ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

نيٺ ڇا ڪجي؟-I

Editorial-Article-Yameen Jatoi

نيٺ ڇا ڪجي؟ اهو يقينن پراڻو سوال آهي. پر هر پراڻو سوال نئين مسئلي ۾ تڏهن بدلجي ويندو آهي، جڏهن سماجي اوسر جي مخصوص مرحلن ۾ اڀري آيل نيون حالتون ان جي نئين سر تشريح گهرنديون آهن ۽ اڄوڪي “ڪميونسٽ تحريڪ” پڻ ان مسئلي سان نبردآزما آهي. پر ان تحريڪ ۾ شامل اڪثر قوتون شايد ان جو ادراڪ نه پيون رکن. نيٺ ڇا ڪرڻ گهرجي واري سوال جي اهميت اڄ ان ڪري به وڌيڪ آهي جو اڄ اسان به انهن حالتن کي ئي منهن ڏئي رهيا آهيون، جن کي سوا سئو سال اڳ لينن منهن ڏئي رهيو هو، (جنهن کي بعد ۾ هن نبيريو به) يعني هڪ انقلابي سياست ۽ پارٽي جي تشڪيل جو سوال. يقينن اڄوڪي انقلابي سياست ۽ پارٽي لينن جي دور کان گهڻين معنائن ۾ مختلف هوندي، پر اسان جي دور ۽ لينن جي دور ۾ جيڪا ڳالهه مشترڪ آهي، اها آهي هڪ نئين انقلابي سياست ۽ پارٽي جو بحران. اسان وٽ جيتوڻيڪ “پارٽين” جي نالي ۾ گهڻا ئي ليفٽ جا ڌڙا پنهنجي پر ۾ “ڪميونسٽ” سياست ڪري رهيا آهن، پر انهن جو سڀ کان پهرين بحران اهو آهي جو اهي هن مهل تائين ڪا “پارٽي” نه بڻجي سگهيا آهن. جيتوڻيڪ ڪيڊر به ٺهي ٿو، ۽ مختلف سطحن تي اهو موجود به آهي، پر ان جي ڄمار يا پنهنجي ڪيريئر تائين آهي يا وري سندس مايوسي ۽ داخلي ڀڃ ڊاهه تائين آهي. ان کان پو ان جو اهو انقلابي رنگ لهڻ شروع ٿي وڃي ٿو. ان ۾ ان ڪيڊر جو به ڏوهه ڪونهي. ته پو نيٺ ان جو سبب ڇا آهي؟ اسان جي نظر ۾ ان جو سڀ کان وڏ سبب روايتي ليفٽ جو پنهنجي دور جي سوالن کي ٺوس بنيادن نه کڻي سگهڻ آهي، يقينن ان ۾ موقعي پرستي (ڪميونسٽ تحريڪ ۾ موقعي پرستي مان مراد ڪنهن نه ڪنهن ٺوس تاريخي سوال تي اصولي انقلابي پوزيشن وٺڻ کان شعوري طور ڪن لاٽار ڪرڻ آهي.) جو به دخل ٿي سگهي ٿو، جيڪي هڪ انقلابي پيشيور ڪيڊر کي مختلف سماجي-سياسي سوالن تي چٽو ڪرڻ بدران ان کي ويتر منجهائي ان جي انقلابي روح کي ماري ڇڏين ٿا. اهو ئي سبب آهي جو اها صورتحال هڪ پيشيور ڪيڊر جي تخليق ۾ وڏي ۾ ڏي رڪاوٽ بڻجي وئي آهي، جنهن جو نتيجو انقلابي سياست ۽ انقلابي پارٽي جي بحران جي شڪل ۾ نڪري ٿو.
