ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

زرداري-بلاول آمهون سامهون

ملڪ ۾ عام چونڊن جي حوالي سان جتي اسٽيبلشمنٽ ۽ سياسي پارٽين جي وچ ۾ الڳ الڳ سوچ نظر اچي پئي ۽ ڪجهه سياسي پارٽيون اقتدار جي لالچ خاطر واڳ ڌڻين جي بي ٽيم بڻيل آهن، اتي اهو به ڏسي سگهجي ٿو ته پارٽين جي اندر به الڳ الڳ سوچ موجود آهي. اها سوچ ان ڪري به آهي ته جيئن عوام کي بيوقوف بڻائي سگهجي. پارٽين اندر هي تاثر ڏنو پيو وڃي ته ليڊرشپ ۾ هڪڙا اهي آهن، جيڪي پاپولر آهن ۽ عوام سان ويجهڙائپ ظاهر ڪندا آهن ته ٻيا وري اسٽيبلشمنٽ سان محبت جي ڪري آخري حد تائين سوديبازي ڪرڻ لاءِ تيار نظر اچن ٿا. واڳ ڌڻي، سياسي پارٽين ۾ انهن کي اڳواڻن کي قبول ڪن ٿا ۽ انهن جي واکاڻ جا پل ٻڌن ٿا، جيڪي اوکي سوکيءَ ۾ اسٽيبلشمنٽ اڳيان هٿ ٻڌي بيٺا هوندا آهن. انهن اڳواڻن سان توهان کي ملڻ جو موقعو ملي يا وري انهن جي رويي کي ڏسندئو ته هو اهو چوندي ڏٺا ويندا ته هن ملڪ ۾ عملي سياست اهائي آهي ته واڳ ڌڻين سان معاملي کي ٺاهي هلڻو پئي ٿو. جيڪڏهن عوامي پاپولر موڊ کان هٽي ڪي سياستدان واڳ ڌڻين سان گهڻي ويجهڙائپ رکن ٿا ته (ن) ليگ ۾ شهباز شريف ۽ پيپلز پارٽيءَ ۾ آصف زرداري جو نالو ڳڻائي سگهجي ٿو. جيستائين اڳوڻي وزير اعظم عمران خان جو واسطو آهي ته ان جي ڪِرڻ جي ته ڪا ليول ئي نه هئي. هن سمورو حڪومتي ڪاروهنوار ئي اسٽيبلشمنٽ کي Outsource ڪري ڇڏيو هو. ان ڪري هن کي اقتدار جي ايوانن مان نه صرف مدي پوري ڪرڻ کان اڳ ڪڍيو ويو، پر هن کي اقتدار جي آربٽ مان کير مان مک جيان ڪڍي، پراڻن سياستدانن کي دعوت ڏني وئي ته اهي اچي واڳ ڌڻين جي خدمت ڪن.
هينئر پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري ۽ سندس پٽ ۽ پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ ۾ اختلافن جا افواهه سامهون آيا آهن. اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته بلاول، پنهنجي والد سان پاليسين تي اتفاق نٿو ڪري، جنهن وقت بلاول کي سياسي ميدان ۾ لاٿو پئي ويو ۽ پوءِ هڪ جلسي کانپوءِ غائب ڪيو ويو هو، ان وقت هي ٻڌايو ويو ته بلاول جي سياسي تربيت ڪئي پئي وڃي. هينئر ايندڙ چونڊن جي حوالي سان ڳالهيون سامهون آيون آهن. آصف زرداري، حڪومت جا ڏينهن پورا ٿيڻ کانپوءِ پرڏيهه هليو ويو ۽ ايندي ئي هن انتهائي اهم بيان ڏنو، جيڪو واڳ ڌڻين جي سوچ جي عڪاسي ڪري ٿو. هن ساڳي ٻوليءَ ۾ چيو ته هينئر سياست کان وڌيڪ اهم معيشت آهي. ان ڪري نگران حڪمران پنهنجا ڪم پورا ڪري وٺن ۽ نين تڪبندين کانپوءِ چونڊون ڪرايون وڃن. ان جي ابتڙ بلاول وري بدين ۾ ڳالهائيندي چيو ته گهر جي معاملن ۾ هو اڳوڻي صدر آصف زرداري اڳيان جوابدا آهي، پر پارٽيءَ جي معاملن ۾ هو سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽيءَ جي فيصلن جي پوئواري ڪندو. ان ڪري هيءَ پارٽي جو اتفاق راءِ سان فيصلو آهي ته ايندڙ چونڊون آئين ۾ ڄاڻايل مدي يعني نوي ڏينهن اندر ٿين. هن مطابق چونڊون ٿيڻ ته 60 ڏينهن ۾ ها، پر آئين جي ڀڃڪڙي ڪندي وڌيڪ دير ڪري نٿو سگهجي. ان سان گڏ هن جو هي به چوڻ هو ته اسٽيبلشمنٽ جي پاليل ڪٺ پتلين جي هاڻ ضرورت ناهي ۽ واڳ ڌڻي اهڙا تجربا نه ڪن. بلاول موجب نئين آدمشماري مطابق نين تڪبندين جي باوجود چونڊن لاءِ وڌيڪ وقت ڏئي نٿو سگهجي.
