ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

اغوا انڊسٽري بڻيل سنڌ

Editorial-Article- Shahid Rajper

مون پڪ سڃاتا پنهنجا هئا
ڪي ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾
ٿي واٽ ڏسيائون ويرين کي
ويهي وانگيڙن جي واڙي ۾

ائين محسوس ٿي رهيو آھي ته سنڌ کي ھٿ وٺي بدامنيءَ جي باهه ۾ اڇليو ويو آھي ۽ سنڌي قوم کي اهڙين ته مشڪلن ۾ ڦاسايو پيو وڃي جو سنڌي قوم ڇڪتاڻ واري صورتحال ۽ انهن مسئلن مان جند ئي نه ڇڏائي سگهي. سنڌ ۾ رهندڙ ھر قوم قبيلي جي زندگي جنجال بڻجي وئي آھي. اهو تصور ذھن ۾ گردش ڪري رهيو آھي ته سنڌ مان جيڪڏهن قبيلائي تڪرار، ڌاڙيل ڪلچر، مهانگائي ۽ بيروزگاري سميت بدامنيءَ جو خاتمو ڪڏهن ختم ٿيڻ جوڳو ناهي ڇاڪاڻ ته اهي مسئلا سنڌي قوم جا ختم ٿي ويا ته هيءَ قوم ترقيءَ جي راهه تي روان دوان ٿي ويندي، هن قوم جو سڄو محور تعليم ٿي ويندي. اها ڪنهن وڏيري يا ڀوتار جي نه ٻڌندي جنهن لاءِ سنڌي جي تعليم ۽ شعور کي ختم ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي وڃي. ان سان گڏ هٿرادو مهانگائي ۽ قتلام ۽ ڀنگ لاءِ اغوا جا واقعا روز جو معمول بڻيل آھن. اهوئي سبب آھي جو پريا ڪماريءَ کان ويندي فاطما ڦرڙو جهڙا واقعا پيش پيا اچن
اشفاق آذر چواڻي ڪيتري نه سچ آھي ته “جيڪي ماڻهو چون ٿا ته هي ملڪ اقليتن لاءِ جهنم آهي، اهي ثابت ڪري ڏيکارين ته هي ملڪ اڪثريت لاءِ جنت آهي.” اهو ڪيڏو نه اسان سڀني سان دوکو آھي ته ٻارڙي پريا ڪماري سميت سنڌ جي ٻين مغوين جي بازيابي ۽ سنڌ مان ڌاڙيل ڪلچر جي خاتمي لاءِ ڪنڌڪوٽ سميت سموري سنڌ سراپا احتجاج آھي، پريا ڪماري، ساگر ڪمار ۽ ٻين مغوين جي بازيابيءَ لاءِ ڪنڌڪوٽ ۾ لڳل ڌرڻي تي پوليس چڙهائي ڪري آخر ڪهڙو پيغام ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. حملي سبب ڪيترن ئي قومي ڪارڪنن سميت ڪيترائي مظاهرين زخمي ٿي پيا آهن.
سنڌ ۾ وڌندڙ لاقانونيت، بدامني ۽ اغوا انڊسٽري خلاف جوڳا قدم کڻڻ رياست جو ڪم آھي پر هتي رياست ڏوهارين بدران متاثرن سا ظلم ۽ بربريت جي انتها ڪري ڇڏي آھي. مان ايس ايس پي امجد شيخ کي هڪ اصول پرست، فرض شناس، ڌاڙيلن جو دشمن ۽ عوام دوست آفيسر سمجهندو هئس، جيڪا منهنجي غلط فهمي هئي. مون کي ايس ايس پي امجد شيخ جي پهرين ڌمڪي تي افسوس ٿيو هو جنهن ۾ هن ڌرڻو هڻندڙ ڌرتي ڌڻين کي وارننگ ڏيندي چيو ته ڌرڻو ختم ڪيو، ٻي صورت ۾ اوهان مٿان گوليون وسايو وينديون. جنهن تي سموري سنڌ ايس ايس پي امجد شيخ کان نفرت جو اظھار ڪيو پر جڏهن ايس ايس پي امجد شيخ جي موڪليل سول ڊريس ۾ موجود پوليس اهلڪارن پرامن مغوين جي بازيابي لاءِ احتجاجي ڪئمپ تي ڇرين، خنجرن ۽ لٺين جو وسڪارو ڪري ڏنو ته مون کي ائين لڳو ته ايس ايس پي امجد شيخ ڌاڙيلن ۽ انهن جي پٺڀرائي ڪندڙ وڏيرن ۽ سردارن جي ڌر بڻجي انهن خلاف عوامي ردعمل تي ڪاوڙ ڪڍي پاڻ کي وڏيرن ۽ سردارن جو وفادار ثابت ته ڪري ويو پر سنڌ جي تاريخ ۽ سنڌي قوم ڪڏهن به معاف نه ڪندي ۽ واقعي به ايس ايس پي امجد شيخ ايڏو دلير ۽ ايماندار هو ته هو پنهنجو سڄو عملو وٺي ڪچي ۾ آپريشن ڪري ها ۽ ڌاڙيل ڪلچر جي خاتمي جي شروعات ڪري ڇڏي ها.
