ايندڙ عام چونڊون نوي ڏينهن يا پنجن مهينن ۾ ٿينديون؟ (ن) ليگ ۽ پ پ جا اختلاف ڏينهون ڏينهن واضح طور سامهون اچي رهيا آهن. ايندڙ چونڊون آئين ۾ ڄاڻايل مدي اندر ڪرائڻ لاءِ پ پ کي هاڻ ڳالهه ياد آئي آهي. (ن) ليگ ته اڳ ئي سمجهيو پئي ۽ رٿابندي به ڪري ڇڏي هئي ته چونڊن کي هڪ سال تائين ملتوي ڪرائڻو آهي. اسٽيبشلمنٽ به پ پ کان وڌيڪ (ن) ليگ کي ٻڌو پئي ۽ ان تي اتفاق به ڪيو ويو ته نئين آدمشماري کانپوءِ نين تڪبندين جي بنياد تي چونڊون ٿينديون. ايم ڪيو ايم ۽ (ن) ليگ به ساڳئي پيج تي نظر آيون. انهن جو هينئر به اهو ئي موقف آهي ته جيڪڏهن نين ووٽر لسٽن جي بنياد تي چونڊون ٿين ۽ ڪجهه مهينا چونڊون التوا جو شڪار ٿين ته ڪو به مسئلو ناهي. اڳوڻو گهرو وزير راڻا ثناءُالله چئي چڪو آهي ته پ پ ان ڪري پراڻين تڪبندين جي بنياد تي چونڊون چاهي ٿي ته نئين آدمشماري تحت اها ڪجهه سيٽن کان محروم ٿي ويندي.
گڏيل مفادن جي ڪائونسل ۾ جيڪي فيصلا ٿيا، انهن ۾ پ پ ايندڙ چونڊن جي حوالي سان پنهنجو ڪيس هارائي وئي. ان وقت پ پ جي قيادت پاران جيڪو ڪجهه چيو ويو، هاڻ بلڪل ان جي ابتڙ چيو پيو وڃي. (ن) ليگ، پ پ کي پنهنجن ورن وڪڙن ۾ ڦاسايو. هاڻ پ پ چئي ٿي ته انهن کي خاطري ڪرائي وئي ته نگران حڪومت مقرر مدي اندر چونڊون ڪرائي گهر ڀيڙي ٿي ويندي. توڙي جو اليڪشن ڪرائڻ نگران حڪومت جو ڪم ناهي، پر اهم قوت نگران حڪومت هوندي، جيڪا نين چونڊن لاءِ ماحول تيار ڪندي. اليڪشن ڪميشن به چوڻ شروع ڪيو آهي ته ان کي گهٽ ۾ گهٽ پنج مهينا گهرجن. جيڪڏهن اپريل مئي تائين چونڊون ٿي وڃن ته وڏي ڳالهه هوندي. واڳ ڌڻين جي رويي مان لڳي ٿو ته اهي جلد چونڊن ڪرائڻ جي حق ۾ ناهن. جيڪڏهن اڳوڻي اتحادي حڪومت ۾ شامل ڌرين کي ڏسجي ته مولانا فضل الرحمان، پ پ ۽ ٻيون ڌريون آئين ۾ ڏنل مدي اندر چونڊون ڪرائڻ جي حق ۾ آهن. اهڙي صورتحال ۾ (ن) ليگ اڪيلائپ جو شڪار آهي. (ن) ليگ هيءَ به اعلان ڪيو ته آڪٽوبر ۾ سندن قائد ميان نواز شريف ايندو، ان کانپوءِ ايندڙ چونڊن جي حوالي سان ڪجهه چئي سگهجي ٿو. پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چئي ٿو ته ميان نواز شريف آڪٽوبر تائين ڏيهه نه ورندو، هو چاهي ٿو ته جيترو گهٽ عرصو جيل ۾ رهي، پارٽي لاءِ فائديمند هوندو. ان کان اڳ ۾ ميان نواز شريف جي ڏيهه واپسيءَ جا امڪان به گهٽ نظر اچن ٿا. لڳي ائين ٿو ته ميان نواز شريف کي جيستائين خاطري نٿي ڪرائي وڃي ته هن ۽ ان جي ڌيءَ مريم نواز کي چونڊن ۾ حصي وٺڻ جي اجازت نٿي ملي،ايستائين ڏيهه ورڻ جا امڪان تمام گهٽ آهن. اهي خبرون به آهن ته (ن) ليگ جي قائد ميان نواز شريف ۽ مريم نواز جي ڊرائيونگ سيٽ تي هجڻ جا امڪان تمام گهٽ آهن. ان حوالي سان واڳ ڌڻي به چاهين ٿا ته جيڪڏهن ميان شهباز شريف ئي ساڳئي سيٽ تي ويهي ته ان سان انهن جي بچت ٿي ويندي. (ن) ليگ جي اندر ۾ وڏو حلقو چاهي ٿو ته شهباز شريف،پنهنجي عهدي کي جاري رکي. نواز شريف واڳ ڌڻين کي دٻاءُ ۾ رکڻ لاءِ هيءَ مطالبو ڪري پيو ته جنرل قمر جاويد باجوا ۽ ڳجهي اداري جي اڳوڻي سربراهه جنرل فيض حميد کي گرفتار ڪيو وڃي، جن تي الزام آهي ته انهن پروجيڪٽ عمران خان متعارف ڪرايو ۽ ان جي نتيجي ۾ ملڪ اندر خراب حڪمراني قائم ٿي. هيءَ ڳالهه واڳ ڌڻي ڪيئن قبول ڪندا؟ هيءَ سو ملين ڊالرن جو سوال هوندو. جيڪڏهن ائين چئجي ته (ن) ليگ وري ماضي جي غلطي کي ورجائي پئي. ميان صاحب اڳوڻي فوجي آمر پرويز مشرف جي خلاف ڪارروائي جون لک ڪوششون ڪيون، پر ناڪام ويو، نه صرف آئين ٽوڙڻ جي باوجود ان کي سلامي ڏني وئي، پر پرڏيهه به موڪلي ڇڏيو. هينئر ساڳئي مطالبي کي ورجائڻ سان (ن) ليگ لاءِ مشڪلاتون پيدا ٿينديون.
