تازو ئي ڪجهھ عرصي کان موسمياتي تبديلين جي ڪري ماحوليات جنھن نموني ۽ تيزي سان تبديليءَ جي سانچي مان گذري آھي اھو حيران ڪرڻ سان گڏ نھايت ڳڻتيءَ ڀريو آھي. ھي موسمياتي تبديلي جا ئي اثر آھن جو گذريل سياري 2022ع-2023ع دؤران دنيا، عرب ملڪن جي صحرا ۾ برف باري ڏٺي. ايشيا ۽ يورپ کان وٺي آمريڪا تائين شديد برف باري جو نئون ۽ ڊگھو سلسلو به ڏٺو. اھو سلسلو ھر سال وڌي پيو. وري گرمين ۾ نه رڪجندڙ شديد برساتون، ٻوڏون ۽ لينڊ سلائيڊنگ جا سلسلا دنيا ۾ ڏسڻ ۾ آيا. ائين ٿو لڳي ته دنيا موسمياتي تبديلين جي مختلف ۽ پُر خطر ڪيفيتن مان مسلسل گذري رھي آھي، جنھن موسميات سان لاڳاپيل سائنسدانن ۽ اھلِ شعور و فڪر کي ڇرڪائي وڌو آھي.
اسان جي ڌرتي جي گولي جو گرم ٿيڻ وارو ھڪ انتھائي اھم سبب فضا ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي مقدار جو وڌڻ آھي. اھو انساني سرگرمين جي ڪري ٿيو آھي. ائين به ناھي ته ھيءَ ڪا فائديمند گئس ناھي، ھيءَ گئس گرمي پد درست رکڻ ۾ مدد ڏي ٿي ۽ سج مان ايندڙ ڪجهھ تپش کي زمين جي فضا ۾ جڪڙي وٺي ٿي. ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ نه ھجي ته اسان جو سيارو ايڏو ٿڌو ٿي وڃي جو ھتي زندگي ممڪن نه ٿئي. بي سي سي اردو جي ھڪ رپورٽ موجب “ھيءَ گئس ڌرتي جي گرمي پد کي صحيح رکڻ ۾ مددگار آھي پر قدرت تمام نازڪ توازن تي ڪم ڪري ٿي. انساني سرگرمين فضا ۾ ھن گئس جي مقدار کي وڌائي ڇڏيو آھي. سج جي تمام گھڻي تپش فضا ۾ رڪجي پوي ٿي، جنھن ڪري اسان جو سيارو وڌيڪ گرم ٿيندو وڃي ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي وڌڻ ۾ ڪوئلي تي ھلندڙ بجلي گھر، ڪاخانا، جھاز، گاڏيون، فصلن کي باھيون وغيرہ شامل آھن.”
تاريخ سان لاڳاپيل واقف ڪار ماڻھو بخوبي ڄاڻن ٿا ته ارڙھين صدي عيسوي ۾ جڏھن کان يورپ ۾ صنعتي انقلاب آيو ڪابان ڊاءَ آڪسائيڊ جو توازن بگڙڻ شروع ٿيو. نه ته ان کان اڳ ماحوليات جو نظام صدين کان خوش اسلوبي سان قائم رھيو پئي. انگلينڊ کان صنعتي انقلاب جي ابتدا ئي ۽ ھن نظام ۾ خلل پوڻ شروع ٿيو. وائيس آف آمريڪا جي ھڪ رپورٽ موجب “1760ع جي لڳ ڀڳ جڏھن انسان پھرين مشين ٺاھي ۽ ان دونھون اوڳاڙڻ شروع ڪيو ته ان سان قدرت جي نظام ۾ خلل پوڻ شروع ٿيو. جيئن جيئن فضا ۾ ڪاربان گئسن جو مقدار وڌي رھيو آھي، زمين به غصي سان گرم ٿيندي پئي وڃي.”
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس نيويارڪ ۾ ھڪ بريفنگ جي دؤران نون خطرن طرف اشارو ڪندي اھم ڳالھيون ڪيون. ھن چيو هو ته “اسين گلوبل وارمنگ جي دؤر کان اڳتي نڪري چڪا آھيون، ھاڻي اسان جي سامھون عالمي سطح تي زمين جي ٽَھڪڻ جو منظرنامو آھي. ان سڄي دنيا جي ملڪن تي زور ڏنو آھي ته اھي خطري جو ادراڪ ڪندي ڪاربن گئسن جي اخراج تي قابو آڻڻ ۽ انھن کي ٻڙي تي آڻڻ جي لاءِ سنجيدہ قدم کڻن.”
عالمي بئنڪ جي ھڪ رپورٽ ۾ حيرت انگيز ڳالھيون سامھون آيون آھن. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آھي تہ دنيا جي 74 غريب ملڪن جو گڏيل طور تي ڪاربن گئسن جي اخراج ۾ حصو 10 سيڪڙو کان بہ گھٽ آھي. حيرت جي ڳالهھ اھا ته ماھرن جي اندازن موجب پاڪستان جو گلوبل وارمنگ ۾ حصو ٻڙي ڏهائي چار سيڪڙي کان به گھٽ آھي جڏھن ته گلوبل وارمنگ جي نتيجي ۾گذريل سال جي شديد بارشن ۽ ٻوڏن سبب ان کي 30 ارب ڊالرن کان وڌيڪ نقصان کڻڻو پيو.