جيڪڏهن ماضي تي نظر ڦيرائجي ته گذريل صدي ڪيترن ئي حوالن کان هنگاماخيز صدي هئي. ان صدي جا هونئن ته ڪيترائي حوالا هئا، پر ان جو مک ۽ بنيادي حوالو انقلاب هو. يعني انقلاب ويهين صدي جو مک رجحان هئا، جيڪي تاريخي ايجنڊا تي اچي چڪا هئا. طاقت جو توازن انقلابي قوتن جي حق ۾ هو، ان صدي ۾ دنيا اندر انقلابن جي هڪ لهر اٿي، جنهن ڏسندي ئي ڏسندي دنيا جي وڏي ايراضي کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو. پر تاريخي طور اڻٽر ڪن اندرين ۽ ٻاهرين تضادن جي ڪري، اهي انقلاب ان صدي جي آخري ڏهاڪن ۾ واپس ٿيڻ لڳا، ان کان پو اسان انقلابي اويساهي، ويڳاڻپ ۽ لاتعلقي جو سڄو هڪ دور ڏسون ٿا. جنهن جو اثر اسان کي اڄ تائين به ڪٿي نه ڪٿي نظر اچي وڃي ٿو، پر اڄ اهو آهي ته سنڌ سوڌو دنيا جي مختلف ملڪن اندر رياستي جبر خلاف مزاحمت اڀرڻ جو عمل شروع ضرور ٿيو آهي. اهي اڀرندڙ مزاحمتون ئي آهن، جن اسان کي هڪ ڀيرو ٻيهر ان سوال ڏانهن آڻي بيهاري ڇڏيو آهي ته نيٺ ڇا ڪجي؟ انهن مزاحمتن کي ڪيئن ٺوس بنيادن تي بيهارجي؟ ان کي انقلابي سياست جو حصو ڪيئن بڻائجي؟
ان سوال جي پيرائي ۾ هي هڪ عجيب دور به آهي، گهڻا ساٿي ان حقيقت سان منهن مقابل ٿيڻ لا تيار نه آهن ته هي دور بنيادي طور “نيٺ ڇا ڪرڻ گهرجي؟” جهڙن سوالن ڏانهن موٽڻ جو دور آهي، يا انهن سوالن کي نئين سر سمجهڻ ۽ انهن جي ممڪنه حل لا سوچڻ جو دور آهي. هي دور اجاين خوشفهين ۾ غرق رهڻ بدران بيرحم سچائين کي قبولڻ جو دور آهي. جنهن مان هڪ بيرحم سچائي اها به آهي ته هي سياسي عمل کان به وڌيڪ نظرياتي سرگرمي ۽ لقائن جي نئين سر تشريح جو دور آهي. ان جو مقصد اهو قطعي ڪونهي ته سياسي عمل کي جاري نه رکجي، يا ان کان لاتعلق ٿي ويهي رهجي، پر معاملو ان سياسي عمل جي نظرياتي بنيادن تي ٺوس ترتيب جو آهي. جنهن جي بهرحال تياري نظر نه پئي اچي. سلاووج زيزيڪ يوٽيوب تي هڪ ڳالهه ٻولهه ۾ اسان کي صلاح ڏيندي چيو هو: “مان اڪثر چوندو آهيان ته اڄ اسان کي فائرباخ تي مشهور 11هين مقالي جي مخالف بيهڻو پوندو. ويهين صدي ۾ اسان دنيا کي بدلائڻ لا ٿورو وڌيڪ ئي اتساهيل هئاسين. اچو ته هڪ وک پوئتي ٿيون، اچو ته، هڪ ڀيرو ٻيهر، دنيا جي تشريح ڪيون.” سو، اڄ اسان کي زيزيڪ جي ان صلاح تي به عمل ڪرڻو پوندو.
