2010 جي آدم شماري موجب ڀارت ۾ سنڌين جي آبادي اٽڪل پنجويهه لک آهي جنهن ۾ نوي سيڪڙو هندو آهن جڏهين ته ڏهه سيڪڙو کن سنڌي سک آهن. اٽڪل ٽيٽيهه سيڪڙو سنڌي مهاراشٽر ۽ انهن جو هڪ وڏو حصو بمبئي ۾ رهي ٿو جڏهين ته ٻيا گجرات، راجستان، چتيش ڳڙه ۽ ٻين رياستن ۾ رهن ٿا.
گھڻن سنڌي هندن پنهنجي شهري پسمنظر ۽ واپاري لاڙن جي ڪري بمبئي ۽ ٻين وڏن شهرن کي رهڻ لا ترجيح ڏني. پر اهو سڀڪجھه ايترو سولو نه هو. سنڌ مان لڏڻ کانپو کين گھڻن مرحلن مان گذرڻو پيو. ڪراچي مان شرنارٿين جو پهريون جهاز جڏهين بمبئي پهتو ته مسافرن کي ان بنياد تي جهاز مان لهڻ نه ڏنو ويو ته جهاز ۾ اسمگلنگ جو سامان هو ۽ چيو ويو ته چڪاس کانپو انهن کي جهاز ۾ لهڻ ڏنو ويندو. ان وقت بندرگاهه تي پاڪستان لڏيندڙ مسلمانن جو هڪ وڏو تعداد پڻ موجود هو. انهن شرنارٿين جهاز مان لهڻ کانپو پاڻ سان سنڌ ۾ ٿيل ورتا جو بدلو وٺڻ لا انهن ماڻهن تي حملو ڪري ڪيترن کي ڦٽي ۽ سندن سامان ڦري ورتو.
انهن شرنارٿين کي بمبئي شهر ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه هئي. اهڙا جن جا مٽ مائٽ اڳ شهر ۾ رهيل هئا کي ثبوتن وغيره ڏيڻ کانپو شهر ۾ وڃڻ ڏنو ويو جڏهين ته باقي کي سڌو ريلوي اسٽيشن آندو ويو جتان کين مختلف شهرن ۾ قائم ڪيل ڪئمپن ڏانهن موڪلڻ هو. پر انهن پناهگيرن جي گھڻائي جي ترجيح بمبئي ۾ رهڻ هو. ان ڪري گھڻا ريلوي اسٽيشن تي پنهنجو سامان ڇڏي شهر هليا ويا.
بمبئي کان اٽڪل ويهه ڪلوميٽر پري ٻين مهاڀاري جنگ ۾ فوجين جي رهائش لا قائم ڪيل ڪلياڻ ٽرانزٽ فوجي ڪئمپ هو جيڪو هاڻي خالي هو. اهو سنڌي پناهگيرن جو وڏي ۾ وڏو ڪئمپ هو. اهي بئرڪس نهايت ئي خراب حالت ۾ هيون. رهائش، پاڻي، حوض ۽ ڪاڪوس وغيره جون مناسب سهولتون نه هيون. ان جي لا ڪلاڪن جا ڪلاڪ انتظار ڪرڻو پوندو هو. هڪ ڪمري ۾ ٻه ٻه ٽي ٽي خاندان رهندا هئا ۽ ڪا پرائيويسي نه هئي. ريلوي اسٽيشن گھڻو فاصلي تي هئي. ڪم ڪار ۽ پڙهائي وغيره لا بمبئي وڃڻو پوندو هو جنهن ۾ ٻه ڪلاڪ کن لڳي ويندا هئا. آهستي آهستي اتي خالي پيل زمين تي هٽ ۽ گھر ٺاهيا ويا ۽ ننڍي پئماني تي ڪم شروع ڪيو ويو.
