بجليءَ جي وڌيل بلن خلاف احتجاج جو دائرو تيزيءَ سان وڌي رھيو آھي. ھلندڙ احتجاج جا اھڃاڻ ايترا شديد آھن جو نگران حڪومت چئن ڏينھن ۾ ئي پريشان ٿي پئي آھي. ملڪ جي موجوده وزير اعظم اھو اعلان بھ ڪري ڇڏيو آھي تھ ھڪ ڏينھن اندر عوام کي بجليءَ جي بلن ۾ رليف ڏنو ويندو. ھاڻي اھو رليف ڪيترو ھوندو؟ ان تي عوام راضي ٿيندو يا نھ ٿيندو؟ انھن سوالن جو تعلق حڪومت جي فيصلي ۽ عوام جي موڊ تي ھوندو. ھيءَ حڪومت بھ ھر حڪومت وانگر احتجاج جو بار پوڻ کان پوءِ اھو اعتراف ڪري رھي آھي تھ بجليءَ جي بلن ۾ واڌ جو اصل سبب بجليءَ جي چوري آھي. جڏھن تھ ميڊيا ۾ اھو بھ پڌرو ٿي پيو آھي تھ سرڪاري آفيسر ڪيتري مفت بجلي استعمال ڪن ٿا. اھا مفت بجلي صرف سرڪاري آفيسن تائين ناھي پر ان مفت بجليءَ جي دائري ۾ سرڪاري آفيسرن جا اھي گھر بھ شامل آھن، جن ۾ ھر وقت لائيٽون ۽ ايئرڪنڊيشنر ھلندا رھندا آھن. بجليءَ جا ادارا ڀلي عوام جي مٿان الزام مڙھين ۽ ڪجھھ شھرن جي ڳتيل آبادين ۾ وڇايل ڪنڊن جون تصويرون شيئر ڪن پر جيڪي اصل بجلي چور آھن، انھن جو نالو کڻڻ جي ھمت تھ ھن مھل تائين ڪنھن بھ سرڪاري يا نجي اداري جي مک مھندارن ۾ ناھي.
ھڪ غريب جيڪڏھن بجلي جو غيرقانوني ڪنڊو بھ ھڻندو تھ ان سنھڙيءَ ۽ ڪمزور تار تي ڇا ھلائيندو؟ ٻھ بلب ۽ ھڪ پکو! جڏھن تھ غريبن جي علائقن ۾ گھڻو ڪري تھ لوڊشيڊنگ ئي رھندي آھي ۽ ٻيو تھ غريبن وٽ ايترا پئسا ڪٿي آھن جو ريفريجريٽر ۽ ايئرڪنڊيشنر ھلائي سگھن! ان ڪري بجليءَ جي بحران جو سبب بجليءَ جي چوري ڄاڻائي ملڪ جي غريب عوام جي مٿان ان ذميواريءَ جو بار نھ رکڻ گھرجي. ڇو تھ عوام جي ڪلھن مٿان اڳ ۾ ئي گھڻا بار پيل آھن. ھاڻي عوام وڌيڪ بار برداشت بھ ڪري نھ ٿو سگھي.
حڪومت جو اھو خوف غيرحقيقي ناھي تھ جيڪڏھن عوام جي احتجاج تي ڌيان نھ ڌريو ويو تھ اھو ھڪ وڏي طوفان جو روپ وٺي سگھي ٿو. ڇو تھ بجليءَ جي واڌو بلن خلاف احتجاج سموري ملڪ ۾ ايئن ڦھلجي رھيو آھي، جيئن ٻيلي جي باھھ ڦھلبي ويندي آھي ۽ ان مٿان ڪنٽرول ڪرڻ ناممڪن نظر ايندو آھي. ان ڪري حڪومت ھن احتجاج کي نظرانداز ڪرڻ جي غلطي افورڊ ڪري نھ ٿي سگھي. ڇو تھ حڪومت کي اھي پروڻ پوڻ لڳا آھن تھ عوام جو ھن ڀيري موڊ ڪجھھ الڳ آھي.
سامونڊي طوفان ھجي يا زلزلو، انھن ٻنھي قدرتي آفتن جي شدت بيان ڪرڻ سان گڏ انھن جو اصل ماڳ ٻڌايو ويندو آھي تھ ھي طوفان ڪٿان شروع ٿيو يا ھن زلزلي جو مرڪز ڪٿي ھو؟ ھن وقت پوري ملڪ کي پنھنجي دائري ۾ شامل ڪندڙ بجلي جي بلن مخالف احتجاج جي ابتدا تھ آزاد ڪشمير کان ٿي پر ھن جي دائري ۾ سمورا صوبا ۽ ملڪ جا پھرين وڏا ۽ ھاڻي تھ ننڍا شھر بھ شامل ٿي رھيا آھن. پنجاب جي نگران حڪومت تھ ايتري گھٻرايل آھي جو ان بجليءَ جي آفيسن ٻاھران سخت سرڪاري پھرا مقرر ڪري ڇڏيا آھن. ڇو تھ ماڻھن جي اکين ۾ احتجاج جا اسڪيل مسلسل وڌي بھ رھيا آھن ۽ انھن جي شدت ۾ اضافو بھ اچي رھيو آھي. اھڙي ماحول ۽ اھڙي ڪيفيت ۾ جيڪو ڪجھھ ٿيندو، اھو ان مھل ملڪ جي حڪمرانن جي حق ۾ نھ ھوندو، جنھن وقت ملڪي حڪمرانن کي سياسي سھارو حاصل نھ آھي. ھن ڀيري تھ پنھنجا بدلا وٺڻ جي لاءِ ۽ پنھنجا ٻڌائڻ ۽ نھ ٻڌائي سگھڻ وارا مطالبا مڃرائڻ جي لاءِ سياسي پارٽيون بھ انھن احتجاجن کي نھ صرف سپورٽ ڪري رھيون آھن پر انھن جا اھي اعلان بھ ميڊيا جي زينت بڻجي رھيا آھن تھ ھو پاڻ انھن احتجاجن ۾ شامل ٿينديون.
