پاڪستان کي پنھنجو 29ھون چيف جسٽس مليو آھي. سوال اھو آھي تھ ملڪ جي ڪروڙن ماڻھن کي انصاف ڪڏھن ملندو؟
جڏھن ملڪ جو نئون چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پنھنجي عھدي جو حلف کڻي رھيو هو ۽ ڀرسان سندس اھا گھر واري واڪنگ اسٽڪ جي سھاري بيٺي ھئي، جنھن کي مڙس مٿان لڳل الزامن جي وضاحت لاءِ ڪورٽن جي ڪٺن مرحلن مان گذرڻو پيو ھو. جڏھن تھ ان مھل بھ ان عورت جو گھر وارو جج ھو. پر پاڪستان ۾ منصفن ۽ حڪمرانن جي وچ ۾ سدائين ڇڪتاڻ رھي آھي. ان ڪشمڪش ۾ ڪڏھن نھ پر اڪثر انصاف متاثر ٿيو آھي. ملڪ بدنام ٿيو آھي ۽ انصاف جي اداري ۾ جيڪا افراتفري ٿي آھي، ان جا پويان منظر اسان رٽائرڊ چيف جسٽس عمر عطا بنديال سان ٿيل سندس ساٿي ججن جي سلوڪ مان بھ ڏسي چڪا آھيون. جڏھن تھ اسان جي ملڪ ۾ عدل جي نظام جي تاريخ ايتري پراڻي ناھي، جيتري تلخ آھي. اسان جي عدل جي نظام مٿان اھو الزام لڳندو رھيو آھي تھ ھتي اھو نھ ڏٺو ويندو آھي تھ فرياد ڪھڙو آھي يا ڪيس ڪھڙو آھي؟ ھتي اھو ڏٺو ويندو آھي تھ فريادي ڪير آھي؟ وڪيل ڪھڙو وٺي آيو آھي؟ ڪيس ڪنھن جي مٿان آھي؟ اھوئي سبب آھي تھ ھن ملڪ ۾ بااثر ماڻھن جي مٿان حقيقي ڪيس داخل ڪرائڻ ناممڪن حد تائين مشڪل ڪم آھي. جڏھن تھ بي اثر ۽ عام ماڻھن جي مٿان ڪوڙن ڪيسن جا ھر ڏينھن وسڪارا ٿيندا رھن ٿا. اسان جي ملڪ ۾ عوام جيڪڏھن ڪنھن حوالي سان سڀ کان وڌيڪ ڀوڳيو آھي تھ ان جو حوالو انصاف حاصل نھ ٿيڻ ئي رھيو آھي. اھوئي سبب آھي تھ ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ مطالبو انصاف جي سلسلي ۾ ٿيندو رھيو آھي. ڇو تھ انصاف ھڪ لفظ نھ پر پنھنجي وجود اندر ھڪ مڪمل نظام ۽ زندگيءَ جو عملي عڪس آھي.
انساني تاريخ ۾ انصاف جو ڪردار تمام اھم رھيو آھي. جيڪڏھن اسان تاريخ جي سنجيده ڪتابن ۾ سڀ کان اھم شيءِ تلاش ڪنداسين تھ اھا انصاف ئي آھي. جيڪڏھن اسان کي عالمي ادب ۾ جنھن مظھر کي اھم ترين موضوع بڻائڻ جي سلسلي ۾ قلمي سرگرمي نظر آئي آھي تھ اھو بلاشڪ انصاف ئي آھي. ڇو تھ انصاف ايترو تھ گھڻ رخو ۽ ايترو تھ وسعت وارو لفظ آھي جو ان ۾ صرف انسان پر ھيءَ پوري ڌرتي ۽ ان جو فطري نظام سمائجي وڃي ٿو. ھن وقت انساني سماجن ۾ جيڪا بھ اٿل پٿل آھي. ھن دنيا ۾ جيڪي بھ جنگيون ۽ جھيڙا آھن يا ھن دنيا ۾ جيڪي ماحولياتي حوالي سان نت نوان خطرا پيدا ٿي پيا آھن، انھن جو سبب بھ اھا انصافي آھي، جيڪا انسانن جي ھڪ خاص گروه ۽ طبقي ھن ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ ۾ موجود وسيلن سان ڪئي آھي. ھن وقت گلوبل وارمنگ سبب جھڙي ريت ڌرتيءَ جو وجود خطري ۾ پئجي ويو آھي ۽ ڪجھھ سائنسدانن بقول تھ ڌرتيءَ جو ڪائونٽ ڊائون شروع ٿي چڪو آھي تھ ان جو ڪارڻ بھ اھا نا انصافي آھي، جيڪا ڌرتيءَ سان ڪئي وئي. ڇو تھ ھيءَ ڌرتي آخر صرف انسانن جي تھ ناھي. ان ۾ ڪو شڪ ناھي تھ انسان ھن ڌرتيءَ جي سڀ کان قابل ۽ عقل واري مخلوق آھي پر ھن جو اھڙي ريت اشرف ھجڻ ھن جي فرضن ۾ اضافو آڻي ٿو. ھن جي ٻين ساھوارن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سمجھھ ھجڻ ۽ وڌيڪ سرگرم ٿيڻ جو پھلو ھن کي اھو حق ھرگز نھ ٿو ڏئي تھ ھو ڌرتيءَ تي ايترو قبضو ڪري جو ٻين جاندارن جو وجود خطري ۾ پئجي وڃي.