جهڙي ريت ڪراچي ۾ مهاجرن لا رهائش جو مسئلو هو ۽ هندن جي گھرن تي قبضا وغيره ڪرڻ هڪ عام ڳالهه ٿي پيئي هئي اهو ساڳيو معاملو بمبئي ۾ به هو. اتي سنڌي مسلمانن جي خالي گھرن جي ڳولها ۾ هوندا هئا. انهن گھرن تي قبضا ڪري پنهنجي نالي الاٽ ڪرايو ويندو هو. بمبئي جي مقامي حڪومت ان جي تدارڪ لا ڪجھه قدم کنيا. ان ۾ اهم قدم پناهگيرن لا هڪ اهڙو قانون لاڳو ڪرڻ هو جنهن مطابق هر پناهگير کي ٿاڻي ۾ پنهنجي سڃاڻپ ڪرائڻي هئي ۽ جيڪڏهين هو پنهنجي رهائش بدلائي ٿو ته ان جو اطلاع به ڏيڻو هو. ان قانون تي سنڌين پاران گھڻو احتجاج ڪيو ويو ۽ نيٺ اهو فيصلو ٿيو ته رڳو گھر جو سربراهه پنهنجي سڃاڻپ وغيره ڪرائيندو. گھڻي عرصي تائين اهو قانون لاڳو رهيو.
سنڌي پناهگيرن جو اهو اصرار هوندو هو ته کين پناهگير نه چيو وڃي. ڇاڪاڻ ته اهي ڀارت جا شهري آهن ۽ انهن ان ملڪ جي آزادي لا قربانيون ڏنيون آهن. ڏٺو وڃي ته ورهاڱي کانپو ٻنهي ملڪن جي شهرين جي ڪا واضح سڃاڻپ نه هئي. گھڻي عرصي تائين ٻنهي ملڪن وچ ۾ اچ وڃ تي ڪا پابندي نه هئي. ٻنهي ملڪن جي ماڻهن لا ساڳيو پاسپورٽ هوندو هو ۽ پرڏيهي جو تصور انهن ٻنهي ملڪن جي ماڻهن لا نه پر ٻين ملڪن جي ماڻهن لا هوندو هو. ڪافي وقت کانپو ڀارت پاران پرمٽ جو نظام لاڳو ڪيو ويو. ان ڪري ئي ٻنهي ملڪن مان جيڪي ماڻهو شروع ۾ لڏي ويا هئا انهن مان گھڻا موٽي پنهنجن گھرن ۾ آيا. ان جي ڪري ئي نهرو کي اهو چوڻو پيو هو ته اهو چوڻ ڏکيو آهي ته ڪير ڀارت جو شهري آهي ۽ ڪير ناهي. ان ڪري ڀارت لڏي ويندڙن کي بجائي شرنارٿي چوڻ جي بي گھر ماڻهو يا Displaced Persons چيو ويو. جڏهين ته پاڪستان ۾ جيڪي پناهگير آيا انهن مان جيڪي پنجاب ۾ اچي آباد ٿيا اهي اتان جي ٻولي ۽ ثقافت وغيره ۾ ضم ٿي ويا. انهن ۾ اهي ماڻهو به شامل هئا جيڪي اوڀر پنجاب کانسوا ڀارت جي ٻين علائقن مان آيا هئا جڏهين ته سنڌ ۾ ايئن نه ٿي سگھيو ۽ هتي خاص طور يوپي، سي پي، دهلي ۽ بهار وغيره مان جيڪي پناهگير آيا انهن پاڻ کي مهاجر چوڻ پسند ڪيو ۽ اهو نالو اڃا تائين هلندو اچي.
