جيئن ئي سياسي حڪومت ۽ پارليامينٽ پنهنجو مدو پورو ڪري ورتو آهي ۽ ايندڙ پنجن سالن لاءِ عام چونڊون ڪرائي اقتدار نوَن چونڊجي آيل نمائندن جي حوالي ڪرڻ جو وقت ويجهو ٿو اچي تيئن احتساب جي نالي ۾ سياسي انجنيئرنگ جو عمل به تيز ٿي ويو آهي. سنڌ اندر پيپلز پارٽيءَ سان سلهاڙيل مختلف سياستدانن خلاف وٺ پڪڙ شروع ٿي وئي آهي، جيڪي گذريل حڪومت ۾ وزير، مشير يا اسيمبلي ميمبر هئا. پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهيءَ کي گرفتار ڪري “گمشده” بڻايو ويو آهي. جيڪو عدالت سڳوريءَ جي هر طرح جي سخت ٻوليءَ کان پوءِ به هيءُ ليک لکجڻ تائين ظاهر نه ڪيو ويو هو. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته پيپلز پارٽي ڪرپشن جي معاملي ۾ ٻين سياسي پارٽين ۽ انهن جي حڪومتن کان گھڻو اڳتي نڪتل آهي. جنهن جو وڏو سبب سنڌ اندر سندس سگهاري سياسي مخالفت موجود نه هئڻ آهي پر اصل معاملو اهو آهي ته احتساب ڪرڻ وارن کي اها خبر اُن وقت ڇو پوندي آهي، جڏهن پيپلز پارٽي اقتدار کان ٻاهر هوندي آهي؟ اها ساڳي خبر اُن وقت ڇو نه پوندي آهي، جڏهن اهي ڪرپٽ سياستدان اقتدار ۾ هوندا آهن؟ نيب ۽ اينٽي ڪرپشن جهڙا ادارا ته هر وقت موجود رهندا آيا آهن پوءِ انهن جي احتساب وارو عمل اهڙي وقت ڇو شروع ٿي رهيو آهي جڏهن عام چونڊون ٿيڻ واريون آهن؟
اصل ۾ پاڪستان جي مُني صديءَ جي تاريخ سياست ۽ سياسي پارٽين جي زوال جي تاريخ آهي. منڍ کان وٺي هن ملڪ ۾ آئين جي حڪمراني ته ٺهيو، آئين ٺاهڻ وارو ڪم ئي لڳاتار ملتوي ٿيندو رهيو. لڳاتار فوجي راڄ قائم رهيو. هميشه اقتدار ۽ اختيار جي مرڪزيت جي وڪالت ڪئي ويندي رهي. پاڪستان کي سڀ کان وڏو خطرو جمهوريت منجهان بيان ڪيو ويندو رهيو يعني عوام کي اهو ٻڌايو ويندو رهيو ته جيڪڏهن توهان پنهنجي جمهوري حقن جي ڳالهه ڪندا ته ملڪ جون پاڙون لُڏي وينديون. توهان پنهنجي قومي سڃاڻپ جي ڳالهه ڪندا ته اسلامي سڃاڻپ خطري ۾ پئجي ويندي. هتان جي ماڻهن جي قومي سڃاڻپ کي علائقائي تعصب جو نالو ويو. پاڪستان ۾ رهندڙ قومن (پنجابي، سنڌي، بلوچ ۽ پٺاڻ) جي ٻولين کي علائقائي ٻوليون ۽ اردوءَ کي قومي ٻولي بيان ڪيو ويندو رهيو آهي. هتان جي عوام جي هزارين سال پراڻي ثقافت کي به ڪافرن جي ثقافت، جهالت ۽ گمراهيءَ جي استعاري طور پيش ڪيو ويندو رهيو. پر انهن سمورين اٽڪلن سان به هيءُ ملڪ خوشحال يا محفوظ نه بڻجي سگهيو. ملڪي سالميت جي حالت اها آهي جو افغانستان جي حڪومت به پنهنجي شهرين کي پاڪستان جي اترين علائقن ڏانهن سفر ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ جي صلاح ڏئي رهي آهي. خوشحاليءَ جي حالت اها آهي ته افغانستان ۽ بنگلاديش جي ڪرنسي به اسان جي ملڪ جي ڪرنسيءَ کان بهتر ۽ ملهائتي آهي. ان هوندي به اسان جا اختيار ڌڻي تاريخ منجهان سبق سکڻ لاءِ تيار ڪونهن. اهي نڪ جي سڌ ۾ اڳتي هلندو رهڻ کي بهتر ۽ درست طريقو سمجهن ٿا.
