ھن کي ٻاروتڻ ۾ ئي يتيمي جو ڳٽ ڳچي ۾ پيو ھو ۽ اھڙو ھڪ ڳٽ ھن جي سموري قبيلي کي وڏو عرصو سرمائيدار طبقي پاران به پيل ھو. ھن سمورين تڪليفن باوجود زندگيءَ کي انمول سمجھيو ھو ۽ ھيءَ اھو يگانو ماڻهو ھو جنھن پيڙائن ۾ به زندگيءَ جون لذتون محسوس ڪيون.
ھو لکي ٿو ته “خبر ناھي زندگيءَ جون حسناڪيون، رنگ ۽ روپ ڪنھن موڙ تي مليا به آھن يا نه، پر پوءِ به جيون ڏاڍو وڻيو.” 1949ع ۾ ڇاڇري تعلقي جي گوٺ سوجي جو تڙ ۾ اک کوليندڙ ھن انسان دوست شخص کي ماءُ جي هنج ۾ مليل تربيت ئي ھئي جنھن ھن جي زندگيءَ جا سمورا ٿڪ ئي لاھي ڇڏيا. دنيا جي ڪجهه ماڻھن مان ھڪ ھيءَ به آھي جنھن اھو قبوليو ته (وڌوا بڻيل امان جي اجڙيل گود ئي اسان لاءِ آجپي جو پاڪ آشيانو بڻي! سنگين حالتن جو بھادريءَ سان مقابلو ڪرڻ جو سڄو ڪريڊٽ امان جي کاتي ۾ وڃي ٿو)
ھن جي آئيڊيل فقط ماءُ ئي آھي. ھن جي آتم ڪٿا “جيون چولو چتيون چتيون” ۾ ھن جي قبيلي جنھن حياتيءَ جو ڳپل حصو ڳنڍڻ جو ڪم ڪيو پر پنھنجا چولا چتيون ٿيل ئي ملندا. ھن جتي مذھب جي نالي مڙھيل اڻ برابري وارن تصورن کي ننديو آھي، اتي انھن جي ڪيل ظلمن تان به پردو کنيو آھي. ھو جڏھن 1966ع ۾ اٺين ڪلاس پڙھڻ لاءِ ڇاڇرو رھائش ڪري ٿو ته اھا ڪل پويس ٿي ته ھنن جي ڪميونٽيءَ لاءِ الڳ “ھريجن” نالي سان ھاسٽل آھي.
ھن جي سفر جو ساٿي سائين چنگل رام يادن ۾ لکي ٿو ته ان ھاسٽل تي اسان وٽ ڪوبه بورچي ڪونه ھو، جڏھن ته اتي واڻين ٺڪرن ۽ مسلمانن جي ھاسٽل تي بورچي مقرر ھئا. ٿر ۾ ان وقت “نيٺ ڇا ڪجي” جي نالي ھڪ تحريڪ جو بنياد رکندڙ سائين تيجن راءِ سوجاڻي ڪنھن به جبر اڳيان جھڪڻ بدران اوچي گاٽ بيٺو رھيو. ھو ته ڄام ساقيءَ جو اليڪشن ۾ ايجنٽ ويھڻ لاءِ به سندرو ٻڌي ڳوٺ واوڙي پھتو ھو. ھن جي اندر ۾ لڇندڙ آزاديءَ جو سپنو ھو جنھن ھن کي سک سان سمھڻ نه ٿي ڏنو. ائين ئي ھن پنھنجي سماج جي سڄاڳي لاءِ تعليم واري واٽ ورتي ۽ ڪيترن ئي ذھنن کي سيراب ڪيائين.
ھن وقت ٿر جي مختلف خطن ۾ لڇمڻ سنگھه سوڍي لاءِ مختلف رايا ٻڌڻ لاءِ ملن ٿا پر ھو لکي ٿو ته “اھي ڏينھن لڇمڻ سنگھه سوڍي جي عروج وارا ڏينھن ھئا. پاڻ 1962 کان 1965ع تائين ريلوي جو وزير رھي چڪو ھو، پر ٿريو سوڍو مسڪين ۽ اٻوجھه ٿرين جي سڌاري ۽ ترقيءَ لاءِ ڪجھه ڪري نه سگھيو، الٽو پنھنجي راجپوتي رعب ۽ شان شوڪت کي قائم رکڻ لاءِ پنھنجن ڇاڙتن ھٿان مظلوم ماڻھن ۽ غريب برادرين کي تنگ ڪرڻ سان گڏ معاشي طور ڪمزور ۽ سماجي اڻ برابري واري نظام کي ھٿي ڏيڻ جھڙن ھٿ ڪنڊن ۾ رڌل رھيو، اھو ئي سبب ھو جو ڇوت ڇات ٿر ۾ عروج تي رھندي آئي.”
1970ع ۾ ڪامريڊ ڄام ساقيءَ جو راڻا چندرسنگھه جي سامھون اليڪشن ۾ اچڻ کي ھو سٺو سنئوڻ سمجھندي لکي ٿو ته “شھر ۾ لڇمڻ سنگھه سوڍي جي ڪوٽڙي مشھور ھوندي ھئي، جتي ماڻھن جي جھيڙن جھٽن جا فيصلا ٿيندا ھئا، ماڻھن کي ھيٺ ڏوھارين وانگر ويھڻ جو حڪم ھوندو ھو ۽ ٿاڻن جا فيصلا به ڪوٽڙيءَ تي ٿيندا ھئا، اھڙي دقيانوسي ۽ قدامت پرست ۽ ديو جو ڪنڌ ڀڃڻ لاءِ ھڪ ڍاٽي ميدان ۾ لھي پيو.”
ورھاڱي جي وڍن ۽ 71 جي لڏپلاڻ جون ساروڻيون ساريندي ھڪ پڙھندڙ کي ھن جي آتم ڪٿا ھن کي ھڪ وڏي اوڇنگار محسوس ٿيندي آھي، جنھن ۾ ائين لڳندو آھي ڄڻ ڪو ھن جو ماس روڙي کڻي ويو ھجي. ھو لکي ٿو ته “ٿر خاص ڪري ميرپورخاص ضلعي جا سمورا ماستر ۽ ٻيا سرڪاري ملازم جيڪي ھندو ڪميونٽيءَ سان لاڳاپيل ھئا، انھن کي شڪ جي بنياد تي قربانيءَ جو ٻڪرو بڻائي ٺٽي ۽ حيدرآباد ڏانھن بدلي ڪيو ويو،” ھن پنھنجي ڌرتي ڇڏي لڏي ويل ماڻھن کي به “جنم ڀومي سان غداري” جھڙي اوڇي گار ڏني آھي.
پن جي ٻيڙيءَ کي وڏي سوٽ سان ڇڪيندڙ اسان جي وڏڙن جي ويجھو رھندڙ سائين تيجن راءِ جي ھي آتم ڪٿا ھڪ دور جو نوحو آھي، جيڪا لڇمڻ ڪومل، ڊاڪٽر اوم پرڪاش، سميت پوپٽي ھيراننداڻيءَ جي آتم ڪٿا (منھنجي حياتي جا سونا روپا ورق) جھڙين آتم ڪٿائن جو تسلسل آھي
چاليھن صفحن جي ھي مختصر آتم ڪٿا (جيون چولو چتيون چتيون) اوھان کي ھڪ دور جي تاريخ ستم ظريفين سميت رسمن رواجن کان مڪمل آشنا ڪري سگھي ٿي.