ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڇا چونڊون بحران جو حل آهن؟

Editorial-Article- Akhtar Hafeez

گذريل سال جڏهن عمران خان نيازي خلاف عدم اعتماد جي رٿ آندي پئي وئي ته هن تڪڙ ۾ اسيمبليون ٽوڙڻ جو اعلان ڪري نيون چونڊون ڪرڻ لاءِ صدر عارف علويءَ کي ايڊوائيس موڪلڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو هو پر جيئن ته اهو فيصلو سپريم ڪورٽ رد ڪري ڇڏيو، تنهنڪري نه رڳو قومي اسيمبلي بحال ٿي وئي پر عمران خان نيازي خلاف عدم اعتماد واري رٿ به ڪامياب ٿي وئي. جنهن کان پوءِ جيستائين عمران خان نيازي جيل ڪونه ويو هو ته هو هر جلسي ۽ هر انٽرويو ۾ اهو مطالبو ڪندو رهيو ته ڪيئن به ڪري 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرايون وڃن. آئيني گهرج موجب ڪنهن به حڪومت جي وڃڻ کان پوءِ 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻيون آهن.
هن وقت پاڪستان ۾ جيڪا هلچل متل آهي، سياسي ۽ معاشي طور ملڪ ۾ جيڪا تباهه حالي آهي، ان جو حل چونڊون ٻڌايو پيو وڃي. اها ساڳي صورتحال 2106ع کان ان وقت شروع ٿي هئي، جڏهن نواز شريف اقتدار ۾ هو. معاشي حالتون بهتر هيون. عوام تي مهانگائيءَ جون ڇپون ڪونه ڪريون هيون ۽ نواز شريف کي نا اهل ڪرائڻ جو ماحول تيار ٿي ويو هو، جنهن ۾ اهم ترين ڪردار اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ۽ عمران خان نيازيءَ جو هو. تڏهن به اهو پئي چيو ويو ته نواز شريف جي حڪومت ڪرپٽ آهي، ان کي هٽايو وڃي ۽ نيون چونڊون ڪرائي پي ٽي آءِ کي اقتدار ڏنو وڃي ته پوءِ ڏسو ڪيئن ٿو ملڪ ترقي ڪري ۽ ڪهڙي ريت ملڪ جي معاشي حالت بهتر ٿئي. پر اهو تجربو به ٿي ويو. ملڪ ۾ تبديليءَ جي نالي ۾ جيڪا تباهي اچڻي هئي سا ته اچي وئي، پر جيڪو نقصان پي ٽي آءِ ملڪ کي ڏنو آهي، ان ازالو ٿيڻ بنهه ڏکيو آهي. اڄ جيڪڏهن ملڪ ۾ مهانگائي آهي ۽ معاشي حالتون آپي کان ٻاهر آهن ته ان جي شروعات عمران خان نيازيءَ جي دور کان ٿي هئي، جڏهن سندس ٽيم ملڪي معيشت کي ڪو سهارو ته ڪونه ڏنو ويتر ئي تباهه ڪري ڇڏيو. هاڻ وري عمران خان نيازيءَ کي لڳي ٿو ته چونڊون ملڪ ۾ سياسي استحڪام آڻي سگهن ٿيون، پر چونڊن جي نتيجي ۾ جيڪڏهن پي ٽي آءِ اقتدار ۾ اچي به وڃي، جيڪڏهن ان وٽ سياسي ساڃاهه ڪونه هوندي ته اها ملڪي معاملن کي هلائڻ جي قابل ڪونه ٿي سگهندي. ان کان به اهم ڳالهه هڪ سويلين وزير اعظم جو بااختيار هجڻ آهي. جڏهن ته ملڪ ۾ هيستائين ڪوبه اهڙو وزير اعظم ڪونه آيو آهي، جيڪو بااختيار هجي. جيڪڏهن وزيراعظم آئين ۾ ڏنل اختيار کي استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ان جو حشر برو ٿيو آهي.
هن ملڪ جو مسئلو نيون چونڊون نه پر سويلين اختيار جو آزاديءَ سان استعمال آهي. ڪوبه وزير اعظم جيڪو عوام جي ووٽن سان اقتدار ۾ آيو هجي، ان جو اهو جمهوري ۽ آئيني حق آهي ته اهو پنهنجا اختيار استعمال ڪري ۽ ملڪ کي ڪنهن سنئين دڳ تي وٺي وڃي پر هتي پهرين ڏينهن کان وٺي جمهوريت ۽ جمهوري روايتن کي چٿڻ جو عمل جاري آهي. جنهنڪري صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي پئي وڃي.
