سور سوين آھن. پور بھ گھٽ ناھن. پر اھا جاءِ ناھي، جتي دردن جو ڪو علاج ٿي سگھي. بلڪل ائين جيئن اھو مشھور اردو شعر آھي:
“ڪوئي ڪيون ڪسي سي لگائي دل
ڪوئي ڪيون ڪسي ڪا لڀائي دل
وه جو بيچتي تھي، دوائي دل
وه دوڪان اپني بڙھا گئي”
ڪالھھ اھي دوڪان اڳتي سري نظر مان اوجھل ٿيا ۽ اڄ ڪو اھڙو در بھ ڏسڻ ۾ نھ ٿو اچي، جتي دستڪ ڏئي، پنھنجن سورن ۽ پورن جو ڪيس داخل ڪجي.
مٿين صورتحال ۾ ھڪ ادبي قسم جي مھڪ موجود آھي. پر جيڪڏھن ھر منظر مان مڪمل طور تي ادبيت ختم ڪري ڇڏجي. جيڪڏھن لفظن جا لٽا لاٿا وڃن. تڏھن بھ اسان کي سٺا، سھڻا ۽ سٻاجھا الفاظ احتجاج ڪندا نظر ايندا. ۽ اھو احتجاج بھ ڪو عام احتجاج نھ ھوندو. اھو احتجاج بھ بنھھ شديد ۽ جوش جا شعلا ڀڙڪائيندو ڏٺو ويندو. ڇو تھ ھن ڪافي وقت کان وٺي اسان جي ملڪ ۽ معاشري کي ان نھج تي پھچايو ويو آھي، جتي ھاڻي ڪا “نھايت” نھ بچي آھي.
پاڪستان مجموعي طور تي تمام وڏي پيڙا ۾ آھي پر ھن ملڪ جي وجود جا اھي حصا جيڪي اڳواٽ ئي نٻل ۽ نستا ھئا. جن جو پھريان ئي خون نپوڙيو ويو ھو. جن جي سماجي سفر جا پيرا رت جي نشانن وارا نظر ايندا ھئا. اھي انسان. اھي قديم قومون. اھي جديد صوبا پر ننڍا ۽ نھ صرف ننڍا پر انتھائي مظلوم ۽ محڪوم صوبا، پنھنجي ملڪ جا سڀ کان وڌيڪ گھرا گھاوَ بڻجي ويا آھن. ۽ انھن جو گھڻي وقت کان وٺي علاج نھ ٿيو آھي. جيتوڻيڪ پنھنجي دور جي سجاڳ آواز شيخ اياز پوري شدت سان پڇا ڪيو ھو تھ:
“پنھنجا ڦٽ پراڻا ھا
يا ھي ويڄ اياڻا ھا”
پر ھن کي ڪو جواب نھ مليو. جڏھن تھ فيض احمد فيض کي ھن حال جي حقيقت معلوم ھئي، ان ڪري ھو لکي ويو ھو تھ:
“ڪڇ چاره گرون ڪو اپني چاره گريءَ سي گريز تھا
ورنھ ھماري درد بھت لادوا نھ تھي”
بلڪل. ھو بھ ائين. ھن ملڪ جا مسئلا. ھن ملڪ جي عوام جا درد لادوا نھ ھئا. اھي مڪمل طور تي قابل علاج ھئا. پر انھن جي دوا نھ ڪئي وئي. انھن کي معالج نھ مليو. ان ڪري زخم ناسور ٿي ويا.
جيڪڏھن اسان پنھنجن لفظن تان ادبي مٺاڻ جو تھھ لاھي اصل حقيقت پيش ڪيون تھ اھا ائين ئي ھوندي، جيئن چيو ويندو ھو، چيو وڃي ٿو ۽ نھ معلوم ڪيستائين چيو ويندو تھ پاڪستان پنھنجي وجود ۾ مسئلن جا ايترا انبار ڪٺا ڪيا آھن جو ھن وقت ھن جي حڪمرانن کي بھ سمجھھ ۾ نھ ٿو اچي تھ ڪھڙو مسئلو پھريان درست ڪرڻ جو فيصلو ڪجي؟
تحريڪ انصاف تھ تمام منڍ کان وٺي، ھاڻي تھ پيپلز پارٽي بھ پنھنجي پاران ان پريشانيءَ جو اظھار ڪرڻ شروع ڪيو آھي تھ آخر چونڊون ڪڏھن ٿينديون؟ جڏھن اھو سوال ھلندڙ نگران حڪومت کان پڇيو وڃي ٿو تھ انھن کي صرف اھو سوال پسند نھ ٿو اچي پر انھن کي ان سوال جي اصل ۽ حقيقي جواب جو ڪو پتو بھ ڪونھي. جڏھن تھ ھن وٽ ھاڻي اھو بھانو آسانيءَ سان اچي ويو آھي تھ انھن جو ڪم اليڪشن ڪميشن پاران ڏنل ٽائيم تي چونڊون ڪرائڻ آھي.
