1945ع ۾ احمد حسن داني ۽ مورٽيمر ويلر پڻ کوٽائي ڪئي، جڏهن ته مکيه کوٽائي 65-1964ع ڊاڪٽر جي ايف ڊيلز جي اڳواڻي ۾ ڪئي وئي. 1965ع کانپوءِ پاڪستان سرڪار جي ڪجهه عملدارن هڪ سازش تحت ان وقت جي مهين جي دڙي جي کوٽائيءَ تي پابندي لڳائي ڇڏي، جنهن کانپوءِ مهين جو دڙو تي فقط ننڍا ننڍا پراجيڪٽ شروع ڪيا ويا، جيڪي ڪي به خاطر خواهه نتيجا نه ڏئي سگهيا آهن. ان کوٽائيءَ ۾ ڊگھا کوهه ظاهر ٿيا جنھن مان خبر پئي ته ھي شھر ھر ٻوڏ کانپوءِ بار بار تعمير ٿيو، جنھن سان ان جي گھٽين جي بلندي مٿي تائين اچي وئي، اھڙي ريت کوهه مٿي ٿي ويا. مهين جي دڙي مان لڌل عمارتن، شين ۽ سڀني مهرن جا فوٽو “السٽريٽيڊ لنڊن نيوز” ۾ ڇپائي پڌرا ڪيا ويا. سندس اهو ليک فوٽو (تصويرن) سميت “السٽريٽيڊ نيوز” جي ان وقت واري پرچي ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو ته ٻئي هفتي ساڳئي مخزن ۾ پروفيسر اي ايڇ سوئيس ظاهر ڪيو ته انهيءَ ساڳي سڀيتا جا اهڃاڻ ميسوپوٽيميا مان به مليا آهن، مهرون به ساڳيون ته عمارتن جي اڏاوت جو نمونو به ساڳيو!
پوءِ ايران ڏانهن به انهيءَ ساڳيءَ سڀيتا جون ثابتيون مليون، جنهنڪري آرڪيالاجيڪل کاتي وارن کي ائين وسهڻ لاءِ سبب ٿيو ته پنجاب ۽ سنڌ کان وٺي، عراق ۽ ميسوپوٽيميا تائين ڪنهن قديم زماني ۾ هڪڙي ئي تهذيب هئي، هن نئين کوجنا ڪيترن ئي هنڌن جي عالمن جو گهڻو ڌيان ڇڪايو. هندستان، يورپ ۽ آمريڪا ۾ جيڪي به اخبارون ۽ مخزن ڇپجن ٿا، تن سڀني ۾ مهين جي دڙي بابت ليکن پٺيان ليک ڇپيا، جنهنڪري مهين جو دڙو سڄي دنيا ۾ مشهور ٿي ويو. هينئر هيڪاري ضرور ٿيو ته مهين جو دڙو اڃان وڌيڪ کوٽائجي ته من ڪو وڌيڪ پتو پوي پر هن ڪم لاءِ ججهو ناڻو گهرجي.
سگهوئي هند ليجسليٽو اسيمبليءَ جي بجيٽ جي ميٽنگ ۾ رٿ پيش ٿي ته هندستان جي آرڪيالاجيڪل کاتي کي هند سرڪار هڪ فنڊ پنجاهه لک رپين جو منظور ڪري ڏئي، جنهن مان آئيندي اهڙا دڙا کوٽائجن. اهاَ رٿ پيش ڪندي سيڪريٽريءَ هن ڳالهه تي زور ڏنو ته پنجاب ۽ سنڌ مان هينئر جنهن سڀيتا جو پتو پيو آهي، تنهن تي سڄي هندستان کي فخر ڪرڻ لاءِ سبب آهي ۽ اهو فنڊ ضرور قبول ٿيڻ گهرجي. اسيمبليءَ ايترو پئسو ڏيڻ نه قبوليو ته هندستان ۾ ناراضپو پيدا ٿيو انهيءَ هوندي به اسيمبليءَ کي جس ھجي جو اڍائي لک رپيا ساليانو قبوليائين، سر جان مارشل پوءِ سنڌ ۾ آيو ۽ مهين جي دڙي جي وڌيڪ کوٽائي ڪرائڻ لاءِ ڪجهه وقت پاڻ اُتي وڃي رهيو. ڏوڪري اسٽيشن کان وٺي مهين جي دڙي تائين رستو ٺهرايائين. عملي لاءِ جايون جوڙايائين ۽ اٽڪل هڪ هزار مزدور دڙي کوٽائڻ لاءِ رکيائين، جن مان ڪيترا بروهي هئا، جيڪي پنهنجون ڀونگيون اَڏي اتي رهيا. مهين جي دڙي وٽ هڪ ڳوٺ ٻڌجي ويو، سرجان مارشل پنهنجي سر مزدورن کي سمجهائيندو هو ته کوٽائي ڪيئن ڪجي، مزدورن لاءِ هيءُ نئون ڪم هو، پر اهڙو ته هري ويا جو اَن جو داڻو به لهندا هئا ته اهو به آڻي ڏيندا هئس. ائين دڙي مان گهڻي ئي شيون لڌيون، جيئن جيئن نيون شيون پئي لڌيون تيئن تيئن انهن جو مختصر ذڪر اخبارن ۾ پئي ڇپيو.
آمريڪا ۽ يورپ جي ڪيترن عالمن پڇا ڪئي ته اسان کي چٽيءَ ريت کولي ٻڌايو ته اتان ڇا ڇا لڌو اَٿَئو؟ سر جان مارشل پنهنجيءَ صحيح سان “السٽريٽيڊ لنڊن نيوز” ۽ ٻين مخزنن ۾ ليک لکيا. آخر هڪ سهڻو ڪتاب، ٻن جلدن ۾، باتصوير، مهين جي دڙي ۽ سنڌو سڀيتا بابت ڇپايائين جنهن جي قيمت ڏهه گنيون (ڏيڍ سوَ روپيا، اڃان به وڌيڪ) آهي. سن 1922ع کان وٺي 1927ع تائين جيڪا کوٽائي ٿي تنهن جو سربستو ذڪر ان ۾ ڪيو اٿس. انهيءَ کانپوءِ به دڙو کوٽايو اٿن، مسٽر بئنرجي جنهن پهريائين اهو دڙو کوٽايو هو، تنهن مهين جي دڙي بابت ڌار ڪتاب لکيو، مسٽر دڪشٽ ۽ مسٽر مئڪي به ڪيترو وقت پنهنجي نظرداري هيٺ دڙو کوٽايو هو. مسٽر مئڪي به ڌار ڪتاب لکيو آهي. موھن جي دڙي جي آثارن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هتي آباد قوم انتهائي ذهين، هوشيار ۽ محنت ڪش هئي، جيڪا انساني رشتن کي اهميت جي نظر سان ڏسندي هئي. آثارن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هتي آباد ماڻهو طبقن ۾ رهندا هئا. يعني امير، واپاري ۽ غريب طبقن ۾ ورهايل هئي ۽ سندن گهر ڪشادا ۽ پڪين سرن سان تعمير ٿيل ھئا، گهرن ۾ کوہه پڻ تعمير ٿيل ھئا. (هلندڙ)