مقامي ماڻهن پاران شروع ۾ ته سنڌين سان همدردي جو اظهار ڪيو ويو ۽ سندن مدد ڪئي ويئي پر آهستي آهستي جڏهين انهن مختلف معاملن ۾ چٽاڀيٽي ۽ مقامي ماڻهن کي سوڙهو ڪرڻ شروع ڪيو ته انهن خلاف هڪ ڌڪار ۽ نفرت وارو ماحول پيدا ٿيڻ لڳو. هڪ ته گھرن جي گھرج وڌي ويئي ۽ سنڌي وڌيڪ پڳڙي ڏيڻ لا تيار هوندا هئا جنهن جي ڪري مارڪيٽ ۾ گھر مهانگا ٿي ويا ۽ گھڻن مقامي ماڻهن جي پهچ کان ٻاهر ٿي ويا. ٻي اهم ڳالهه اها هئي ته سنڌي واپاري گھٽ ۾ گھٽ نفعي ۽ ڪڏهين نقصان ۾ شي وڪڻڻ لا تيار ٿي ويندو هو جنهن جي ڪري مقامي واپاري چٽاڀيٽي کان ٻاهر ٿي ويندو هو.
سنڌين جي مزاج ۾ ٻئي ڪنهن جي نوڪري ڪرڻ نه هوندو هو. ان ڪري حڪومت پاران فني تربيت جا جيڪي ادارا وغيره قائم ڪيا ويا هئا اتان تربيت حاصل ڪيل بجائي ڪنهن ڪارخاني ۽ ورڪشاپ وغيره ۾ ڪم ڪرڻ جي ان ڳالهه کي ترجيح ڏيندا هئا ته پنهنجو ڪو ڪم ڪن. هڪ وڏو ڪم سنڌين اهو ڪيو ته انهن ڪوشش ڪئي ته پنهنجي تعليم جي تسلسل کي برقرار رکجي. اها ڳالهه سنڌ مان لڏڻ وقت ئي سندن ذهن ۾ هئي. ان جو اندازو ان ڳالهه مان ڪري سگھجي ٿو ته حيدرآباد جي هڪ ڪاليج جي ليڪچرار لڏڻ وقت سڄي ڪاليج جي ليبارٽري کي دٻن ۾ بند ڪري ان مٿان گل وجھي ڇڏيا ته جيئن ائين لڳي ته اهي مورتيون آهن نه ته ٻي صورت ۾ ان کي کڻي وڃڻ جي اجازت نه ملي ها. استادن پاران ڪوششون ڪري تعليمي ادارا قائم ڪيا ويا. گھڻا شاگرد پنهنجين خراب معاشي حالتن جي ڪري بسن، ريل گاڏين ۽ فٽ پاٿن تي مختلف شيون وڪڻندا هئا ۽ شام جو تعليم حاصل ڪندا هئا.
ساڳي ريت سنڌين پاران پنهنجين مذهبي رسمن ۽ رواجن کي جيڪي ڪنهن حد تائين سندن ڀارت جي ميزبانن کان مختلف هئا هتي رائج ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ليکڪا جي چوڻ موجب جھولي لال سنڌ ۾ هڪ گھٽ اهم ديوتا سمجھيو ويندو هو پر ڀارت ۾ ان کي گھڻي اهميت ڏني ويئي. ساڳي ريت سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ ساڌو واسواڻي ٽرسٽ جي ڪمن کي هتي وري جاري ڪيو ويو. هندو سنڌ ۾ سچل سرمست جهڙين وڏين درگاهن سميت گھڻن پيرن جا مريد به هئا. گھڻا مريد پنهنجن پيرن جي زيارت ڪرڻ لا اڃا به سنڌ ايندا آهن ۽ گھڻا پير به وقت بوقت پنهنجن مريدن وٽ ڀارت ويندا رهندا آهن.
هن وقت تائين گھڻو پاڻي سنڌو مان وهي چڪو آهي ۽ ستر سالن کان وڌيڪ جي عرصي ۾ سرحد جي ٻنهي پاسن جي سنڌين جي رهڻي ڪهڻي، اٿڻ ويهڻ ۽ سياسي ۽ مذهبي خيالن ۾ گھڻيون تبديليون اچي چڪيون آهن. هاڻي ان سڀڪجھه کي ان تناظر ۾ ئي ڏسڻ گھرجي.