اين جي او يا غير سرڪاري تنظيم مان مراد اهو ادارو آهي، جيڪو مالي ۽ انتظامي معاملن ۾ خودمختار هجي، ۽ طئي ٿيل عام ڀلائي جي مقصدن جي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل هجي، اهي تنظيمون جيڪي سرڪاري اثر رسوخ کان آزاد ٿي معاشري جي ڪنهن مخصوص حصي تي توجهه ڏيئي، ان جي بهتريءَ لاءِ ڪم ڪن. اين جي اوز جو تصور 19هين صديءَ ۾ صنعتي طور امير ملڪن ۾ مزدورن جي حقن جي تحفظ طور اڀريو. ترقي پذير ملڪن ۾ جتي حڪومتون ماڻهن جي سهائتا ڪرڻ يا عام مسئلا حل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون، اتي اين جي اوز کي ڪم ڪرڻ جو ميدان مليو ته اهي رياستي ڪوتاهي جي خال کي پورو ڪري سگهن.
اقوام متحده ۾ مختلف معاملن کي ڏسڻ لاءِ الڳ الڳ شعبا جوڙيا ويا، جنهن تحت هر سيڪٽر کي ڏسڻ لاءِ الڳ ايجنسي آهي ۽ انهن جي رابطي جو نظام به آهي. اين جي اوز جي گهڻي تڻي فنڊنگ چيئرٽي جي مد ۾ اچي ٿي. ڪجهه ملڪن ۾ اين جي اوز کي سرڪار يا ان جون ايجنسيون پڻ مختلف طريقن سان مالي مدد فراهم ڪن ٿيون، ڪيترائي اهڙا ملڪ آهن، جن جي حڪومتن تي عالمي برادري جو اعتبار ناهي هوندو، اهي ڪرپشن ۾ ملوث هوندا آهن ته امداد ڏيندڙ ادارا حڪومت کي امداد ڏيڻ جي بجاءِ اين جي اوز جي ذريعي سڌي سنئين امداد ماڻهن تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.
پاڪستان جيئن ته سدائين آفتن جو شڪار رهيو آهي ۽ هتان جون حڪومتون ۽ سرڪاري ادارا ڪرپشن ۾ دنيا ليول تي مشهور آهن، ان ڪري هتي ملڪي توڙي عالمي ادارا سڌو سنئون ماڻهن جي سهائتا لاءِ ڪوششون ڪرڻ ۾ رڌل نظر ايندا آهن، پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته اربين رپين جي ساليانه فنڊنگ ٿيڻ جي باوجود ڪٿي اها ترقي، پائيداري يا عام ماڻهن ۾ ان جو ڪو مثبت اثر ڇو نظر نه ٿو اچي؟ اهو سوال اڪثر ماڻهن جي بحث هيٺ ايندو رهيو آهي، ان جي عام سببن جو جائزو وٺڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
پاڪستان ۾ اسامه بن لادن جي واقعي کان پوءِ ان ۾ ڪجهه اين جي اوز جي ملوث هجڻ جي ڳالهين بعد ملڪي ليول تي جيڪا اين جي اوز جي رجسٽريشن يا ڪنهن به علائقي ۾ ڪم ڪرڻ جي اجازت حاصل ڪرڻ جي جيڪا پاليسي ٺهي، ان اين جي اوز جي اصل مقصد يعني مالي ۽ انتظامي آزادي ۽ خود مختياري کي مڪمل طور ختم ڪري ڇڏيو، هاڻي چاهي ملڪي ادارا هجن يا عالمي، اهي هر ضلعي ۾ ڊپٽي ڪمشنر جي ماتحت ڪم ڪن ٿا، جنهن ۾ ڪنهن به علائقي جي چونڊ ڪرڻ يا ماڻهن جي سهائتا لاءِ اهي سڌو سنئون ڪم نه ٿا ڪري سگهن، نتيجي طور ڊپٽي ڪمشنر، جيڪو اتان جي مقامي اثر رسوخ رکندڙ سياستدانن جي ماتحت هوندو آهي، اهو انهن جي حڪمن کي مڃڻ جو پابند هوندو آهي. اين جي اوز جي سموري فنڊنگ بجاءِ عام مصيبت سٽيل ماڻهن جي سهائتا لاءِ، 80 سيڪڙو مقامي سياستدانن کي خوش ڪرڻ يا انهن جو ووٽ بينڪ وڌائڻ ۾ خرچ ٿيندي آهي. اڪثر امدادي سامان مقامي سياستدانن جي هٿان ورهائبو آهي. ورهاست واري جڳهه تي سياسي بينر ۽ جهنڊا لڳل هوندا آهن، جيڪا عالمي ادارن جي اصولن، قاعدن ۽ قانون جي سنگين ڀڃڪڙي هوندي آهي، ان ڪري مخصوص طبقو ته نوازبو رهبو آهي، پر مجموعي طور اڪثريت ضرورت مند ان امداد تائين پهچي ناهن سگهندا.
