه جيڪي به ٿيا آهن يا انهن جيڪي به ڪيا آهن ۽ هن وقت تائين ڪندا رهن ٿا انهن جي تقريبن سزا حڪمران طبقي جي ماڻهن کي ملڻ جي بجاءِ اها سزا عوام ڀوڳي آهي ۽ هاڻي به ڀوڳي رهيو آهي انهيءَ ۾ صرف فرق ايترو آهي ته حڪمران طبقي جي پنهنجن اندروني اقتداري جھيڙن ۾ جن کي اسين اندروني تضاد سڏيندا آهيون ڪڏهن ڪڏهن ٽڪراءَ ان حد تي پهچندا آهن جو انهيءَ ۾ ڪمزور ٿيندڙ ڪجھه فرد سزائن جي زد ۾ اچي ويندا آهن ۽ ڪي وڌيڪ سزا ڀوڳيندي قتل به ٿي ويندا آهن اڪثر اهڙن واقعن ٿيڻ کان پوءِ تاثر هي ڏنو ويندو آهي ته هن جھيڙي ۾ سزا کائيندڙ جو اصل ڏوھه “اصول پرستي ۽ عوام دوستي جو هو” جڏهن ته تاريخ جي تحقيق باآساني اسان کي هي سمجھائي ۽ ٻڌائي ٿي ته اصول پرستي ۽ عوام دوستي جو يا وطني پرستي جو عنصر تمام گھٽ ۽ آڱرين تي ڳڻڻ جيترن مثالن ۾ ڏئي سگھجي ٿو.
غلامانا دور جي گذرڻ کان پوءِ يعني جنهن کي اسان ڪالونيل دور سڏيون ٿا ان ڪالونيل دور جي گذرڻ کان پوءِ ڪهڙي رياست آهي جنهن غلامي جي ذلت کي آڻيندڙن ۽ طاقت بخشيندڙن غدارن کي سزا ڏني هجي نه رڳو ايترو پر وقت گذرڻ سان يعني ڪالونيل دور جڏهن جديد ڪالونيلزم ۾ داخل ٿيو ته اهوئي ٽولو جيڪو پهريان مراعت يافته هيو سو سياسي سگھارو بڻائي عوام تي مسلط ڪيو ويو ۽ سامراجي طاقتن انهن جي وسيلي آزاد ٿيندڙ ملڪن جو ٻيهر استحصال ڪرڻ شروع ڪيو ۽ اڄ جي جديد دور ۾ به اهو استحصال پنهنجي شدمد سان جاري آهن جنهن ۾ هڪ طرف معاشي ڦرلٽ ٿئي ٿي ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ وسيلن جي ڀيل عوام جي حب الوطني ۽ شعور کي ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ نسلي ۽ مذهبي نفرتن جي ورڇ عام جام ۽ معمول تي نظر ايندي حڪمران طبقي جي ان استحصالي ڪلچر ۽ حڪمتِ عملين غريب ملڪن جي حڪمران ٽولن کي ايترو چابق دستي سان چالاڪ ڪري ڇڏي آهي جو هو ملڪ جي اندر سياسي حڪمراني جي اندر طور طريقن کي مڪمل پنهنجن مفادن سان جوڙي ۽ وڏي بيشرم بيهودگي سان بليم گيم جي تماشو شروع ٿا ڪري ڏين ان تماشائي ميلي ۾ انهن جو شور ايترو آ جو عوام جي دانهن ڪوڪ حق ۽ سچ جو عوام ٻڌڻ ۾ ئي نٿو اچي.
مثال هن رياست جي اندر ڪهڙو حڪمران ٽولو اهڙو گذريو آهي جنهن معيشت جي ذلتي طوق کي ٽيڪسن جي صورت ۾ عوام تي مسلط نه ڪيو هجي عالمي ادارن کان قرض وٺڻ، پنهنجي عياشين تي خرچ ڪرڻ، ترقياتي ڪمن جي اندر بد کان بدتر طريقي سان ڪرپشن ڪرڻ، حڪومت جي مالياتي فنڊن مان کائڻ، قرض کڻڻ وري قرض معاف ڪرائڻ، بد کان بدترين ڪرپشن جي ڌنڌي کي وڌائيندي دنيا جي ڪمپنين کان ڪروڙن ۽ اربين روپين وٺڻ جي روز جو رڳو معمول ناهي پر ايندڙ هر حڪومت جي حڪمت عملي اها رهي آهي ته تنقيد ماضي جي گذريل حڪومت تي ڪيو پر سزا مهانگائي ۽ ٽيڪس عوام کان وصول ڪيو.
پنهنجي طبقي جي مفادن جو تحفظ ڪندي حڪمران ٽولا بد کان بدتر معاشي حالتن ۾ به پنهنجي طبقي تي ٽيڪس لڳائڻ جي لاءِ تيار نظر نه ايندا. حب الوطني جي دعويٰ ڪرڻ وقت ته اڀ ڏاري ڇڏيندا پر ازالو ٽي ٽڪي پيسي جو به ڪرڻ لاءِ تيار ناهن ٿيندا.
ڪا به حڪومت نه مارڪيٽ جي قيمتن تي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ اڳتي وڌي ٿي ۽ نه وري عملي طرح ڪرپشن کي روڪڻ جي لاءِ ڪي سخت ۽ ڳريون سزائون ڏيڻ جو مثال ٿي قائم ڪري هن ملڪ ۾ ئي اهي معجزه ٿيا آهن جو نيب جهڙا ادارا جوڙي ڪروڙين ۽ اربين روپيه کائي هلڪي پرسنٽيڪ واپس ڪري ڪرپشن ڪندڙ ۽ احتساب ڪندڙ پاڻ ۾ خير جي دعا گهري پاڻ کير کنڊ ٿا ٿي وڃن معيشت جو ٻيڙو ٻوڙيندڙ ۽ ڦريندڙ عياشين ۾ آهن ۽ ائين ئي هن رياست جي اندر بدترين ڏوھه ڪندڙ جن ۾ ڌاڙا ڦريون اغوائون قتل ۽ دهشتگردي جا واقعا ڪندڙ موجن ۾ پيا گذارن ۽ انهن حڪمرانن جي گناهن جون سڀ سزائون صرف ۽ صرف عوام پيو ڀوڳي.