اهو سچ آهي ته اڄ سڄي دنيا اندر سرمائيداري خلاف بيچئني ۽ نفرت آهي. جنهن جو اظهار اسان يورپ سميت مختلف خطن اندر عوامي بغاوتون ۽ تحريڪون ڏسون ٿا. سنڌ ۽ پاڪستان ۾ به وقتن بوقتن اهڙا لقا ڏسڻ لا ملن ٿا، پر اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته انهن پويان ڪي باشعور انقلابي تنظيمون ۽ قوتون موجود نه آهن، انهن جو ڪردار خودرو نوعيت جو آهي. ان پيرائي ۾ جيڪڏهن موجوده دور جي وضاحت ۽ تعين ڪجي ته ان جو بنيادي خاصو هي آهي ته هي خودرو تحريڪن جو دور آهي. سڄي دنيا اندر اسان کي جيڪي به تحريڪون نظر اچن ٿيون، اهي بنيادي طور خودرو نوعيت جون آهن، ڪٿي ڪٿي ايڪڙ ٻيڪڙ کا ليفٽ اورينٽيڊ پارٽي ۽ تنظيم نظر اچي به ٿي ته ان جو ڪردار به اڳواڻي وارو نه پر ان ۾ شموليت وارو آهي. مختلف ملڪن ۾ عوام روڊن تي نڪري ته رهيو آهي، پر انهن جو اهو نڪرڻ به عارضي مسئلن تي آڌاريل آهي. سندن زندگي سان لاڳاپيل هڪڙا فوري نوعيت جا مسئلا آهن، جيڪي کين مجبور ڪن ٿا ته هو روڊن تي اچن ۽ انهن جو تڪڙو حل وٺي وري چپ ٿي وڃن. اڄڪلهه سڄي دنيا اندر اهو ئي ٿئي پيو. اصل سوال اهو آهي ته ان ۾ انقلابي مداخلت ڪيئن ڪجي؟ يعني نيٺ ڇا ڪرڻ گهرجي؟
اڄوڪي سرمائيداري گهڻن ئي مسئلن ۾ ڦاٿل آهي، ان ۾ ته ڪي به ٻه رايا نه هئڻ گهرجن. معاشي بحران ان جي جان به ڪونه ڇڏين پيا، اهو به سچ آهي، پر ان خلاف جيڪي به بغاوتون اڀريل آهن، انهن پويان ڪا به منظم تنظيم موجود نه آهي ۽ نه ئي موجوده دور ڪو انقلابي ڌماڪن جو دور آهي. ڇاڪاڻ ته اهو ضروري نه آهي ته انقلاب هر سماجي، معاشي ۽ سياسي تضاد ۾ لازمي بڻجي وڃي. جيئن اسان وٽ ليفٽ جا مخصوص ڌڙا سمجهن ٿا، جن ۾ ٽراٽسڪي جا پوئلڳ اڳيان اڳيان هوندا آهن، جو هو هر معاشي بحران تي پنهنجا اڻ لاڳاپيل “تناظر” پيش ڪري، انقلاب جي اڳڪٿي ڪندا آهن. اها ليفٽ جي اهڙن ڌڙن جي خام خيالي آهي ته معاشي دائرن ۾ پيدا ٿيندڙ تضاد جو اڻٽر نتيجو انقلابي صورتحال ۾ نڪرندو. ايئن بلڪل به نه آهي، ڇاڪاڻ ته حقيقت اسان جي تصور کان وڌيڪ پيچيدي ٿئي ٿي. اهو ضروري نه آهي ته معاشي بحران سياسي بحران ۾ بدلجي وڃي، يا جيڪڏهن سياسي بحران پيدا ٿي به وڃي ته اهو ضروري نه آهي ته اهو انقلابي بحران ۾ بدلجي وڃي، وري جيڪڏهن انقلابي بحران پيدا ٿي به وڃي ته پو اهو پڻ ضروري نه آهي ته ان جو نتيجو لازمي طور ڪنهن انقلاب جي صورت ۾ ئي نڪري. ها، ايئن تڏهن ٿي سگهي ٿو، جڏهن اسان دور جي سماجي حقيقتن جي مخصوص تاريخي حدن اندر رهندي، ان جي سمجهه ۽ ان جي ٺوس ترتيب جي بنياد تي انقلابي سياست ۽ انقلابي پارٽي جي تعمير جي تياري ڪري سگهون.
(هلندڙ)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button