بلاول سمجهي ٿو ته جيڪڏهن (ن) ليگ جيان هو اسٽيبلشمنٽ جي بي ٽيم ٿي ويا ته کين اقتدار ۾ حصي پتي وٺڻ ۾ ڪس لڳي ويندي. هي به چيو پيو وڃي ته ايندڙ چونڊن جي نتيجي ۾ بلاول کي وزير اعظم بنائڻ جو گرين سگنل نه مليو ۽ ٻين صوبن ۾ پ پ کي جنهن پذيرائي ملڻ جو تاثر ڏنو ويو، اتان به کين جواب ڏنو ويو آهي. هيل تائين بلوچستان جي اڳوڻي اسيمبليءَ کان سينيٽ تائين آصف زرداري اسٽيبلشمنٽ جي آسرن تي جيڪي سو ڪوئا کاڌا، ان جي مزدوري به کيس نه پئي ڏني وڃي. ان ڪري پ پ جو اقتدار سنڌ ۾ رهڻ به انتهائي ڏکيو ڪم هوندو. اهي خبرون به سامهون اچن پيون ته سنڌ ۾ پ پ مخالف، پراڻي اتحاد کي بحال ڪرڻ لاءِ جوڙ توڙ ٿي رهي آهي، پر ايم ڪيو ايم ان تي خدشا ظاهر ڪيا آهن. ايم ڪيو ايم هينئر به سمجهي ٿي ته اها وفاق ۾ واڳ ڌڻين جي حامين جي حمايت ڪندي ۽ سنڌ ۾ پ پ کان پنهنجو شيئر وٺندي. جيڪڏهن اها جي ڊي اي جهڙن اتحادن جو حصو ٿيندي ته هٿ ڪجهه به نه لڳندو. هي اتحاد به واڳ ڌڻين جي بي ٽيم ئي آهن. انهن جي پنهنجي ڪا سياسي Standing ناهي. هو تعداد ۾ به گهڻا آهن ۽ گهڻيون پارٽيون هڪ سيٽ پوءِ قومي جي هجي يا صوبائي اسيمبليءَ جي کٽڻ جي پوزيشن ۾ ناهن. جيڪڏهن ڪجهه سيٽون انهن کي ملي به وڃن،ان باوجود اهي پ پ مخالف حڪومت ٺاهي نٿا سگهن. ان ڪري جيڪي اقتدار جي Dynamics کي سمجهن ٿا، اهي اهڙي ڪنهن به پارٽي يا اتحاد جو حصو نه ٿيندا، جيڪا کين ڪٿان جو به نه ڇڏي. اهو اطلاع به آيو ته ذوالفقار مرزا ۽ ٻيا ٻيهر پ پ ڏانهن ڏسي رهيا آهن.
پيپلز پارٽيءَ جو سنڌ جي ترقيءَ جي حوالي سان ڪو واضح ويزن به ناهي، نه ئي وري هاڻ چونڊ مهم دوران عوامي اشوز تي ڪا حڪمت عملي پيش ڪئي پئي وڃي. اهو به واضح نظر اچي پيو ته بلاول جن جلسن کي خطاب ڪيو آهي، انهن ۾ عوام کي ڪنهن رليف ڏيڻ يا عوامي ايجنڊا جي ڳالهه ئي نٿو ڪري، مورڳو پيءُ، پٽ جي اختلافن جون خبرون هلائي عوام کي بيوقوف بنائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي پئي وڃي. گذريل ڀيري به پيپلزپارٽي، واڳ ڌڻين وٽ گوڊ بوڪس ۾ نه هئي، پر معاملو طئي ڪيو ويو. هن ڀيري به ممڪن آهي ته پ پ کي مشڪل صورتحال مان گذاري تاثر ڏنو وڃي ته واڳ ڌڻي ته سياسي ڌرين جي پاپولرٽيءَ جي بنياد تي اقتدار منتقل ڪرڻ گهرن ٿا. تازو ئي مڪاني چونڊن ۾ پ پ جو ئي پورو سيٽ اپ آندو ويو، ان دوران اهي ئي نمائندا پارٽيءَ لاءِ ڪم ڪندا. انتظاميا به انهن سان گڏ هوندي، اليڪشن ڪميشن به انهن جو ئي پاسو کڻندي. ان ڪري آصف زرداري اڳ ئي اليڪشن ڪميشن تي مڪمل اعتماد ظاهر ڪندي، ڪابه تنقيد نه ڪئي آهي. اليڪشن ڪميشن جو به اهو ئي موڊ نظر اچي پيو ته جيئن واڳ ڌڻي چوندا اهي ڪندا. پوءِ چونڊون نوي ڏينهن ۾ ٿين يا نه. واڳ ڌڻي جيڪو وڻين سو ڪن ۽ سياسي پارٽيون به انهن جون پڇ لٽڪائو ٿين پر ڪجهه اهڙن فيصلن جو امڪان آهي، جن تحت اليڪشن ڪميشن کي وقت تي چونڊون ڪرائڻ يا فيبروري تائين سمورو معاملو طئي ڪرڻو پوندو. هينئر سياسي پارٽين توڙي طاقتور حلقن کي جيڪو چوڻ آهي، جيڪي عذر پيش ڪرڻا آهن،ڪري وٺن. ملڪ جي سالميت کان وٺي معيشت تائين سمورا ڊراما ڪن، انهن جي باوجود به جيڪڏهن چونڊون ڪرائڻيون پئجي وڃن ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ صدر عارف علويءَ کي به اڳ ئي شٽ اپ ڪال ڏني وئي آهي ۽ عمران خان به سوديبازيءَ لاءِ واڳ ڌڻين کي پيغامن مٿان پيغام موڪلي رهيو آهي. ملڪي معيشت هجي يا سياسي معاملا نبيرڻ واڳ ڌڻين توڙي نگرانن جو نه ئي مينڊيٽ آهي، نڪي وري انهن ۾ ايتري صلاحيت آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button