جڏهن معيشت جو هڪ وڏو حصو اشرافيا تي خرچ ٿيندو هو، جڏهن اها اوڳاڙي عوام جي بلن مان ٿيندي هجي ۽ مهانگائي ڪري عوام مٿان عذاب نازل ڪيو وڃي ته پوءِ ان ملڪ ۾ ڪيتريون به چونڊون ٿي وڃن، ان سان ڪهڙو فرق ٿو پوي. ڇاڪاڻ ته اهي چونڊون ملڪ ۾ ڪي وڏي سياسي ۽ معاشي تبديليءَ جو محرڪ نٿيون ٿين. ڪا به نئين ايندڙ ڪابينا اهو فيصلو نٿي ڪري سگهي ته اها اشرافيا ۽ اسٽيبلشمينٽ جون شاهه خرچيون ختم ڪندي. تنهنڪري اهو ممڪن ئي ڪونهي ته ڪو ملڪ ۾ سياسي ۽ معاشي تبديلي رڳو چونڊون ٿيڻ سان اچي وڃي. هن ملڪ تي هر قسم جي پارٽيءَ جو تجربو ٿي چڪو آهي. انهن تجربن دوران اسٽيبلشمينٽ جي مستقل مفادن کي ڪو ڇيهو ڪونه رسيو آهي، جڏهن ان جي مفادن کي ڪو ڇيهو ڪونه ٿو رسي ته پوءِ سياسي ۽ معاشي مضبوطي به ممڪن ڪونهي.
هن وقت سياسي طور جيڪي ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهو ڄڻ ته سياسي پارٽين جو هڪٻئي کان بدلي وٺڻ جي روايت آهي. ان روايت کي وڌيڪ اهميت عمران خان ڏياري، جڏهن هو 2014ع ۾ نواز شريف جي چونڊيل حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ لٿو، اسلام آباد ۾ ڌرڻو ڏنائين پر ان ۾ هو ناڪام ٿيو. اها ناڪامي اصل ۾ سياسي پارٽين جي ناڪامي به هئي. ڇاڪاڻ ته ڪنهن غيرجمهوري ڌر جي چوڻ تي ڌرڻو هڻي هڪ چونڊيل حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جو مطلب اهو ئي آهي ته سياسي طور پنهنجو پاڻ کي ورهائي رکڻو آهي ۽ ان کان پوءِ سياسي انتقام جو ڪيترو به سخت هجي، ان ۾ سياسي پارٽين سان بيهڻ جو مطلب اهو آهي ته جمهوري قوتن کان پاسيرو رهڻ.
هن وقت جيڪي ڪجهه پي ٽي آءِ سان ٿي رهيو آهي، اهو اوس ٿيڻو هو. ڇاڪاڻ ته اها پاڻ سياسي انتقام جي يقين رکندي رهي آهي. ان نه رڳو سياسي پارٽين کي ديوار سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي پر عمران خان نيازيءَ جو وس هلي ها ته هو ملڪ جي سڀني سياسي پارٽين تي پابندي هڻي ڇڏي ها ۽ رڳو پي ٽي آءِ کي سياسي سرگرميون ڪرڻ ڏئي ها. پر جيئن ته ملڪ ۾ ون پارٽي شو هلڻ ممڪن ڪونهي. تنهنڪري عمران خان نيازي پي ٽي آءِ کي بچائي نه سگهيو. نتيجي ۾ هو ان مرحلي مان گذري رهيو آهي، جنهن مان ڪنهن زماني ۾ نواز شريف گذريو هو. جڏهن سياسي ويڙهه گڏيل طور ڪونه هوندي آهي ته سياست ويڳاڻي ٿي ويندي آهي. اها آمريت کي وڌيڪ مضبوط ڪندي آهي ۽ آمرن لاءِ سياستدانن کي سوگهو ڪرڻ آسان ٿي ويندو آهي.
ملڪ هن وقت ڪيترن ئي بحرانن جو شڪار لڳو پيو آهي پر هتان جي سياستدانن، اسٽيبلشمينٽ ۽ عدليا جو زور ان ڳالهه تي آهي ته چونڊون ڪرايون وڃن. پر ڪنهن وٽ به ڊگهي مدي واري ڪا رٿا ڪونهي، جنهن سان ملڪ کي بحران مان ڪڍي پيرن تي بيهاري سگهجي. وڌندڙ مهانگائي عوام جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي. جنهن جي جهلڪ اسان کي ڪجهه ڏينهن کان گلگت بلتستان ۾ نظر اچي رهي آهي. اهڙي ريت اها لهر ملڪ جي ٻين حصن ۾ پکڙڻ شروع ٿي ويندي، ڇاڪاڻ ته عوام نانگ ڪونهي، جو مٽي کائيندو. تنهنڪري ملڪ جي سياستدانن کي پنهنجا پيٽ ڀرڻ بدران عوام جو پيٽ ڀرڻو پوندو. عوام کي سستي اٽي کان وٺي سستي بجليءَ جي فراهمي ڪرڻي پوندي. ٻي صورت ۾ ملڪ ۾ جيڪو ڏڦيڙ پکڙي سگهي ٿو، ان کي روڪڻ ڏکيو هو ۽ اها تحريڪ عوام پنهنجي ٻل تي وڙهندو. ڇاڪاڻ ته سياستدان پنهنجي سياسي ويڙهه به وڙهڻ جي قابل ڪونه رهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button