حڪومت ۽ ملڪ جي اھم ادارن کي اھو احساس آھي تھ اھي احتجاج ڪنھن سياسي پارٽيءَ جي پليٽ فارم تان شروع نھ ٿيا آھن ۽ نھ وري انھن احتجاجن ۾ سياسي پارٽين جو ڪو وڏو ۽ قابل ذڪر حصو آھي. ھي احتجاج مڪمل طور تي عوامي آھن. انھن احتجاجن جي خوبي ۽ خطرناڪي اھا آھي تھ اھي احتجاج سياسي پارٽين کان ماورا ۽ عوام جي غضبناڪ غصي سان ڀريل آھن. انھن احتجاجن ۾ عوام جي شموليت بھ وڌي رھي آھي ۽ انھن ۾ عوامي ردعمل جي شدت اندر بھ اضافو اچي رھيو آھي.
بجليءَ جي بلن خلاف ٿيندڙ احتجاج جي پويان نھ تھ ڪو غيرملڪي ھٿ آھي ۽ نھ وري ھن ملڪ جي سياسي پارٽين جو ڪو حصو پتي آھي، جڏھن تھ عوام جي ان شديد مسئلي ۾ سياسي پارٽين جو اصولي ڪردار ھجڻ بھ کپندو ھو پر اسان جون سياسي پارٽيون اقتداري چڪرن ۾ ايترو تھ الجھي ويون آھن جو انھن کان عوام بنھھ وسري ويو آھي.
ملڪ جي واڳ بظاھر جن حڪمرانن جي ھٿن ۾ آھي، انھن کي پنھنجي ڪمزوريءَ جو بھ احساس آھي ۽ انھن کي اھو بھ معلوم آھي تھ اھو احتجاج اڪيلو ناھي. احتجاج جي اڪيلي بھ ھجڻ جو مطلب اھو آھي تھ اھو احتجاج صرف بجليءَ جي بلن تائين محدود ناھي. بجليءَ جا بل تھ ان احتجاج جو بھانو بڻيا آھن، جنھن احتجاج ۾ عوام مٿان پيل شديد ترين مھانگائيءَ جو بار آھي. ان احتجاج جي پويان ھن ملڪ جي ماڻھن جي اھا مجموعي پيڙا آھي، جيڪا انھن جي زندگيءَ کي ڏاري جيان ڏري رھي آھي. عوام مجموعي طور تي ڏکن سان سلھاڙجي ويو آھي ۽ سک اسان جي عوام کان ايترو ڄڻ تھ وسري ويا آھن. عوام جي مٿان مڪمل طور تي غيريقينيءَ ڇانيل آھي. انھن کي اھا پڪ ناھي تھ انھن جو ايندڙ ڏينھن ڪيئن ھوندو؟ ھو پنھنجي ذاتي ۽ خانداني پلاننگ ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نھ رھيا آھن.
ملڪ ۾ ھلندڙ احتجاج بجليءَ جي واڌو بلن خلاف تھ آھي ئي آھي ۽ ان ۾ عوام مٿان پيل مھانگائيءَ جو بار بھ پنھنجو ڪردار ادا ڪري رھيو آھي. پر جيڪڏھن سائنسي نظر سان ھن ھلندڙ احتجاج جو جائزو وٺبو تھ اسان کي ان ۾ عوام جي سماجي لاوارثي، معاشي مصيبت سان گڏ اھا سياسي توائي بھ نظر ايندي، جنھن کي مختلف حيلن ۽ بھانن سان دٻايو ويو آھي. عوام جي اندر سياسي طور تي جيڪو غصو آھي، ان جو اظھار بھ ھن احتجاج مان نوٽ ڪري سگھجي ٿو. ملڪ جي ماڻھن ۾ اھو احساس پنھنجي پوري شدت سان موجود آھي تھ انھن کي معاشي، معاشرتي ۽ سياسي طور تي وڏي عياريءَ سان بيوس بڻايو ويو آھي. بجليءَ جي بلن واري احتجاج مان عوام جي مٿان مڙھيل بيوسيءَ خلاف ردعمل بھ پنھنجو پاڻ پسائي رھيو آھي. حڪومت ۽ رياست جي حلقن جي نظر ۾ عوامي نفسيات جو اھو پھلو بھ آھي. ان ڪري ملڪ اندر ھلندڙ ۽ وڌندڙ احتجاج کي نظرانداز ڪرڻ جو رسڪ کڻڻ لاءِ گھٽ ۾ گھٽ موجوده سرڪاري سيٽ اپ تھ ڪنھن بھ صورت ۾ تيار نھ ٿي سگھندو.