اهي خبرون به اينديون رهيون آهن ته واڳ ڌڻي (ن)ليگ، پي ٽي آءِ ۽ پ پ مان جان آجي ڪرائڻ گهرن ٿا. اهي انهن ٽنهي پارٽين جي ڪجهه اڳواڻن ۽ ان کانسواءِ ڪجهه نون اڳواڻن تي ٻڌل نئين حڪومت قائم ڪرڻ جا اشارا ڏئي رهيا آهن. پ پ ۽ (ن) ليگ کي رڳو آسرن ۾ رکيو پيو وڃي. (ن) ليگ توڙي پ پ جي قيادت جو هڪٻئي تي اعتماد به نظر نٿو اچي، انهن جا اختلاف آهستي آهستي سامهون اچي رهيا آهن. واڳ ڌڻين وٽ، ٻنهي وڏين پارٽين کي ڊپ آهي ته ڪٿي، هڪ پارٽي ٻئي کي وڪڻي نه ڇڏي. اهو سڀ ڪجهه ماضي ۾ به ٿيندو رهيو آهي. ان ڪري پ پ جا سينيئر اڳواڻ اعتزاز احسن ۽ لطيف کوسا (ن) ليگ جا انتها درجي جا مخالف نظر اچن ٿا. اعتزاز احسن ته اتحادي حڪومت جي ڏينهن ۾ به چوندو رهيو ته پارٽي قيادت کي (ن) ليگ تي اعتبار نه ڪرڻ گهرجي. هي ٻئي سينيئر اڳواڻ عمران خان سان ملڻ کانپوءِ ائين محسوس ڪرائي رهيا هئا ته اجهو ٿا پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿين، پر ائين ٿيندي نظر نٿو اچي.
(ن) ليگ جيئن ئي نوان مطالبا ڪندي، اها واڳ ڌڻين کان پرڀري ٿيندي ويندي، پر اهي مطالبا شهباز شريف جي ڪيمپ مان نه ٿيندا، ان ڪري اهو واڳ ڌڻين جو بليو بواءِ هوندو. ميان نواز شريف اهي مطالبا ان ڪري ڪري پيو ته واڳ ڌڻين کي دٻاءُ ۾ رکي، وڌيڪ رعايتون حاصل ڪري ۽ کيس جلد کان جلد ڏيهه اچڻ ڏنو وڃي ۽ ممڪن هجي ته جيل ياترا کانسواءِ ميان نواز شريف سياسي گادي نشين ٿي وڃي. ان دوران هو پنهنجا سمورا ڪيس ختم ڪرائي، صاف سٿرو ٿي ڪري هڪ ڀيرو ٻيهر وزير اعظم ٿي وڃي.
پ پ جي قيادت به واڳ ڌڻين کي دٻاءُ ۾ رکڻ جي حڪمت عملي جوڙي آهي. هڪ طرف اهو چيو پيو وڃي ته چونڊون نوي ڏينهن اندر ئي ٿيڻ گهرجن، ان حوالي سان سپريم ڪورٽ جو در به کڙڪايو ويندو. ان سان گڏ پ پ جي ٻنهي سينيئر اڳواڻن ذريعي عمران خان سان به ويجهڙائپ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. جيڪڏهن پي ٽي آءِ ۽ پ پ هڪٻئي جي ويجهو اچن ٿيون ته اها ڳالهه واڳ ڌڻين لاءِ قابل قبول نه هوندي. هي يقين سان چئي سگهجي ٿو ته پ پ، پي ٽي آءِ سان حقيقي اتحاد نه ڪندي،پر پ پ عمران خان سان اوستائين هلندي جيستائين انهن جا مطالبا نٿا مڃيا وڃن. ماضي ۾ ميان نواز شريف ۽ ان وقت جي صدر غلام اسحاق جي ڏينهن ۾ پ پ پهرين ته (ن) ليگ جي ويجهو آئي،محترما شهيد کي پرڏيهي معاملن جي ڪميٽيءَ جو چيئرپرسن به بڻايو ويو، پر رات پيٽ ۾ صورتحال تبديل ٿي وئي. پ پ جي قيادت، نواز شريف بدران غلام اسحاق خان جو ساٿ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. هي ان کي Art of Possibility جو نالو ڏين ٿا. اهي سمجهن ٿا ته سياست جوڙ توڙ جو نالو آهي. پ پ جي اهڙي ڪنهن به حڪمت عمليءَ جي نتيجي ۾ اها واڳ ڌڻين کان پرڀري ٿي ويندي. واڳ ڌڻي،ان نئين سياسي بندوبست کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندا. پي ٽي آءِ توڙي جو Headless هوندي،عمران خان قيادت ڪرڻ جي اهل نه رهندو. پ پ، پي ٽي آءِ جي ٻڏل ٻيڙيءَ مان هريڙون هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي. جيڪڏهن اها ڳالهه صحيح آهي ته عمران خان به واڳ ڌڻين جي ويجهو رهڻ گهري ٿو ته ان سلسلي ۾ اعتزاز احسن ئي ٽياڪڙي ڪندو. هڪ طرف پ پ ۽ ٻئي پاسي اسٽيبلشمنٽ هوندا. ان بندوبست ۾ چوڌري شجاعت حسين به پ پ جي گيم کي ڪامياب ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.