ننڍي کنڊ سميت سڄي دنيا جي تاريخ جي شروعات هن خطي جي ذڪر سان شروع ٿيڻ لڳي. سر جان مارشل ظاهر ڪيو ھو ته موھن جي دڙي مان جيڪي مهرون هٿ آيون آهن، تن مان ڪي عيسوي سن کان 2750 ورهيه، ته ڪي 3250 ورهيه اڳ جون آهن. يعني انهيءَ تهذيب جي ڄمار اٽڪل پنج هزار ورهيه آهي. ڪي چون ٿا ته پنج هزار ورهيه اڳ اها تهذيب اهڙي اعليٰ درجي کي رسيل هئي، تنهن مان ئي ظاهر آهي ته اٽڪل ٻه هزار ورهيه اڳ انهيءَ تهذيب جو پايو هوندو، جنهنڪري چئبو ته اها تهذيب اڄ کان ست هزار کن ورهيه اڳي شروع ٿي هوندي.
آڪٽوبر 1937ع ۾ ناليواري عالم ريورنڊ فادر ايڇ ايس هيرس مدراس يونيورسٽيءَ جي سهڪار سان هن موضوع تي تقرير ڪندي جيڪو چيو ھو، تنهن مان ظاهر آهي ته موھن جي دڙي مان جيڪي مهرون لڌيون آهن، تن جون لکيتون هو ڪنهن قدر سمجهي سگهيو ھو. هو چوندو ھو ته ڪيترن مهرن ۾ سورج منڊل تي راسين ۽ لکشترن جو سڌيءَ توڙي اڻ سڌيءَ ريت اشارو آهي ۽ هڪ مهر تي مکيه راس بابت لکيل آهي ته ” اُن جي رفتار تيز آهي” پوءِ جوتش جي حساب موجب ڄاڻايو اٿس ته مهرن مان سمجهي سگهجي ٿو ته قديم سنڌ جي ماڻهن کي جوتش وديا جي سڌ عيسوي سن کان 5610 ورهيه اڳئي هئي ۽ ميسو پوٽيميا وارا ماڻهو اها وديا پوءِ سکيا ۽ لکڻ جو هنر به هنن هندستان جي ماڻهن وٽان پوءِ پرايو. ميسو پوٽيميا جي ماڻهن پوءِ اهو هنر يورپ طرف ڦهلايو. مطلب ته فادر هيرس جي چوڻ موجب يورپ جي ماڻهن تي هندستان جي سڀيتا جو آڳاٽي زماني ۾ گهڻو اثر ٿيو هو. سميري ۽ ميسوپوٽيميا تهذيبن جي لکتن ۾ ميلوها جو ذڪر ملي ٿو جن لاءِ ماهرن جي بحث منجهان موهن جي دڙي جو نالو معلوم ٿئي ٿو. ميلوها سان سميري ۽ ميسوپوٽيميا تهذيبن جا واپاري لاڳاپا هئا. ميلوها لاءِ سميري ۽ ميسوپوٽيميا لکتن ۾ ذڪر آهي ته اهو سنڌ ۾ هو ان بابت ذڪر ڄڻ موهن جي دڙي جو ذڪر هجي.
موهن جي دڙي جي هن قديم ماڳ جي وڌيڪ کوٽائي ان وقت انڊيا جي قديم آثارن واري کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل سر جان مارشل جي نظرداريءَ هيٺ 1922ع جي سياري جي مند ۾ ٿي، جيڪا لاڳيتو 1927ع تائين هلي. ان کوٽائيءَ جو سمورو احوال سر جان مارشل ٽن ضخيم جلدن ۾ شايع ڪرايو. وري ٻيو ڀيرو هن کنڊر جي کوٽائي ارنيسٽ مئڪي جي نظرداريءَ هيٺ ٿي، جنهن پنهنجو ڪم 1927ع کان 1931ع تائين ڪري ختم ڪيو ۽ پنهنجي تحقيق کي جدا ڪتاب ۾ شايع ڪيو. ان کانپوءِ وري ڊاڪٽر سر آر ايم وهيلر 1950ع کان هن دڙي جي کوٽائي ڪرائي. وري 1965ع ۾ آمريڪي آرڪيالاجيڪل مشن جي سربراهه پروفيسر جارج ايف ڊيلز (يونيورسٽي آف پينسلونيا) طرفان وڌيڪ کوٽائي ڪرائي وئي. اهڙي ريت هن عظيم شهر جي کوٽائيءَ ۾ بئنرجي، سر جان مارشل، جارج ايف ڊيلز، هارگريوز، سروپ وتيس، ڪي اين ڊڪشٽ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو ۽ هيءُ 5 هزار سال پراڻي تهذيب ۽ تمدن جا نرالا رنگ ۽ ڍنگ ورهين گذرڻ کان پوءِ اسان جي سامهون آيا. موهن جي دڙي جو تباهه ٿيل شهر اتر سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڪراچي ڪوئيٽا ريلوي لائين تي ڏوڪريءَ جي اسٽيشن کان 6 ميل پري آهي. سنڌو ندي هن ماڳ جي اوڀر ۾ وهي ٿي. موهن جي دڙي جو کنڊر 240 ايڪڙن ۾ ڦهليل آهي. لئمبرڪ موجب هيءُ شهر گهيري ۾ ٽن ميلن کان به وڌيڪ ڦهليل ۽ تمام گهاٽي آدمشماريءَ وارو شهر هو.
موھن جي دڙي جي دريافت 1922ع ۾ آر بي بئنرجي ڪئي، جيڪو آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا جو هڪ آفسير هو. رکيل داس بندوپڌيا بئنرجي کي ٻڌ ڌرم ۽ سڪندر اعظم جي آثارن بابت ذميواريون ڏنيون ويون هيون ۽ هو ان وقت جو مهين جو دڙو جي اسٽوپا بابت اطلاع ملڻ تي هن آثارن جي کوٽائي ڪرائي ته اتي هن کي هڪ ٻئي تهذيب جا آثار مليا. آر بي بئنرجي اهڙو اطلاع برٽش گورنمينٽ جي آرڪيالاجي کاتي کي ڏنو، جنهن کان پوءِ 1929ع ۾ برطانوي آرڪيالاجي کاتي جو ڊائريڪٽر جنرل سر جان مارشل ان وقت جي مهين جي دڙي پهتو ۽ هن مهين جو دڙو جي کوٽائي شروع ڪئي، جنهن ۾ آرڪيالاجي کاتي جا عملدار ڪي اين ڊڪشٽ ۽ ارنيسٽ ميڪي سندس سهڪاري هئا.
(هلندڙ)