ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

چنڊ لڳي ٿو لولو لولو

Editorial-Article-Ghamshyam Shiyam

ملڪ اڄڪلهھ مجموعي طور ڏينهون ڏينهن وڌندڙ مھانگائيءَ جي ڪري مايوسين جي ور چڙھيل آھي. انھيءَ حقيقت کان ڪو به انڪار نه ٿو ڪري سگھي ته مھانگائٔيءَ جو درد ڀوڳيندڙ عوام لاءِ خودڪشيون بک کان وڌيڪ ايذائيندڙ نه رھيون آھن.خودڪشين جا خوبصورت جواز اٽو، لٽو ۽ اجھو رھيا آھن. خودڪشيون واقعي عذابن مان فراريت جو نالو آھن. روز جي خودڪشين جي واقعن مان پتو پئي پيو ته انھن خودڪشين جو خاص ڪارڻ بک ۽ اڻھوند آھي. جڏھن اسان جي نصيب ۾ بصر جي ڳنڍ ۽ پاروٿو ڍوڍو به نه ھجي ته خودڪشي نصيب ۾ اچي وڃي ٿي. چوندا آھي ڀلي بک ڀرم جي پر بک سان ھميشه ڀرم ٽُٽو آھي. خودڪشيون يقينن قتل جي زمري ۾ اچن ٿيون ۽ قتلن جي پويان مفاد پرستيون چٽيون آھن پر قاتل انتھائي سگھارا آھن.

موجوده حالتن ۾ مھانگائٔيءَ جي تلوار سدائٔين لڙڪيل آھي. ان ڪري ذخيره اندوز ۽ واپاري طبقو سدائٔين فائٔدي وٺڻ جي انتظار ۾ آھي. مزدور طبقي جو اجورو مھانگائٔيءَ جي حساب سان بلڪل ناهي. چيو پيو وڃي ته ھن وقت پاڪستان ۾ مھانگائٔيءَ جي شرح ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ بنھه چوٽ تي چڙھيل آھي. زراعت جي عالمي اداري جي کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن واري انڊيڪس تاريخ جي بلند ترين سطح تي پھچي چڪي آھي. تيل ۽ بجليءَ جي اگھن ۾ واڌ، رپئٔي جو ڊالر جي ڀيٽ ۾ تيزيءَ سان ڪرندڙ ملھه معاشي بدحالي جا سبب آھن. روزمره جي شين جي قيمتن ۾ اڃان به واڌ ۽ خودڪشين جي وڌندڙ امڪانن کي رد نه ٿو ڪري سگھجي.
ڏٺو وڃي ته جڏھن ماڻھوءَ جي سوچ جو محور ئٔي فقط اٽو، لٽو ۽ اجھو ھجي ته پوءِ انسان کان ترقي پسند سوچ يا سٺي ڪم جي توقع ڪيئٔن رکي سگھجي ٿي؟ انقلاب جو نعرو موجوده مڪار سماج ۾ ويساهه وٽان بلڪل ناھي. پوءِ بکيو ماڻھو ڪيترو وقت پيٽ تي پٿر ٻڌي گذاريندو. نيٺ وڃي گناھن جون سوڙھيون گھٽيون ڀٽڪندو يا ته خودڪشيءَ سان پنھنجي زندگي جو انت آڻيندو. ھڪڙن جا گھوڙا بادام کائٔين، ٻين جا ٻچا چنڊ کي لولو سمجھي ۽ ماءُ جي مٺڙي لولي تي يا خالي چلھه تي چڙھيل ديگڙي جي آسري پيٽ بکئي سان سمھي پون. ڪنھن جا ڪتا ڏينھن رات ايئٔرڪنڊيشنڊ بنگلن ۾ سمھندا رھن ۽ ڪنھن جا ٻچا اٽي لپ لاءِ تتل اس ۾ رلندا ۽ پنندا رھن.
سچ آھي ته زندگي حقن جي مقتل گاهه آھي. زندگي ڪانٽريڪٽ تي ان ڀرتي ٿيل ملازم جيان آھي جنھن کي ڪو به ڏاڍو جڏھن چاھي بنا نوٽيس جي ٿڏي ختم ڪري سگھي ٿو. مسئٔلا ڇير ٻڌي اسان جي ڪڍ آھن، جن کي پروقار طريقي سان منھن ڏيڻ جي سگھه اڻھوند جي ڪري ناھي رھي. اسان جو ذھن جي زمين خيالن خوابن جي موت جو قبرستان بڻجي وئٔي آھي. مڪلي جھڙي ماٺ جو درد ۽ پوءِ خودڪشي ڪنھن ماءُ جي جھولي روز خالي ڪندي ٿي وڃي. اسين خاموشيءَ سان ان پيچرن تي پنڌ آھيون، جن پيچرن ڪڏھن ڪنھن کي به منزل تي ناھي پڄايو.
اٽو جيڪو روزمره جي استعمال ٿيندڙ شين ۾ انتھائٔي اھم اسم آھي، ان جي متبادل چانور خريد ڪرڻ به ڪنھن جي وس جي ڳالهه نه رهي آهي. موجوده حالتن جي مدنظر ڪڻڪ جي بحران جي ڪري اٽو مارڪيٽ ۾ اڃان مھانگو ٿيڻو آھي. ڪڻڪ جي ذخيره اندوزي ۾ نام نھاد واپاري ملوث آھن، جيڪي سدائين ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج جي بحران ۾ ملوث رھيا آھن، جن ذريعي سدائٔين ھٿرادو کوٽ پيدا ٿيندي رھي آھي. اھي واپاري يقينن قانون کان مٿانهان آهن.
مھانگائي ھر ماڻھو جي چيلھه چٻي ڪري ڇڏي آھي ۽ ڪو به اھڙو ڏينھن خالي نه آهي، جنھن ۾ رت ۾ وھنتل درجنين موت جا واقعا، اغوا، ڦرلٽ جا واقعا ۽ خودڪشين جا واقعا رپورٽ نه ٿيندا ھجن. غريب عوام وس وارن کان آسمان مان تارا لاھي ڏيڻ جو ڏکيو مطالبو نٿو ڪري پر غريب عوام چاھي ٿو ته رڳو روزمره جي واھپي جون شيون سستيون ٿين جيئٔن اسان جا ٻچا بک نه مرن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button