مسرور سيال
سنڌ جي سر موڙ شاعر شاھه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو پيغام ڪھڙو آھي، ان پيغام کي عام ڪرڻ ڇو ضروري آهي. ان جي عام ٿيڻ سان سماج تي ڪهڙا مثبت اثر پوندا؟ هيءَ اُهي سوال آهن جن جا جواب لکيا وڃن ته شايد لطيف جي پيغام کي سمجھڻ ۾ مدد ملي پوي. ان ڀيٽ ۾ اسان جي ڏاھن، محققن ۽ لطيف جي پارکن شاھه لطيف تي جيترو به لکيو ۽ ڳالهايو آهي، اُهو به ڪو گھٽ ناهي پر تنهن هوندي به اُهو ڪجھه نه ٿي سگھيو آهي جيترو ڪجھه ٿيڻ گھرجي.
لطيف جو پيغام اصل ۾امنِ عالمِ انسانيت جو پيغام آهي جنهن ۾ رشتن جو قدر به آهي ته جذبن جو احساس به آهي جنهن ۾ سچائيءَ جا ٻول آهن ته عدل جا ماپا به آھن، جنهن ۾ مذهبن جا رنگ به آهن ته وري صوفين جا درس به آهن جنهن ۾ عشق به آهي ته عشق جا امتحان به آهن، جنهن ۾ معشوق جون ادائون به آهن ته عاشق جي تڙپ به آهي، جنهن ۾ سونهن به آهي ته سونهن بخشيندڙ جا جلوه به آهن، جنهن ۾ ظاهر به آهي ته باطن به آهي، جنهن ۾ رات جي ڪارڻ به آهي ته چنڊ جي چانڊاڻ به آهي جنهن ۾ صبح جي شفق به آهي ته ڏينهن جا اُجالا به آهن، جنهن ۾ سنڌ به آهي ته پوري ڪائنات به آهي. شاھه لطيف جو پيغام مظلومن جي پڪار به آهي ته ظالم خلاف بغاوت به آهي، جنهن ۾ ارمان به آهن ته وري اُتساھه به آهي، جنهن ۾ صبر جا درس به آهن ته شجاعت جا ڏس به آهن جنهن ۾ جسمن جي ساراھه به آهي ته روح جي راحت به آهي، جنهن ۾ فطرت جا رنگ به آهن ته قدرت جا ڍنگ به آهن، جنهن ۾ خالق جي هيڪڙائي به آهي ته سندن بندن سان لاڳاپو به آهي جنهن ۾ راز نياز به آهي ته موسيقيءَ جو ساز به آهي، شاھه لطيف جي پيغام ۾ ڌرتيءَ سان محبت به آهي ته ڌرتيءَ مٿان جان گھورڻ به آهي، جنهن ۾ ننگن دنگن جي حفاظت به آهي ته دشمن سان مهاڏو اٽڪائڻ به آهي مطلب ته لطيف جو پيغام عظمتِ انسانيت ۽ محبتِ فطرت آهي.
ھنيون حقيقت گڏيو طريقت تورِينِ
معرفت جي ماٺ سين ڏيساندَرُ ڏورِينِ
سک نه سُتا ڪڏهين ويهي نه ووڙِينِ
ڪُلھو ڪورِينِ عاشق عبداللطيف چئي
هي پيغام هر مڪتبِه فڪر واري لاءِ اُهو وکر آهي، جيڪو فقط مريض کي ڏنو ويندو آهي. ان مريض جو واسطو ڪهڙي به مذهب يا مڪتب سان هجي ان ڪري لطيف هر ان جو آهي جنهن ۾ انسانيت ۽ ماڻهپو آهي، شاھه لطيف جي پيغام کي اڄ جي دور ۾ اڳ کان وڌيڪ سمجھڻ ۽ عام ڪرڻ جي ضرورت ان ڪري به، ته هن دور ۾ جيڪا انتها پسندي وڌي رهي آهي، اُها اصل ۾ هن عظيم مفڪرن کي نه سمجھڻ جي ڪري ئي آهي. جيڪڏهن اُهي شاھه لطيف کي سمجھن ها ته انسانيت جا قدردان هجن ها. شاھه عبدالطيف ڀٽائي پنهنجي چاهيندڙن کان ٻيو ڪجھه نٿو گھري سواءِ ان جي ته ھن جي پيغام کي سندس اصل صورت ۾ بيان ڪيو وڃي ڏسجي ته سندس پيغام کي ان انداز سان نٿو پهچايو وڃي جنهن انداز سان لطيف سرڪار سمجھايو هو. اسين لطيف سرڪار کي پنهنجي شهرت جو ذريعو سمجھيو آهي ۽ ان سان گڏ ڪمائي جو ذريعو پڻ بڻايو آهي لطيف سان عقيدت کي صرف پاڻ کي مطمئن رکڻ لاءِ سمجھيو ويو آهي. جڏهن ته دنيا کي سمجھائڻ لاءِ ڪوشش نه هجڻ جي برابر آهي. شاھه لطيف کي انهن پانڌئيڙن جي ضرورت آهي، جيڪي سندس فڪر کي سمجھن ۽ ٻين کي سمجھائين.
