سچ به اهو ئي آهي ته اڄ انسانيت وٽ سوشلزم کان سوا ٻي ڪا به واٽ ناهي. هر پاسي بربريت آهي، سامراجي درندگي آهي. اهو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته سامراجيت وٽ انسان جي ڪنهن به مسئلي جو حل ڪونهي ڇاڪاڻ ته سامراجيت پاڻ هڪ وڏو مسئلو آهي. سوويت يونين جي زوال جي ٽن ڏهاڪن کان پو به سامراجي نظام ڪو به هڪ مسئلو حل نه ڪري سگهيو آهي، بلڪ ان وڌيڪ مسئلا پيدا ڪيا آهن. اهو ئي سبب آهي جو هڪ متبادل نظام جي گهر به ٿي رهي آهي.
هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ سرمائيداريءَ جي گهري ٿيندڙ بحران سان مارڪس جي ڪتابن جو وڪرو به تيز ٿي رهيو آهي. جييئن جيئن مارڪس جي سرمائيداريءَ جي ڇيد کي رد ڪرڻ ۽ سندس خيالن کي دفنائڻ جي سرمائيداراڻي پروپئگنڊا شديد ٿي رهي آهي، تيئن تيئن مارڪس جي فڪر ڏانهن موٽ ۾ تيزي اچي رهي آهي، ڇاڪاڻ ته مارڪس جو فڪر ڪلهه جيان اڄ به نه رڳو سماجي اوسر جي تجزئي جو ٽول آهي پر ان سان گڏوگڏ هن مدي خارج سماجي رشتن کي بدلائي ان جي جاءِ تي نوان سماجي رشتا قائم ڪرڻ جو به هٿيار آهي. مارڪسي فڪر جي اها انقلابي افاديت ئي سرمائيداريءَ جي حيلي سازن لاءِ وڏو مٿي جو سور آهي. ڇاڪاڻ ته هو سمجهن ٿا ته، سندن پاليسين جي ڪري، اڄ سندن ملڪن ۾ پورهيت عوام ۾ جيڪا بئچيني آهي، اها ڪڏهن نه ڪڏهن ڪو تنظيمي ۽ سياسي رخ ضرور وٺندي ۽ ان کي جنهن پروگرام جي ضرورت پوندي، اهو صرف مارڪسزم وٽ آهي. مارڪسزم سرمائيداريءَ خلاف تنظيمي ۽ سياسي ماڊل کان ويندي هڪ اهڙو پروگرام به آڇي ٿو، جيڪو هن سرمائيداراڻي سماجي-معاشي ۽ سياسي تشڪيل جي انقلابي ڪاياپلٽ ڪري، حقيقي پورهيت راڄ قائم ڪري سگهي ٿو. اصل ۾ مارڪسزم جي اها ئي آفاقيت آهي جيڪا سرمائيداريءَ جو عذر پيش ڪندڙن کي ان عمل تي مجبور ڪري ٿي ته، هو مارڪسزم خلاف ڪات ڪهڙا کڻي ميدا تي نڪرن. اها به طبقاتي جدوجهد جي هڪ شڪل آهي، جيڪا سامراجي نظرياتي دائري اندر منظم انداز ۾ وڙهي رهيا آهن.
اها زهريلي پروپئگنڊا رڳو مارڪس خلاف ڪونه پئي ٿئي پر ويهين صديءَ جي انهن عظيم انقلابين خلاف به پوري شدت سان موجود آهي، جن سوشلزم کي عظيم سماجي ترقيءَ جي ماڊل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. هنن عملي طور اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته، سوشلزم قابل عمل ۽ زندگيءَ سان ڀرپور هڪ اهڙو نظريو آهي، جنهن کي تجريدي پروپئگنڊا ذريعي ڪڏهن به دفن نٿو ڪري سگهجي. اڄ لينن ۽ اسٽالن جهڙا عظيم انقلابي سامراجي دانشورن، ميڊيا ۽ مارڪسزم جي لبادي ۾ ويڙهيل رد-انقلابي پيٽي بورجوا نظرين جهڙوڪ ٽراٽسڪي ازم وغيره جي هدف تي آهن. اڄ مارڪس ۽ لينن ته سامراجين جي نشاني تي آهن ئي آهن پر خاص ڪري اسٽالن انهن جو مک هدف آهي. ڇو؟ ڇو ته ويهين صديءَ ۾ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ سوشلسٽ سماجي-معاشي تشڪيل جو ڪريڊٽ بهرحال تاريخ اسٽالن جي جهڙي جليل القدر ڪميونسٽ رهنما جي کاتي ۾ ئي وجهي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو سامراجي پروپئگنڊا، تنقيدن ۽ تبرن جي توبن جو رخ اسٽالن ڏانهن آهي. پر هاڻي تاريخ پاڻ اهڙي ڪوڙي پروپئگنڊا کي رد ڪري رهي آهي. اڄ اڳوڻي سوويت يونين ۽ هاڻوڪي روس جو محنت ڪش عوام اسٽالن جي عظمتن جو قائل ٿي رهيو آهي. هو ترقيءَ جي سوويت ماڊل کي ياد ڪري ٿو ۽ ٽراٽسڪي، خرشچيف ۽ گورباچيف جهڙن انقلاب دشمنن تي ڦٽڪار وجهي ٿو.
بهرحال، ڪميونسٽ پڌرنامي جي اها عالمگير اپيل اڄ آسڪرايوارڊ جي تقريب ۾ گونجي آهي ته، ان جو مطلب اهو آهي ته، اڄ آمريڪا جهڙي اسريل سامراجي معيشت به وڏي بحران ۾ آهي ۽ ان بحران جا نتيجا آمريڪي عوام ئي بيروزگاري ۽ بي گهري وغيره جي شڪل ۾ ڀوڳي رهيو آهي.
انسانيت وٽ اڄ به جيڪڏهن سرمائيداري جو ڪو متبادل آهي ته اهو سوشلزم آهي. ڇاڪاڻ ته ويهين صدي ۾ سوشلزم عملي طور اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته اهو ئي واحد اهڙو معاشي ۽ سياسي نظام آهي جيڪو بک، بيروزگاري، استحصال، ظلم ۽ جبر جي خاتمي جي اهل آهي. ان وٽ ئي اها سگهه موجود آهي، جنهن سان جنگين، بک، بيمارين، غربت سميت انسان کي درپيش خطرن کي روڪي سگهي ٿو.
(پورو ٿيو)