ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڪلائيميٽ چينج، گلوبل وارمنگ ۽ دنيا جو آئندو-II

Editorial-Article-Yousif Bhutto

تازو ئي ڪجھه عرصي کان موسمياتي تبديلين (Climate Change) جي ڪري ماحوليات جنھن نموني ۽ تيزي سان تبديليءَ جي سانچي مان گذري آھي اھو حيران ڪرڻ سان گڏ نھايت ڳڻتيءَ ڀريو آھي. ھي ڪلائيميٽ چينج جا ئي اثر آھن جو گذريل سياري 2022ع ـ 2023ع دؤران دنيا، عرب ملڪن جي صحرا ۾ برف باري ڏٺي. ايشيا ۽ يورپ کان وٺي آمريڪا تائين شديد برف باري جو نئون ۽ ڊگھو سلسلو به ڏٺو، جنھن سڀ ڪجھه مفلوج ڪري ڇڏيو ۽ ڪار وھنوار ٺپ ٿي ويو ھو بلڪ اھو سلسلو ھر سال وڌي پيو. وري گرمين ۾ نه رڪجندڙ شديد برساتون، ٻوڏون ۽ لينڊ سلائيڊنگ جا سلسلا دنيا ۾ ڏسڻ ۾ آيا. ڪلائيميٽ چينج حقيقت ۾ سڀ ڪجھه تبديل ڪندي پئي رھي. ائين ٿو لڳي دنيا موسمياتي تبديلين جي مختلف ۽ پُر خطر ڪيفيتن مان مسلسل گذري رھي آھي جنھن موسميات سان لاڳاپيل سائنسدانن ۽ اھلِ شعور و فڪر کي ڇرڪائي وڌو آھي. ايتريقدر جو ھاڻي عام ماڻھو به ھنن مسلسل موسمي تَغَيُر تي پريشان آھي پر اھا الڳ ڳالهھ آھي جو عام ماڻھو ان جا اسباب سمجھڻ کان قاصر آھي.
ڌرتيءَ تي ھر سال تپش ۾ واڌ جو سبب
اسان جي ڌرتي جي گولي جو گرم ٿيڻ وارو ھڪ انتھائي اھم سبب فضا ۾ ڪاربان ڊا آڪسائيڊ جي مقدار جو وڌڻ آھي. اھو انساني سرگرمين جي ڪري ٿيو آھي. ائين به ناھي ته ھيءَ ڪا فائديمند گئس ناھي، ھيءَ گئس ڪرہ ارض جو درجہ حرارت صحيح رکڻ ۾ مدد ڏي ٿي ۽ سج مان ايندڙ ڪجھه تپش کي زمين جي فضا ۾ جڪڙي وٺي ٿي. ڪاربان ڊا آڪسائيڊ نه ھجي ته اسان جو سيارو ايڏو ٿڌو ٿي وڃي جو ھتي زندگي ممڪن نه ٿئي. بي سي سي اردو جي ھڪ رپورٽ موجب ”ھيءَ گئس ڌرتي جي ڪرہ ارض جي گرمي پد کي صحيح رکڻ ۾ مددگار آھي پر قدرت تمام نازڪ توازن تي ڪم ڪري ٿي. انساني سرگرمين فضا ۾ ھن گئس جي مقدار کي وڌائي ڇڏيو آھي. سج جي تمام گھڻي تپش فضا ۾ رڪجي پوي ٿي، جنھن ڪري اسان جو سيارو وڌيڪ گرم ٿيندو وڃي ڪاربان ڊا آڪسائيڊ جي وڌڻ ۾ ڪوئلي تي ھلندڙ بجلي گھر، ڪارخانا، جھاز، گاڏيون، فصلن کي باھيون وغيرہ شامل آھن“ بي بي سي اردو جي ان رپورٽ ۾ اڳتي اھو به واضح ڪيل آھي ته ”ان ڪري ڪرہ ارض تي زندگي قائم رکڻ جي لا اسان کي ھن گئس جي اخراج کي محدود ڪرڻو پوندو.“
ٻين لفظن ۾ ائين چئي سگھجي ٿو ته انسان ان وقت تائين ڌرتي تي پنھنجو وجود برقرار رکي سگھي ٿو جڏھن ڌرتي جو گرمي پد اعتدال ۾ رھي ۽ ان لا ضروري آھي ته مذڪورہ گئس جي اخراج لا ھنگامي بنيادن تي ڪوششون وٺي ان کي محدود ڪيو وڃي.