سگھن سُڌ سور جي، گھايل ڪئين گھارين،
پيل پاسو پٽ تان واڊوڙو نه وارين،
پر ۾ پڇين پرين لئه، ھئي! ھنجون ھارين،
سڄڻ جي سارين، تن رويو وھامي راتڙي،
ڏسجي ته شاھه سائين انهن سوچن کان گھڻو مٿانهون آهي، جيڪي ماڻهوءُ سندس اڳيان اچي بيان ڪن ٿا. لطيف هڪ عظيم رهبر آهي، جيڪو اهلِ دل وارن جي رهبري ڪندو آهي. ان لاءِ سندس رهبري حاصل ڪرڻ لاءِ وڏي دل جي ضرورت آهي. ان ڪري ته لطيف سرڪار جو واسطو ڀاڙئي، ڀاڄوڪڙ، بزدل سان ناهي. ان سان گڏ سندس واسطو ڪاهل، سست سان به ناهي پر شاھه لطيف جو واسطو ارڏي، بهادر، جوڌي سان آهي. تڏهن ته پاڻ چون ٿا.
سورهيه مرين سوڀ کي ته دل جا وهم وسار،
هڻ ڀالا وڙھه ڀاڪرينء،ِ آڏي ڌار ۾َ ڌار،
مٿان تيغ ترار، مار ته متارو ٿئينءِ،
مطلب ته لطيف سرڪار جو فڪر عالمِ انسانيت جو اُهو فڪر آهي، جيڪو دنيا جي وجود سان سلهاڙيل آهي، جيستائين هن دنيا جو وجود باقي هوندو لطيف سرڪار جو پيغام ستل ضميرن کي جھنجھوڙيندو رهندو. بد امنيءَ کي امن جي دعوت ڏيندو رهندو، رهزنن کي انسان بڻجڻ جو گس ٻڌائيندو رهندو. حقيقت پسنديءَ جا ٻول ٻڌائيندو رهندو ۽ دنيا جي مظلومن جي رهبري ڪندو رهندو ۽ اها رهبري جيڪا مظلوم قومن کي انصاف ڏياري، غلام قومن کي آزادي ڏياري، محڪوم قومن کي حق ڏياري ٿي. اُها رهبري جيڪا اصل ۾ اڳوڻيءَ جو حق ادا ڪرڻ جو مظهر هوندي آهي. ان ڪري سنڌ ۽ سنڌين کي لطيف جھڙي رهبر هوندي شڪايتون ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. رڳو لطيف جي فڪر کي سمجھڻ جي ضرورت آهي مڙي مٺ ٿيڻ جي ضرورت آهي.
شاھه لطيف جي پيغام ۾ عدمِ تشدد جو نياپو آهي. اُها ٻي ڳالھه آهي ته جتي هٿيار جو ذڪر آهي ويڙهاند جي تلقين آهي. اُها پنهنجي حفاظت جي خاطر آهي يا ننگن ۽ دنگن تان قربان ٿيڻ لاءِ آهي. پنهنجن آدرشن خاطر جدوجھد جي حوصلي لاءِ آهي. شاھه لطيف جو پيغام اتحادِ عالم جو پيغام آهي. سندس شاعريءَ جون سورميون ۽ سورما سنڌ جي ڳوهيل مٽيءَ منجھان آهن يا اُهي آهن جن سنڌ سان محبت اڻ ڏٺي ڪئي آهي. سندس ڪمال اِهو ئي آهي ته هر دور ۾ شاھه جي شاعري تازي نڪور آهي. جڏهن به پڙهجي ٿي نئين لڳي ٿي جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته شاھه جو پيغام پوڙهو ٿيڻو ئي ناهي. هر وقت جوڀن جواني جا جلوه ملن ٿا.
ضرورت ان ڳالھه جي آهي ته شاھه عبدالطيف ڀٽائيءَ جي شاعري ۽ فڪر کي نئين نسل لاءِ سولو سهنجو ڪري پيش ڪجي ته جيئن اسان جا نسل دين ڌرم سميت سمورن پيغامن کي شاھه لطيف سرڪار جي پيغام واري ڪسوٽيءَ تي پرکين. ائين نه ٿئي جو اسان جي غفلت نئين نسل کي مُلن ۽ انتهاپسندن جي ور چاڙهي ڇڏي. تنهنڪري اسان جا تعليمي ادارا خاص ڪري لطيف جا ڏهاڙا ملهائين ۽ سماجي ڌريون سيمينار ڪرائين ته جيئن پيغام کي عام ڪرڻ ۾ مدد ملي سگھي.
اھڙي جدوجھد جي تلقين ڪندي شاھه سائين چوي ٿو:
سيوا ڪر سمونڊ جي جت جٓرُ وھي ٿو جال ،
سئين وهن سير ۾ ماڻڪ موتي لال،
جي ماسو جڙئي مال، ته پوڄارا پُر ٿيئن،