پاڪستان جي پوري تاريخ ۾ اڳ ڪڏھن بھ اليڪشن ڪميشن کي ايتري اھميت نھ ملي ھئي ۽ نھ وري ان کي ايترو آزاد ڪيو ويو ھو جو ھوءَ سياسي پارٽين کي تھ ڇا پر ايوان صدر کي بھ ڪنھن ڪٿ ۾ نھ آڻي. ڪنھن ٿي سوچيو؟ ڇا ڪو تصور بھ ڪري ٿي سگھيو تھ پاڪستان ۾ ھڪ وقت اھڙو بھ ايندو جو ملڪ جي پاپولر پر سابق پرائيم منسٽر سان منڍ کان وٺي منڊو اٽڪائيندڙ اھو ادارو ھڪ ڏينھن ايترو تھ سرڪش ٿي ويندو جو ھن کي ملڪ جو صدر چونڊن جي معاملي تي صلاح ثواب ڪرڻ جي لاءِ آفيشل دعوت اماڻي ۽ ھو وڃڻ بدران ميڊيا معرفت انڪار جا ٻھ اکر اماڻي ڇڏي. جڏھن تھ پنھنجي آئيني پوزيشن ايوان صدر واري ميٽنگ ۾ بھ پيش ڪرڻ ممڪن ھئي. پر جڏھن طاقت ڏيکارڻي ھجي يا جڏھن توھين ڪرڻي ھجي تھ پوءِ اھو رستو اختيار ڪيو ويندو آھي، جنھن رستي تي ھن مھل ملڪ جو اھو ادارو آھي، جنھن جي طرف پھريون ڀيرو پنھنجي ملڪ جي ميڊيا ۽ سياسي پارٽيون نھ پر پاڪستان ۾ بروقت اقتدار چاھيندڙ ملڪ بھ تمام گھڻي تشويش سان تڪي رھيا آھن. ان جو سادو ۽ آسان مطلب اھو آھي تھ ان اداري جي پويان آخر ڪي آھني ھٿ تھ ھوندا جو نگران حڪومت جي وزير اطلاعات کي تمام فخر سان اھو اعلان ڪرڻو ٿو پوي تھ حڪومت اليڪشن ڪميشن جي پويان جبل جيان موجود آھي. اھو پھاڙ ڪيترو پاورفل ۽ ڪيترو پالھو آھي؟ ان سوال جو جواب ھر ڏينھن نھايت وضاحت سان پيش ڪري ٿو.
پاڪستان مسئلن سان ٽمٽار ملڪ آھي. پاڪستان ۾ سياسي پارٽين کي ڀلي ايندڙ چونڊن جي پريشاني ھجي پر ماڻھو تھ پوءِ بھ بجليءَ جي تمام وڌيل بلن کي گھٽائڻ جي لاءِ احتجاج ڪري رھيا آھن. واپارين جا ھڙتالون ۽ عام شھرين جون اپيلون، سياست کان سوين نھ پر ھزارين بلڪھ لکين ڪلوميٽر دور آھن. انھن کي صرف ۽ صرف رليف گھرجي. جڏھن نگران حڪومت پھرين اشارو تھ ڇا پر ڪو آسرو ڏنو تھ عوام سان بجليءَ جي بلن ۾ رعايت ڪئي ويندي. نگران وزير اعظم تھ واضح طور تي 48 ڪلاڪن جو اعلان ڪيو ھو ۽ چيو ھو تھ تمام جلد ملڪي عوام کي ان پريشانيءَ مان ٻاھر ڪڍيو ويندو. اھڙي اعلان جي تصديق وفاقي وزير نشر و اشاعت بھ ڪئي. ھن بھ اھو چيو تھ جلد عوام مٿان رحم ڪرم جو پاڇو پوڻ وارو آھي. پر پوءِ ڇا ٿيو؟ اڃان اھڙن اعلانن جا پڙاڏا ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي ماٺ بھ نھ ٿيا ھئا تھ ملڪ جي ناڻي واري نگران وزير جو اھو دلگير ڪندڙ بيان منظرعام تي آيو تھ ملڪ جي معاشي حالت اھڙي ناھي جو عوام کي سبسڊي ڏئي سگھجي.
حڪومت جي انداز مان اھو احساس بھ ٿي رھيو آھي تھ بنھھ انڪار ڪري ممڪن آھي تھ ڪجھھ رليف بھ مھيا ڪيو وڃي پر اھو ايترو تھ معمولي ھوندو جو عوام نگران حڪمرانن کي اھڙو “احسان” نھ ڪرڻ جي اپيل بھ ڪري سگھي ٿو. ملڪ ۾ ماڻھو معاشي طور تي پريشان آھن. حالت اھا آھي تھ ماڻھو جلدي ملندڙ قرض جي چڪر ۾ ڦاسي پنھنجين زندگين جا ديپ پنھنجن ھٿن سان آتم ھتيائون ڪري اجھائي رھيا آھن. ڇا ڪنھن دور ۾ اھو ٿيو ھو؟ اسان تھ اڳ ڪڏھن بھ پڙھيو ۽ ٻڌو ھو تھ ڪو پنجاب جا مڊل ڪلاسي بھ قرضن جي عذاب ۾ الجھي خودڪشيون ڪندا.
سنڌ ھن وقت ملڪ جي سڀ کان ستايل سرزمين آھن. ھڪ اھڙي سرزمين جتي صرف معاشي نھ پر جتي امن ۽ انصاف جو بھ تمام گھڻو ڏڪار آھي. سنڌ سڪار جي تمنا ۾ صدين کان سڪندي رھي آھي. پر وقت جي سفر ۾ سنڌ جي تڪليف گھٽجڻ بدران مسلسل وڌندي رھي آھي. ھاڻي تھ سنڌ اھڙي حال کي پھتي آھي جو سندس روح سراپا رڙ ٿي ويو آھي. اھڙي رڙ جيڪا رڻ ۾ گونگي دانھن وانگر گونجي رھي آھي.