ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ورهاڱو: شهر ۽ ليکڪ

Editorial-Article-Rauf Nizamani

ماضي جي ڳولها ورهاڱي تي لکندڙ مختلف ٻولين جي گھڻن ليکڪن جو موضوع رهيو آهي. هو ماضي کي پنهنجي حال ۾ ڏسڻ چاهين ٿا پر ان جي تبديل ٿيل صورت کي ڏسي کين مايوسي ٿئي ٿي. تبديلي هڪ ته هڪ مستقل عمل آهي ۽ جيڪڏهين اهي ماڻهو لڏپلاڻ نه به ڪن ها ته به شيون، شهر ۽ ماڻهن ۾ تبديلي اڻٽر هئي.
هند جي سنڌي ليکڪ جيا جادواڻي جو ناول هن شهر ۾ هڪ شهر هو اهڙي ئي هڪ المئي جي ڪٿا آهي. اهو ناول هڪ آتم ڪٿا جي طور لکيو ويو آهي. ليکڪ جنوري 1948 ۾ اٽڪل ڏهن سالن جي عمر ۾ شڪارپور مان ڪراچي ۽ پو اتان بحري جهاز ۾ بمبئي هليو ويو هو. اتي کين بمبئي کان پري هڪ ويران علائقي ۾ رهايو ويو هو. کيس ريل گاڏين ۽ سڙڪن تي شيون وڪڻي پنهنجو ۽ پنهنجي پريوار جو پيٽ پالڻو پيو ٿي. ان صورت ۾ پڙهائي کي جاري رکڻ هڪ ڏکيو ڪم هو.
گھڻن لڏي ويل سنڌين جيان ليکڪ جو به آر ايس ايس سان ويجھو تعلق رهيو. هو ان جي سرگرمين ۾ شامل رهيو. هڪ اڌ دفعو سندس مودي سان ريل ۾ واسطو پيو ۽ واجپائي سان به ڪجھه ملاقاتون ٿيون.
هو اٽڪل ٻٽيهه سالن کان پو سنڌ موٽي ٿو. کيس هونئن ويزا نه ٿي ملي پر هڪ جوهري جي حيثيت ۾ ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد جي ويزا ملي ٿي. هو جهاز ۾ ڪراچي اچي ٿو ۽ صدر ۾ هڪ هوٽل ۾ رهي ٿو. جڏهين کيس ماني جي طلب ٿئي ٿي ۽ هو هندو کاڌو کائڻ چاهي ٿو. پر جڏهين ڏسي ٿو ته هوٽل وارا ته ساڳيا چمچا ۽ ڪفگير ماس ۾ به استعمال ڪن ٿا ۽ سبزي ۾ به ته هو اتان ماني کائڻ کانسوا اٿي اچي ٿو ۽ سوامي نارائڻ مندر جو رخ ڪري ٿو جتي کيس خبر پئي ٿي ته هتان جو پنڊت هڪ مسلمان کي هوٽل وڪڻي پاڻ ڀارت هليو ويو هو. بهرحال اتي رهندڙ ڪجھه هندو کيس ماني کارائين ٿا ۽ هو واپس پنهنجي هوٽل هليو وڃي ٿو. صدر بمبئي جي ڪناٽ پيلس جو هڪ ننڍو حصو لڳي ٿو. ڪراچي ۾ به بمبئي وانگر وڏيون عمارتون ۽ پلازا آهن پر بمبئي ۾ عمارتن کي ڏسندي آسمان نظر نه ٿو اچي جڏهين ته ڪراچي ۾ آسمان صاف طور نظر اچي ٿو ۽ شهر کليل ۽ ڪشادو لڳي ٿو.
سندس اصل منزل شڪارپور آهي پر اتان جو وٽس ويزا ناهي. هو لڪل نموني ڪجھه دوستن جي مدد سان سکر ۽ پو اتان شڪارپور وڃي ٿو. اتي هو شهر، پنهنجي گھر ۽ پنهنجي ننڍپڻ جي محبت سنڌو کي ڏسڻ ۽ ملڻ چاهي ٿو. شهر ڪجھه ساڳيو آهي ۽ ڪجھه بدلجي ويو آهي. گھڻا نوان ماڻهو اچي ويا آهن جن کي نه هو سڃاڻي ۽ نه ئي اهي کيس سڃاڻن ٿا. هو ڳولهيندو پنهنجي گھر تائين ته پهچي ٿو ۽ اتي رهندڙ ماڻهن سان پنهنجو تعارف ڪرائي ٿو ۽ کين شيخ اياز جو ڪتاب ڏيکاريندي ٻڌائي ٿو ته هي شاعر سندس دوست آهي ۽ هو رڳو پنهنجي گھر کي ڏسڻ چاهي ٿو پر اهي ماڻهو کيس اندر اچڻ نه ٿا ڏين. هو هڪ عورت مائي زيني سان ملي ٿو جيڪا سندن ڪپڙا ڌوئندي هئي. هو ان جي هٿ جي ماني به کائي ٿو ۽ کيس ڪجھه پئسا به ڏئي ٿو.
لڏي ويندڙ هندن ۾ سنڌي مسلمانن لا جيڪو ڪروڌ ۽ ڪاوڙ آهي ان جو لعل بشپ وٽ به اظهار ٿيل آهي ۽ هن ڪتاب ۾ به ان جو ذڪر ٿيل آهي. هن سيٺ نائون مل سان ٿيل وارتا جو به ذڪر ڪيو آهي. سندس چوڻ آهي ته شيخ اياز جو پي هڪ هندو شادي شده استري، جنهن کي ٽي ڌيئر هيون، کي ڀڄائي پنهنجي گھر کڻي آيو هو. ساڳي ريت هن بمبئي جي هڪ واقعي جو ذڪر ڪيو آهي. پندرنهن ويهه ماڻهن جي هڪ محفل هئي جنهن ۾ شيخ اياز پنهنجا شعر پڙهيا. سڀني واهه واهه ڪئي پر موئن ڪلپنا خاموش رهيو. اياز کانئس پڇيو ته ڇو توکي منهنجو شعر نه وڻيو. جنهن تي موئن ڪلپنا جواب ڏنو بڪواس. ان تي اياز کيس چيو ته هڻان پٿر. موئن جواب ڏنو ته مسلمان ٻيو ڪري به ڇا پيا سگھن. ان تي ڪافي گرما گرمي ٿي ويئي ۽ موجود ماڻهن وچ ۾ پيئي معاملي کي ٿڌو ڪيو.
مسلمان ۽ هندن ۾ هڪ محبت ۽ نفرت جو تعلق رهيو آهي. ورهاڱي کان پو سنڌ جي حالتن جي ڪري انهن جي ناتن ۾ هڪ مثبت تبديلي آئي آهي پر ماضي جا ڦٽ وقت بوقت ظاهر ٿيندا رهن ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button