جيئي سنڌ تحريڪ جي حوالي سان عبدالواحد آريسر هڪ اهم نالو آهي. جي ايم سيد جي وفات کانپوءِ جيئي سنڌ جي مختلف ڌڙن کي گڏ ڪرڻ ۾ سندس اهم ڪردار هو. هڪ لحاظ کان هو ڄڻ سيد جو سياسي جانشين هو. جيئي سنڌ ۾ جي ايم سيد جي جيئري جيڪي اختلاف هئا، اهي سندس وفات کانپوءِ مختلف گروپن جي بظاهر گڏجڻ کانپوءِ به ختم نه ٿيا. آريسر جي ڪتاب “روداد هڪ رات جي” ۾ ان جا ڪجھه عڪس ۽ ليکڪ جي مايوسي ۽ فرسٽريشن صاف نظر اچي ٿي.
ان جي باوجود ته آريسر پاڻ جسقم جي اڳواڻي لاءِ هڪ غيرتڪراري اميدوار ٿي سگھيو ٿي. هن بشير خان قريشيءَ جو نالو چيئرمين جي عهدي لاءِ تجويز ڪيو هو ۽ هن ئي سندس فارم به ڀريو هو. پر شروع کان ئي مختلف معاملن تي سندن اختلاف ٿيڻ لڳا. مون کي ان جو بنيادي سبب اهو ٿو لڳي ته آريسر جسقم ۾ هڪ قائد تحريڪ واري پوزيشن جو خواهشمند هو، جيڪا بشير خان ۽ سندس دوست کيس ڏيڻ لاءِ تيار نه هئا. ٻي ڳالهه جيڪا آريسر ڪري ٿو ته بشير خان ۽ سندس دوست شاگرد سياست واري ذهنيت کان ٻاهر نڪري نه سگھيا هئا. ليکڪ جو چوڻ آهي ته بشير خان نه ته عالمي سياست جي لاهين چاڙهين کان واقف هو ۽ نه ئي کيس ملڪي سياست جي پوري ڄاڻ هئي. ايم ڪيو ايم سان جسقم جو جيڪو تعلق قائم ٿيو، ان ۾ بشير خان جو ڪو ڪمال نه هو پر اهو سڄو بندوبست سيد امداد محمد شاهه ڪيو هو.
ليکڪ جي سڄي ڪاوڙ بشير خان جي پاليسين بدران سندس ذات تي آهي. هو مٿس سرڪاري زمينن تي قبضا ڪرائڻ، ڀتي خوري ۽ پارٽيءَ ۾ مخالفن کي قتل ڪرائڻ جهڙا الزام هڻي ٿو. هو ان ڳالهه تي حيرت جو اظهار ڪري ٿو ته هڪ غريب پيءُ جو پٽ رات وچ ۾ ڪروڙپتي ۽ ارب پتي بڻجي وڃي ٿو. ظاهر آهي ته بشير خان جي انهن ڳالهين کان آريسر اڳ ئي واقف هو ته پوءِ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته هن نيٺ جسقم جي چيئرمين جي عهدي لاءِ ان جو نالو ڇو تجويز ڪيو ۽ ان عهدي لاءِ هن جي حمايت ڇو ڪئي. سندس چوڻ آهي ته پير پاڳاري جي سوٽ مجتبيٰ شاه راشدي احتسابي ڪاميٽي آڏو جيڪا آريسر ۽ بشير خان خلاف چارج شيٽ پيش ڪئي، ان ۾ لکيو هئائين ته بشير خان غريب پارٽيءَ جو امير ترين چيئرمين آهي.
آريسر ميون ۾ به رڳو انب ۽ گدري کان سواءِ ٻيو ڪو ميوو نه کائيندو هو. هن ٽنڊو محمد خان جي هڪ جلسي جو ذڪر ڪيو آهي، جتي ميزبانن جلسي کانپوءِ کيس ڪجھه ٿڌو پيئڻ لاءِ زوري روڪيو ۽ جيسين اهو اچي تيسين پوليس وارن اچي کيس ۽ سندس ساٿين کي گرفتار ڪري ورتو. نياز ڪالاڻي ڪنهن اٽڪل سان اتان نڪري ويو. آريسر ۽ سندس ٻين ساٿين کي چمبڙ ٿاڻي ۾ واڙي ڇڏيائون. سڄي سنڌ ۾ هڙتال جي ڌمڪي کانپوءِ کين آزاد ڪيو ويو.
ليکڪ هڪ رات جو قصو ٻڌائي ٿو، جڏهن هو ۽ سندس دوست سندس گھر ۾ کائي پي ستا پيا هئا ته اوچتو ڇاپو لڳو ۽ کين گاڏين ۾ وجھي نامعلوم مقام ڏانهن نيو ويو. اهي رستي ۾ انهن ڇهن ڄڻن مان خاص طور آريسر ۽ ٻن ٻين تي تشدد ڪندا رهيا ۽ مختلف سوال ڪندي اها ڌمڪي ڏيندا رهيا ته انهن کي گولي هڻي لاش رستي تي اڇلائي ڇڏيندا ۽ ڏوهه سڄو قادر مگسي تي ايندو. بهرحال انهن کي انتهائي خراب حالت ۾ اکيون ٻڌي حيدرآباد ڪينٽ وٽ ڇڏيو وڃي ٿو جتان هڪ مهاجر رڪشا وارو کيس قاسم آباد ۾ گھر پهچائي ٿو ۽ ڀاڙو به نه ٿو وٺي.
ليکڪ جو چوڻ آهي ته ساڻس اهو سڀڪجهھ ان ڪري ڪرايو ويو ته علائقي ۾ سندس اثررسوخ وڌي رهيو هو. ماڻهو مٿس اعتبار ڪرڻ لڳا هئا. قومپرستن جي حسد ۽ ساڙ تي افسوس ڪندي هو لکي ٿو ته ايڏي وڏي واردات تي ڪنهن به قومپرست مذمت جو بيان نه ڏنو. جڏهن ته پارٽي پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻ قائم علي شاهه هڪ عالماڻو بيان ڏئي ان جي نندا ڪئي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي ايجنسين سنڌ جي هڪ اديب کي گھٽين ۾ ائين گھليو جيئن چليءَ ۾ پنوشي جي ايجنسين پابلو نرودا ۽ وڪٽر هارا کي گھليو هو. آريسر کي هڪ ليکڪ ۽ سياسي اڳواڻ طور جوڳي مڃتا نه ملي سگھي آهي. اهو ڏسڻ گھرجي ته ان ۾ آريسر جو پنهنجو ۽ ٻين جو ڪيترو ڪردار آهي.