ان بعد ٻيو الميو جنهن سبب جي ڪري اين جي اوز جي فنڊنگ جو ڪو اثر ڪٿي نظر نه ٿو اچي، اهو پراجيڪٽ بيسڊ ائپروچ آهي. اهڙا پراجيڪٽ ٺاهيا ويندا آهن، جن جي ان علائقي جي حوالي سان ڪا ريسرچ ٿيل ناهي هوندي، اهي آفيسن ۾ ويهي ٺاهيا ويندا آهن ۽ انهن ماڻهن جي ڪا راءِ ناهي ورتي ويندي يا انهن جي ضرورتن جو ڪو خيال ناهي رکيو ويندو ته اتي ڪهڙي شئي تي ڪيترو خرچ ڪجي. مثال طور، ڪٿي گهر ٺاهڻو آهي ته اتان جي موسم، آفتن جي تاريخ، اتي ڪهڙا بناوت جا رواج آهن، اهي ناهن ڏٺا ويندا، جيئن ساحلي پٽي ۾ گهرن جي جيڪا اڏاوت آهي اها وچولي يا اترين سنڌ کان مختلف آهي، ان ڪري اهڙن منصوبن کي اتان جا ماڻهو دل سان ناهن قبوليندا، ۽ اهي منصوبا ناڪامي جو شڪار ٿي ويندا آهن. ان جو ئي ٻيو مثال اهو آهي ته ڪٿي ڪميونٽي سينٽر ٺاهجي، ڪٿي اسڪول ٺاهجي يا ڪٿي اسپتال، ان سان گڏ ان جي ٻين گهربل ضرورتن جو خيال ناهي رکيو ويندو ته اسڪول ٺاهينداسين ته پراجيڪٽ جي وقت تائين ته اتي استاد مقرر هوندو، ان بعد ان کي ڪير سنڀاليندو؟ تعليم کاتو ان کي پنهنجو ڪندو يا نه؟ اتان جي عام ماڻهن ۾ ايتري سگهه آهي جو اهي پنهنجي مدد پاڻ تحت ان کي هلائي سگهن؟ نتيجي ۾ لکين رپين جو اهو منصوبو به سرڪاري اسڪولن وانگر ڀڄي ڀري ختم ٿي ويندو آهي. ڪٿي فصلن جي مد ۾ سهائتا ڪئي ويندي آهي ته ربيع وارا ٻج خريف ۾، ته خريف وارا ربيع ۾ ڏيئي پئسو ضايع ڪيو ويندو آهي. وڻن جون چڪيون اهڙيون ڏبيون، جهڙي اتي زمين نه هجي. (خود مونکي به اهو تجربو آهي ته سخت سردي ۾ بي گهر ماڻهن کي سردي کان بچاءِ جو منصوبو ٺاهي، ان تي عمل جون جولاءِ جي سخت گرمين ۾ ڪيو آهي.)
سنڌ ۾ هاڻي سيمي گورنمينٽ يا پبلڪ پرائيويٽ وارو تصور تيزي سان ترقي ڪري پيو، اهڙا ادارا جن ۾ حڪومت جي ڀائيواري به هجي، ان ڪري حڪومت ۾ ويٺل ماڻهو ڊونر ادارن سان لابنگ ڪري، اڪثر فنڊنگ اهڙن ادارن کي ڏياريندا آهن، جن ۾ سندن حصو پتي هجي ٿو، انهن جو پرسنٽيج جو هڪ فارمولو طئي ٿيل هوندو آهي، جنهن ۾ وزير، سيڪريٽري کان ويندي ڊي سي آفيس تائين فڪس ڪري، عام ماڻهو لاءِ باقي بسڪٽن جي پڙي تي تقريرون ٻڌڻ بچندو آهي.
هينئر جيئن ته هر شئي تي سرمائيدارانه نظام جي سوچ حاوي آهي، ان ڪري غريب، آفت زده ماڻهو يا ملڪ سان سرمائيدار هڪ گيراهڪ وارو سلوڪ ٿو ڪري. جيئن هڪ دڪاندار جي سموري ڪاروبار جو محور ان جو گيراهڪ هوندو آهي، ائين ئي اين جو اوز جو محور غربت ۽ آفت زده مسڪين ماڻهو آهن. جيئن آفتون اچن ٿيون، انهن جو بزنس وڌي ٿو. ڪنهن ٻڏل ڳوٺ جي ماڻهن جي هڪ مهيني جي راشن يا مدد تي جيڪڏهن 5 لک خرچ اچڻو آهي ته ان جي پلاننگ جي ميٽنگ تي 10 لک خرچ ڪبا آهن، ٿر جي ڏڪار سٽيل ماڻهن ۾ هڪ لک جي سهائتا سان ڪو منصوبو شروع ڪرڻو آهي ته ان جي پلاننگ اسلام آباد جي فائيو اسٽار هوٽل ۾ 50 لک خرچ ڪري ڪبي. ان ڪري ادارن جو نظريو بدلجي ويو آهي. ڪو وقت هو جو اين جي اوز ۾ نوڪريون ميرٽ تي ملنديون هيون، ڪم ڪار وارن ۽ هنرمند ماڻهن جو قدر هوندو هيو. هاڻي اهي نوڪريون به وڏيرن جي پرچين تي ملن ٿيون يا خود اداري اندر ويٺل ماڻهن جو اقربا پروري واري فارمولي تحت جڳاڙ ٿئي ٿو. ان ڪري ڪرپشن جي ور چڙهيل پاڪستان جهڙا ملڪ اربين رپين جي ساليانه امداد ملڻ جي باوجود ڏينهون ڏينهن پوئتي ڌڪجندا پيا وڃن. سياستدان عوام جي نفسيات کي سمجهي چڪا آهن، انهن کي خبر آهي ته عوامي ڪاوڙ يا مزاحمت جي قيمت اٽي جي لپ آهي، انهن بادشاهي کي ڪا لهر نه لوڏو ۽ اين جي اوز انهن جي ان مقصد جي پورائي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيون آهن.