مشھور عالمي خابرو اداري الجزيرہ موسمي جي حوالي سان ھن ريت مختلف رپورٽس شايع ڪيون آھن:
“شديد گرمي يورپ کان وٺي آمريڪا ۽ جاپان تائين دنيا کي پنھنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو.”
“ماھر صحت کي لاحق خطرن کان آگاھه ڪري رھيا آھن ڇو ته شديد گرمي دنيا کي پنھنجي وڪڙ ۾ وٺي رھي آھي.”
الجزيرہ لاس ويگاس ويڌر سروس جي موسم جي حوالي سان وارننگ جو به حوالو ڏنو جنھن مان ھڪ سٽ ھن ريت ھئي:”ھاڻي سڀ کان سخت دؤر شروع ٿي رھيو آھي.”
پروفيسر رچرڊ ايلن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته: “ھيءَ اضافي گرمي موسم جي انھن انتھائن کي سپر چارج ڪرڻ وانگر آھي. اسان کي پوئتي ھٽڻ جي ضرورت آھي.”
ان کان علاوہ دنيا جي ماحوليات جي تباھي ۽ خطرناڪ حد تائين وڌيل گرمي پد جو اندازو يورپي يونين جي موسميات جي اداري ڪوپرنيڪس جي ڊائريڪٽر ڪارلو بونٽيمپو جي ان بيان مان به بخوبي ڪري سگھجي ٿو، جنھن ۾ ھو چوي ٿو “صرف خشڪي ئي نه بلڪه سمنڊ به تيزي سان گرم ٿي رھيا آھن جنھن سان ايل نينو جي قدرتي عمل ۾ خلل پئجي رھيو آھي ۽ طوفان جنم وٺي رھيا آھن. اينٽارڪٽيڪا ۾ برف کي پھچڻ وارو رڪارڊ نقصان پريشان ڪندڙ آھي. ان جو وڌيڪ چوڻ ھو ته ھاڻي ته ائين محسوس ٿئي ٿو ته ڄڻ موسم گرم نه ٿي ٿئي بلڪه ان کي چريائپ جو دورو پيو ھجي”
توڙي جو ھي ھڪ ڊگھو موضوع آھي پر ھيءَ سڄي تحقيق جيڪا ھن مقالي لکڻ دؤران اسان جي مطالعي مان گذري اھا لکي پڙھندڙن ۾ سجاڳي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
ھتي اسان کي ھڪ آمريڪي عورت مفڪر ۽ ماھر بشريات اينٿروپالاجسٽ مارگريٽ ميڊ (1901ع ـ 1978ع) جا لفظ ٿا ياد پون. “جيڪڏھن اسان ماحول کي تباهھ ڪري ڇڏيو ته اسان جو معاشرو نه ھوندو.”
ھنن لفظن ۾ جرڪندڙ سچائي کي سمجھڻ جي ضرورت آھي. انسان معاشري سان ۽ معاشرا ماحول سان ھوندا آھن. وقت اڃان ويو نه آھي جو ڪاربن گئسز تي ضابطو آڻي انھن کي ٻُڙي تي آڻجي. تڏھن ئي ماحوليات ۽ معاشرا يعني انسان به بچي سگھندا نه ته صنعتي ترقي جا ھن کان به وڌيڪ خطرناڪ اثر اڳتي ڀوڳڻا پوندا. ھتي اھم ڳالهھ اھا به آھي ته آمريڪا، يورپي ملڪ، چين ۽ ڀارت سميت ٻيا صنعتي ترقي يافتا اھي ملڪ جن تي ڪاربن گئسز جي وڏي پيماني جي اخراج جي ذميواري عائد ٿئي ٿي، اھي سنجيدگي ڌاري دنيا جي ماحول جي تحفظ لاءِ ترت اپاءَ به وٺن ۽ ٻين انھن ملڪن جو خيال ڪن جن جو ڪاربن گئسز جي اخراج ۾ حصو نه ھجڻ برابر آھي ۽ جيڪي خوامخواھه انھن صنعتي ملڪن جي ڪري ڏچي ۾ اچن ٿا ۽ ڳرين برساتن ۽ ٻوڏن سميت قدرتي کي منھن ڏين ٿا. عالمي طور تي گڏيل قومن ۾ اھڙو قانون به جوڙيو وڃي جو قدرتي آفتن سبب انھن متاثر ملڪن جو ازالو انھن ڪاربن گئسز جو اخراج ڪندڙ مذڪورہ صنعتي ملڪن کان ڪرايو وڃي، ان کان سواءِ ٻي ڪا واٽ ناهي. (پورو ٿيو)
[email protected]