ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ جو امن ورڻ گهرجي

Editorial-Article-Ghulam Hussain leghari

سنڌ هن ڀيري ڪنهن ڳري ۽ ڪڙي احتساب طرف ويندي نظر پئي اچي. ڪنهن به ڪرپٽ يا ڏوهاري جو بچڻ مشڪل آهي. نگران سرڪار ۽ طاقتور ادارن انتهائي مشڪل فيصلا ڪري ورتا آهن۔ سنڌ جون قومپرست پارٽيون ۽ سياسي ڌريون توڙي عوام به مهانگائيءَ جي خاتمي ۽ امن جي بحاليءَ لاءِ روڊن تي نڪري چڪا آهن. آئي ڏينهن ڌرڻا پيا لڳن۔ جي ڊي اي جون پارٽيون ۽ جماعت اسلامي به سنڌ ۾ متحرڪ نظر پئي اچي. انهن به بجلي، گئس ۽ تيل جي اگهن ۾ واڌ ۽ سنڌ ۾ امن جي بحالي لاءِ ڌرڻا هڻن جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. البت پ پ پ ڌرڻن کان ڪجهه وٿيري نظر پئي اچي. گهڻو ڪري ڊپ ۾ ورتل آهي جو سنڌ ۾ پ پ پ جي سگهارن اڳواڻن، اڳوڻن وزيرن خلاف ڪرپشن هيٺ ڪارروائي جي شروعات ٿي چڪي آهي. سنڌ ۾ ڪجهه ڏينهن کان هر ننڍي وڏي شهر ۾ ڌاڙيلن جي آزار ۽ مغوين جي آزاديءَ لاءِ ڌرڻا لڳي رهيا آهن جنهن سان قومي شاهرائن تي ٽرئفڪ جام ٿيڻ ڪري کاڌ خوراڪ واريون شيون مارڪيٽ ۾ پهچڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي آهي، وري مهانگائيءَ کي به هٿي ملي رهي آهي جو کاڌ خوراڪ واريون شيون اڻلڀ آهن ۽ ملن به ٿيون ته مهانگي اگهن تي.

سنڌ ۾ ڌرڻن کانپوءِ سنڌ جي نگران سرڪار ۽ پوليس به حرڪت ۾ اچي چڪي آهي پر ڪي خاطرخواهه نتيجا نڪري ناهن سگهيا۔ اتر سنڌ جا هڪ اڌ مغوي آزاد ٿي گهر پهتا آهن، جڏهن ته وڏي انگ ۾ مغوي هن وقت به ڌاڙيلن جي قبضي ۾ آهن نه وري پوليس انهن ماڻهن جي ڪا نشاندهي ڪئي آهي ته آزاد ڪرايل مغوي ڪنهن جي قبضي مان آزاد ٿيا آهن، کين ڪنهن اغوا ڪيو يا ڪرايو يا اهي پاڻ ڀنگ ٻاهر آيا آهن۔ عوام پوليس جي ملوث هجڻ جو شڪ پيو ڏيکاري.
حقيقت اها آهي ته گذريل ٽن چئن ڏهاڪن کان سنڌ ۾ جيڪي به سپاهي کان ايس ايس پي تائين ڀرتيون ٿيون آهن تن ۾ شڪي ذهنيت جا ماڻهو ۽ سياسي واٺا شامل آهن کين ميرٽ کان هٽي کنيو ويو آهي ۽ کين ٽريننگ به مليل ناهي۔ اهو به چوڻ غلط ٿيندو ته ڪا سموري پوليس صحيح ناهي۔ ڪجهه ماڻهو ۽ چهرا کڻي هوندا جن جو ڪردار صحيح نه هوندو يا سندن مقرري شڪي ۽ قانون جي ابتڙ هوندي پر هڪ ڪميشن جوڙي پوليس ۾ ڀرتي ٿيلن جو رڪارڊ ۽ ماضي جاچڻ جي سخت ضرورت آهي۔ پوليس ۾ هيرا ۽ جواهر به آهن جيڪي ڏوهارين جا سخت مخالف آهن ۽ ڏوهاري اهڙن آفيسرن جا نالا ٻڌي جوءِ ڇڏي هليا ويندا آهن.
سنڌ ۾ ڌاڙيلن هن وقت اتر سنڌ جو ڪچو وسايو آهي۔ اتر سنڌ سردارن جو ڳڙهه جتي مختلف قبيلن جا پڳدار سردار آهن، جن جا سون جي انگ ۾ محافظ آهن وري محافظن جا واٺا ٿين، جن کي پنهنجي پنهنجي تر جو علائقو مليل هوندو آهي ۽ اهڙن علائقن کي عام لفظن ۾ علائقه غير به سڏيو ويندو آهي، جتي تر جا ڏوهاري مغوين کي رکندا آهن يا وري پاڻ ڏوهه ڪري لڪندا آهن. جتي پوليس کي اچڻ جي به اجازت ناهي هوندي۔ مغوين کي ڇڏائڻ جا واڪ هلندا آهن۔ پئسي وارو ته ڀنگ ڀري آزاد ٿي سگهي ٿو پر غريب بيوس ته مجبور هوندو۔
ڀلي ڌرڻا لڳن، احتجاج ٿين، سياسي ۽ قومپرست قوتون عوام کي قومي شاهرائن تي گڏ ڪري طاقت جو مظاهرو ڪن پر انهن جي حمايت عارضي آهي۔ پوليس به پنهنجا نمبر ٺاهڻ لاءِ کڻي ڪو آپريشن ڪري هڪ اڌ ڌاڙيل ماري وجهي پر ان جو مستقل حل ڪڍڻ لاءِ سوچڻو پوندو، جنهن ۾ هڪ ته عام معافيءَ جو اعلان ڪيو وڃي. ڌاڙيلن کي پاڻ وٽ رکيل مغوي مهمانن کي بنا ڪنهن ڀنگ جي آزاد ڪرڻ گهرجي ۽ اها جاچ ٿيڻ گهرجي ته ڪهڙو نواب وڏيرو سردار ڌاڙيلن جو سهولتڪار آهي۔
بهرحال ڌرڻا ڀلي لڳن پر امن وارا هجن۔ کاڌ خوراڪ جي شين سان ڀريل ٽرالرز ۽ ٽرڪن جي رستا روڪ نه ٿيڻ گهرجي جنهن سان مهانگائي وڌي۔ جن قانون هٿ ۾ کڻي ماڻهن کي کڻائڻ ۾ ڌاڙيلن جي مدد ڪري ڀنگ ورتا تن جو به احتساب ٿئي۔ اڃا به وڌيڪ بهتر ٿيندو جو سنڌ جا سردار، وڏيرا، نواب ۽ پ پ پ به سنڌ جي امن جي بحالي مهانگائيءَ جي روڪٿام لاءِ ميدان ۾ اچن ۽ مک ڪردار ادا ڪن ته جيئن سمورا مغوي گهرن ڏانهن واپس ورن ۽ مائرن جون جهوليون سايون ٿين۔

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button