ڏٺو وڃي ميان نواز شريف جو پهريون دور هينئر به سنڌ جي عوام کي ياد آھي، جنهن سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي سميت سنڌ جي ڪچي ۽ پڪي ۾ آپريشن ڪري ڌاڙيل ڪلچر جو خاتمو ڪيو ۽ اڄ ان دور کي ياد ڪيو ٿو وڃي. نواز شريف جي ان قدم کي ساراهيو پيو وڃي پر جيڪڏهن ايس ايس امجد شيخ چاهي ها ته سنڌ مان ماڻهن جي اغوا جو مڪمل خاتمو آڻي ها اغواڪارن خلاف ڪارروائي ڪري امن امان بحال ڪرائي ها ته سنڌ جو عوام نواز شريف کان پوءِ ايس ايس پي کي به سٺن لفظن ۾ ياد ڪري ها پر افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته جيڪڏهن سي ايس ايس آفيسرن جو اهو حال آھي ته پوءِ ٻين تي ته ميار ئي ناهي.
ٻڌون ٿا ته ايس ايس پي امجد شيخ جي جاءِ تي اتي ايس ايس پي خيرپور مير روحل خان کوسو کي موڪليو پيو وڃي ۽ ڏٺو وڃي ته مير روحل خان کوسو راڻيپور واقعي ۾ ملوث اهم ڪردارن سواءِ پير اسد شاهه جي ڪنهن کي به گرفتار نه ڪيو آھي ۽ نه ئي پير اسد شاهه جي موبائيل جو ڪوڊ کولرائي سگهيو آھي. جنهن باري ۾ ٻڌڻ پيو اچي ته ان موبائيل فون ۾ به ڪيترائي راز رکيل آھن. افسوس جي ڳالهھ هيءَ آھي ته اهوئي مير روحل خان کوسو ڪچي ۾ آپريشن ڪري سڀني مغوين کي بازياب ڪرائيندو جيڪو فقط هوا ۾ تير مثل آھي.
جڏهن سنڌ پوليس جي اعليٰ آفيسرن کي يرغمال بڻايو ويو هو، تڏهن به سنڌ پوليس سان محبت جو ۽ يڪجهتيءَ جو اظھار سنڌ جي عوام ۽ قومپرست ڪارڪنن ڪيو هو. اهو پيغام سوشل ميڊيا سميت هر پليٽ فارم تان ڏنو ويو هو ته اسين سنڌ پوليس جا آھيون ۽ سنڌ پوليس اسان جي آھي. جيڪڏهن ڪنهن به سنڌ پوليس جو نالو ورتو ته ان جو برو حشر ڪيو ويندو. هاڻ اها ئي سنڌ پوليس آھي جيڪا هينئر پرامن سنڌين جي احتجاج تي لٺيون ۽ ڇريون پئي وسائي. افسوس صد افسوس.
سنڌ پوليس ان مهل ڪٿي هئي، جڏهن پٺاڻن پوليس تي حملو ڪيو ۽ پوليس تي تشدد ڪيو. تڏهن اها ڪٿي هئي، جڏهن ڪراچيءَ ۾ افغانستان جو جهنڊو ڦڙڪايو ويو ۽ پاڪستان خلاف ۽ افغانستان جي حمايت ۾ نعرا لڳا هئا. مقامي ماڻھن تي تشدد ڪري انهن کان به پاڪستان مخالف ۽ افغانستان جي حمايت ۾ نعرا هڻايا ويا. تڏهن ته پوليس غائب ٿي ويندي آهي، باقي سنڌين جي پرامن ڌرڻي تي حملا ائين ٿا ڪرائين ڄڻ هيٺاهين تي پاڻي. جڏهن ته ضرورت ان ڳالهھ جي هئي ته ايس ايس پي امجد شيخ ٻين ضلعن مان پوليس گهرائي ڌاڙيلن خلاف ڀرپور ڪارروائي ڪري مغوين کي بازياب ڪرائي ها. ڏٺو وڃي ڪشمور ڌرڻي ۾ عوامي ڪاوڙ ڏسي ٻن باندين کي رات پيٽ ۾ آزاد ڪرائيندڙ پوليس فورس لاءِ پريا ڪماريءَ کي بازياب ڪرائڻ ۾ ڪهڙي ڏکيائي آهي، آخر ڇو عوام کي ايترو مجبور ڪيو ويو آهي جو جان ۽ مال جي حفاظت جهڙي بنيادي حق لاءِ به ماڻهن کي روڊن تي اچڻو ٿو پوي. هن تازي واقعي مان لڳي ائين پيو ته تبديليءَ جي شروعات ٿي چڪي آهي، ڪنڌڪوٽ ۾ پرامن احتجاج ۾ پوليس جي لاٺي چارج ۽ ڌرڻي ۾ ويٺل سنڌ جي شعور جي مزاحمت مان لڳي ٿو ته يقينن سنڌ بدلجي چڪي آهي پر اسين اڃان منزل تائين پڳا ئي ناهيون.
اسان جي منزل اڃان به اڳتي آهي. جڏهن سنڌ ۾ اسان جي بنيادي حقن جو خيال صحت، تعليم ۽ روزگار جا موقعا اچن. سنڌ مان اغوا انڊسٽريءَ جو خاتمو اچي، روڊ رستا محفوظ ٿين، جائز ڪمن لاءِ رشوت ڏيڻ جي ضرورت نه پئي ته پوءِ ئي اسان منزل ماڻي سگهون ٿا ۽ انهن ڳالهين تي عمل فقط حڪومت ئي ڪرائي سگهي ٿي پر هي جيڪو آواز اٿيو آھي، ان ۾ ماٺار نه ٿيڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button