ڌرتي جو گرمي پد ڪيئن ۽ ڪڏھن کان وڌڻ شروع ٿيو؟
تاريخ سان لاڳاپيل واقف ڪار ماڻھو بخوبي ڄاڻن ٿا ته ارڙھين صدي عيسوي ۾ جڏھن کان يورپ ۾ صنعتي انقلاب آيو ڪابان ڊا آڪسائيڊ جو توازن بگھڙڻ شروع ٿيو. نه ته ان کان اڳ ماحوليات جو نظام صدين کان خوش اسلوبي سان قائم رھيو پئي. انگلينڊ کان صنعتي انقلاب جي ابتدا ۾ ھن نظام ۾ خلل پوڻ شروع ٿيو. وائيس آف آمريڪا جي ھڪ رپورٽ موجب ”1760ع جي لڳ ڀڳ جڏھن انسان پھرين مشين ٺاھي ۽ ان دونھون اوڳاڙڻ شروع ڪيو ته ان سان قدرت جي نظام ۾ خلل پوڻ شروع ٿيو. جيئن جيئن فضا ۾ ڪاربان گئسن جي مقدار وڌي رھي آھي زمين به غصي سان گرم ٿيندي پئي وڃي“ انھيءَ رپورٽ ۾ اڳتي بيان ڪيل آھي ته ”ڪاربان گئسن جو ھڪ وڏو نمايان حصو صنعتي ۽ ترقي يافته ملڪ خارج ڪندا آھن، جن ۾ آمريڪا ۽ ڪئين يورپي قومون شامل آھن پر حاليه سالن ۾ چين ۽ ڀارت به سڀ کان وڌيڪ ڪاربن گئسون خارج ڪرڻ وارن ملڪن جي صف ۾ شامل ٿي ويا آھن. چين ۽ ڀارت ۾ گھڻي قدر بجلي گھر ڪوئلي سان ھلن ٿا.“
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس نيويارڪ ۾ ھڪ بريفنگ جي دؤران نون خطرن طرف اشارو ڪندي اھم ڳالھيون ڪيون. ھن چيو آھي ته ”اسين گلوبل وارمنگ جي دؤر کان اڳتي نڪري چڪا آھيون، ھاڻي اسان جي سامھون عالمي سطح تي زمين جي ٽَھڪڻ جو منظرنامو آھي. ان سڄي دنيا جي ملڪن تي زور ڏنو آھي ته اھي خطري جو ادراڪ ڪندي ڪاربن گئسن جي اخراج تي قابو آڻڻ ۽ انھن کي ٻڙي تي آڻڻ جي لا سنجيدہ قدم کڻن.“
اسان جو خيال آھي ته دنيا ۾ جنگيون شايد ڪنھن طرح سان رڪجي به وڃن، ويڙھه جھڙا مسئلا نبيرڻ لا ڳالھين جا در کلي به وڃن پر گلوبل وارمنگ جا ھاڃا قابو ۾ اچڻ شايد اڃان به ڏکيا آھن.
عالمي بئنڪ جي ھڪ رپورٽ ۾ حيرت انگيز ڳالھيون سامھون آيون آھن. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آھي ته دنيا جي 74 غريب ملڪن جو گڏيل طور تي ڪاربن گئسن جي اخراج ۾ حصو 10 سيڪڙو کان به گھٽ آھي. حيرت جي ڳالهھ اھا ته ماھرن جي اندازن موجب پاڪستان جو گلوبل وارمنگ ۾ حصو 0.4 سيڪڙي کان به گھٽ آھي جڏھن ته گلوبل وارمنگ جي نتيجي ۾ گذريل سال جي شديد بارشن ۽ ٻوڏن سبب ان کي 30 ارب ڊالرن کان وڌيڪ نقصان کڻڻو پيو.