جمهوريت ۾ عوام کي سياسي آزادي مليل هوندي آهي. سماج ۾ قانون جي حڪمراني هوندي آهي. ڪرپشن ڪندڙ آفيسرن، سياسي توڙي عسڪري شخصيتن جو بنا ڪنهن فرق جي احتساب ڪيو ويندو آهي. پر پاڪستان اندر جيڪا جمهوريت قائم ڪئي وئي ان ۾ انهن منجهان ڪا هڪڙي به خوبي ۽ خوشبوءِ ڪانه هئي. هن ملڪ اندر تشدد، لاقانونيت ۽ ظلم جي حڪمراني هئڻ ڪري پاپولزم ۽ مطلق العنانيت جو راڄ قائم ٿيڻ ۾ مدد ملي. ووٽ جي پرچيءَ ذريعي عوامي نمائندگيءَ جي چونڊ وارو جمهوري عمل به پاڪستان اندر ڪم نه ٿو ڪري هتي سياستدانن ۽ سياسي پارٽين تي نظر رکي وڃي ٿي. انهن جي سار سنڀار لڌي وڃي ٿي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ٿو ته سياسي پارٽيون ۽ سياستدان مڪمل طور آزاد ۽ عوام اڳيان جوابده نه بڻجي وڃن. جيڪي ادارا سياستدانن ۽ سياسي پارٽين کي عوام بدران احتساب جي نالي ماتر ادارن اڳيان جوابده سمجهن ٿا. پر اهڙين هٿرادو يا هٿ ٺوڪيل جمهوريتن کي صحيح معنى ۾ جمهوريت به چئي نه ٿو سگهجي. اهڙين حڪومتن ۾ جمهوريت جون ڪجهه خوبيون فقط ڏيکارڻ جي حد تائين شامل هونديون آهن جهڙوڪ: هر پنجين سال چونڊون ٿينديون رهڻ جڏهن ته پنهنجي جوهر ۾ اهي مطلق العنان آمريتون ئي هونديون آهن جن ۾ ووٽن واري جهان کي هٿرادو نموني سان پنهنجي حق ۾ موڙيو ويندو آهي. عام طور ان کي هٿيڪي يا ڪنٽرولڊ جمهوريت چيو ويندو آهي. پاڪستان اندر سياسي انجنيئرنگ ذريعي قائم ڪيل هائبرڊ سياسي نظام بهرحال پنهنجا مقصد ماڻڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو آهي. ٿوري ٿڪي، عوام اهڙين حڪومتن کان باخبر ٿي، مايوس ٿئي ٿو. ڇاڪاڻ ته اهڙيون حڪومتون عوام کي رڳو ضابطي ۾ رکڻ ۽ سکڻا دلاسا ڏيڻ لاءِ قائم ڪيون وينديون آهن. اهي عوام کي عارضي وقت لاءِ دلاسا ته ڏئي سگهنديون آهن پر اهي ڪوڙا دلاسا نيٺ ڪيستائين ڪم ڪندا رهندا؟ عوام کي پتو پئجي ويندو آهي ۽ پوءِ کيس ان سان دلچسپي نه رهندي آهي ته اها حڪومت قائم به رهي ٿي يا نه. نتيجي ۾ هائبرڊ سياسي حڪومت قائم ڪرائڻ واريون قوتون ٻن چئن سالن کان پوءِ پاڻ ئي سمورن سُورن جي ذميوار ان حڪومت کي قرار ڏئي ختم ڪرڻ ۽ ان جي جاءِ تي وري ٻِي هڪڙي اهڙي ئي هائبرڊ سياسي حڪومت قائم ڪرڻ جي ڪم سان لڳي وينديون آهن. ملڪي اسٽيبلشمينٽ توڙي جو لڳاتار پنهنجي مرضيءَ جون حڪومتون قائم ڪرايون آهن، عوام جي مرضيءَ سان قائم ڪرايل حڪومتن کي سندن آئيني مدو پورو ڪرڻ کان اڳي ئي گهر ڀيڙو ڪندي رهي آهي پر ان هوندي به ملڪ اندر نه غربت گھٽ ٿي آهي نه اڻ برابري. امير ۽ غريب وچ ۾ فرق به ڏينهون ڏينهن وڌندو ئي رهي ٿو. ملڪ ۾ تشدد ۽ لاقانونيت ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه ٿي وٺي. اهڙي صورتحال ۾ ڪهڙي نموني چئجي ته هر نئين حڪومت پراڻيءَ کان بهتر آهي يا ڪهڙي نموني چئجي ته ملڪ ترقي ڪري رهيو آهي، اڳتي وڌي رهيو آهي؟ اسٽيبلشمينٽ ۽ ان جي ساٿارين لاءِ اهو ڏاڍو سولو آهي ته سمورين برائين کي سياسي حڪومتن جي کاتي ۾ وجهي ڇڏجي پر حقيقت اها آهي ته ناڪامي سياسي حڪومتن جي نه پر حقيقي جمهوريت قائم نه ٿي سگهڻ جي آهي. جيڪڏهن توهان ملڪ اندر جمهوريت قائم ٿيڻ ئي نه ڏيندا ته پوءِ ان جمهوريت جا ڪرشما ۽ فائدا ڪيئن نظر اچن.
هن وقت عوام مهانگائي ۽ تيل جي قيمتن ۾ لڳاتار اضافي جي خلاف روڊن رستن تي احتجاج ۾ رُڌل آهي. ميان نواز شريف کي به ملڪ واپس اچڻ گھرجي. ڀل ان جو نتيجو ڇا به هجي پر ملڪ واپس اچڻ سان ئي سندس سياست بهتر بڻبي. نواز ليگ کي پنجاب اندر خاص طور ۽ پوري ملڪ اندر عام طور جيڪو زوال ڏسڻو پيو آهي، سياسي طور اهو ان ڪري ئي آهي جو ان لڳاتار مصلحت پسندي اختيار ڪئي ۽ قيادت قرباني ڏيڻ کان پاڻ بچائيندي رهي. ان ڪري جيڪڏهن مسلم ليگ نواز سميت سياسي پارٽين ۽ انهن جي اڳواڻ کي پنهنجو سياسي مستقبل پيارو آهي ته کين قرباني ڏيڻ لاءِ تيار رهڻو پوندو ۽ هرگز ڪيٻائڻو نه پوندو.