مشھور عالمي خابرو اداري الجزيرہ ڪلائيميٽ چينج جي حوالي سان ھن ريت مختلف رپورٽس شايع ڪيون آھن:
“Extreme heat sweeps the world from Europe to the US and Japan”
ترجمو: ”شديد گرمي يورپ کان وٺي آمريڪا ۽ جاپان تائين دنيا کي پنھنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو“
“Experts warn of health risks as extreme heat sweeps the globe”
ترجمو: ”ماھر صحت کي لاحق خطرن کان آگاھه ڪري رھيا آھن ڇو ته شديد گرمي دنيا کي پنھنجي وڪڙ ۾ وٺي رھي آھي“
الجزيرہ Las Vegas weather service جي موسم جي حوالي سان وارننگ جو به حوالو ڏنو جنھن مان ھڪ سٽ ھن ريت ھئي:
“Now the most intense period is beginning”
ترجمو: ”ھاڻي سڀ کان سخت دؤر شروع ٿي رھيو آھي“
ان سلسلي ۾ ساڳئي رپورٽ ۾ يونيورسٽي آف ريڊنگ ۾Climate Science جي پروفيسر رچرڊ ايلن جو بيان به ڇپيو آھي. جنھن الجزيرہ سان ڳالھائيندي چيو ته:
“Weather patterns are more severe than they usually would be, because of the greenhouse gases we’ve been pumping into the atmosphere due to human activity”
ترجمو: ”موسم جا نمونا ان کان وڌيڪ شديد آھن جيترو اھي عام طور تي ھوندا آھن، ڇو ته گرين ھائوس گيسز جي سبب اسين انساني سرگرمين جي باعث فضا ۾ پمپنگ ڪري رھيا آھيون“
ان کان علاوہ دنيا جي ماحوليات جي تباھي ۽ خطرناڪ حد تائين وڌيل گرمي پد جو اندازو يورپي يونين جي موسميات جي اداري ڪوپرنيڪس جي ڊائريڪٽر ڪارلو بونٽيمپو جي ان بيان مان به بخوبي ڪري سگھجي ٿو، جنھن ۾ ھو چوي ٿو ”صرف خشڪي ئي نه بلڪ سمنڊ به تيزي سان گرم ٿي رھيا آھن جنھن سان ايل نينو جي قدرتي عمل ۾ خلل پئجي رھيو آھي ۽ طوفان جنم وٺي رھيا آھن. اينٽارڪٽيڪا ۾ برف کي پھچڻ وارو رڪارڊ نقصان پريشان ڪندڙ آھي. ان جو وڌيڪ چوڻ ھو ته ھاڻي ته ائين محسوس ٿئي ٿو ته جيئن موسم گرم نه ٿي ٿئي بلڪ ان کي چريائپ جو دورو پيو ھجي.“
ھتي اسان کي ھڪ آمريڪي عورت مفڪر ۽ ماھر بشريات (Anthropologist) مارگريٽ ميڊ (1901ع ـ 1978ع) جا لفظ ٿا ياد پون.
“We won’t have a society if we destroy the environment”
ترجمو: ”جيڪڏھن اسان ماحول کي تباھه ڪري ڇڏيو ته اسان جو معاشرو نه ھوندو.“
ھنن لفظن ۾ جھرڪندڙ سچائي کي سمجھڻ جي ضرورت آھي. انسان معاشري سان ۽ معاشرا ماحول سان ھوندا آھن. وقت اڃان ويو نه آھي جو ڪاربن گئسز تي ضابطو آڻي انھن کي ٻُڙي تي آڻجي. تڏھن ئي ماحوليات ۽ معاشرا يعني انسان به بچي سگھندا نه ته صنعتي ترقي جا ھن کان به وڌيڪ خطرناڪ اثر اڳتي ڀوڳڻا پوندا. ھتي اھم ڳالھه اھا به آھي ته آمريڪا، يورپي ملڪ، چين ۽ ڀارت سميت ٻيا صنعتي ترقي يافته اھي ملڪ جن تي ڪاربن گئسز جي وڏي پيماني جي اخراج جي ذميواري عائد ٿيندي پئي رھي، اھي سنجيدگي ڌاري دنيا جي ماحول جي تحفظ لا ترت اپا به وٺن ۽ ٻين انھن ملڪن جو خيال ڪن جن جو ڪاربن گئسز جي اخراج ۾ حصو نه ھجڻ برابر آھي ۽ جيڪي خوامخواهه انھن صنعتي ملڪن جي ڪري ڏچي ۾ اچن ٿا ۽ ڳرين برساتن ۽ ٻوڏن سميت قدرتي کي منھن ڏين ٿا. عالمي طور تي گڏيل قومن ۾ اھڙو قانون به جوڙيو وڃي جو قدرتي آفتن سبب انھن متاثر ملڪن جو ازالو انھن ڪاربن گئسز جو اخراج ڪندڙ مذڪورہ صنعتي ملڪن کان ڪرايو وڃي.
)پورو ٿيو)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button