پاڪستان ۾ انصاف جي عدم موجودگيءَ جي تاريخ ئي اسان جي ملڪ جي تباھيءَ ۽ عوام جي عذابن جي تاريخ رھي آھي. ھن وقت بھ ملڪ جھڙي ريت مھانگائي ۽ مسئلن ۾ چوکنڀو ٻڌل آھي، ھن جي اھا حالت ھرگز نھ ٿئي ھا، جيڪڏھن ھن ملڪ کي انصاف جي بنيادن تي ھلايو وڃي ھا. اسان وٽ انصاف سان جيڪي بي انصافيون ٿيون آھن، انھن جو قصو تمام گھڻو طويل آھي. ڇا ان کان وڌيڪ ڪا ٻي ناانصافي ٿي سگھي ٿي تھ جڏھن ملڪ جي مشھور جج کي انتقام جو نشانو بڻايو وڃي ۽ ھو ايترو گھڻو ڀوڳي جو سندس نالو ئي عدالتي سسٽم مٿان سوال بڻجي اڀري اچي تھ ان ماحول ۾ عام ماڻھوءَ جو ڪھڙو حال ھوندو؟
ملڪ جو نئون چيف جسٽس نھ صرف مشھور رھيو آھي پر تمام گھڻا حلقا ھن جي صلاحيتن ۽ سٺن فيصلن جا معترف بھ رھيا آھن. ھن وقت جڏھن ھن سپريم ڪورٽ جي 29ھين سربراهه جي حيثيت ۾ حلف کنيو آھي تھ ان اميد ۾ ٻيھر ساهه پئجي ويو آھي، جيڪا ڪڏھن تمام گھڻي نااميديءَ جي ور چڙھي چڪي ھئي. ڇو تھ ماڻھن کي اھا ڳالھھ شدت سان محسوس ٿيندي رھي ھئي تھ انھن کي ڪڏھن بھ انصاف نھ ملندو. اھو انصاف صحت ۽ تعليم جي حق جي سلسلي ۾ ھجي يا اھو انصاف بجليءَ جي ان بل وارو ھجي، جنھن جو بار ھڪ مسڪين خاندان کڻي سگھي. سڀ کان وڌيڪ تھ ماڻھن کي ھڪ محفوظ سماج گھرجي. پر جڏھن ھو ڏسي رھيا ھئا تھ ملڪ ۾ منصف، وڪيل ۽ صحافي بھ محفوظ ناھن تھ انھن کي پنھنجي تحفظ جي سلسلي ۾ ڳڻتي پيدا ٿيڻ ھڪ فطري عمل ھو. اسان جي ملڪ جي عوام سدائين انصاف جو مطالبو ڪيو آھي ۽ جيڪڏھن ڪنھن دور ۾ انھن جي اھا گھر نھ گونجي آھي تھ ان جو مطلب اھو ھرگز نھ وٺڻ گھرجي تھ انھن کي ان وقت انصاف ملي رھيو ھو. ان ماٺ جو مطلب اھو ھو تھ انصاف لاءِ آواز نھ اٿارڻ واري وقت ۾ ماڻھو ان حد تائين مايوس ھئا جو انھن انصاف جي گھر ڪرڻ بھ ڇڏي ڏني ھئي.
ھن وقت نئين چيف جسٽس جي اچڻ سان ملڪ ۾ انصاف جي حوالي سان اميد جي سڪل ٽاريءَ مٿان ھڪ ڀيرو ٻيھر اميد جا ڪونپل ڦٽندا محسوس ٿي رھيا آھن. ڪجھھ حلقن ۾ اھا اميد بحث جو موضوع بڻجي وئي آھي تھ چيف جسٽس قاضي عيسيٰ فائز جو دور ملڪ ۾ انصاف ملڻ جي دور جي حوالي سان سدائين ياد رکيو ويندو پر اھا دعويٰ تھ ان وقت آھي، جڏھن اڃان تائين ملڪ جي نئين چيف جسٽس پنھنجو انصاف وارو سفر ئي مس شروع ڪيو آھي. اھا حقيقت آھي تھ اصولي طور جج نھ پر انھن جا فيصلا ڳالھائيندا آھن. جيڪڏھن سڀاڻي عدليا کي انصاف جي اوج تي پھچائڻ جي سلسلي ۾ ڪا شيءِ گواھي ڏيندي تھ اھي فرد نھ پر اھي فيصلا ھوندا، جن فيصلن سبب ملڪ ۾ انصاف جو جھنڊو جھولندو نظر ايندو.
اڳوڻي چيف جسٽس عمر عطا بنديال پنھنجي الوداعي خطاب ۾ چيو ھو تھ ھو لھندڙ سج آھي. ان حوالي سان سپريم ڪورٽ جي اوٽ مان موجوده چيف جسٽس تازو اڀريل سج آھي. ھاڻي ڏسڻو اھو آھي تھ ان انصاف واري سج جو سوجھرو بي انصافيءَ جي تاريڪيءَ تي ڪيترو اثرانداز ٿئي ٿو؟ نئين چيف جسٽس جي آڏو ھڪ نھ پر ھزارين للڪارون آھن. ڇو تھ انصاف جي تڪڙي فراھمي نھ ٿيڻ سبب فريادي فائيلن جا انبار ڪٺا ٿي ويا آھن. مظلوم ملڪ بھ آھن تھ صوبا بھ ۽ اھي تاريخي قومون بھ جن جي مٿان سياسي، ثقافتي ۽ اقتصادي ظلم ڪيا ويا آھن. ھن وقت پوري ملڪ مان پڪارون آھن تھ انصاف گھرجي. انھن قومن لاءِ جن جون حيثيتون گھٽايون ويون. انصاف انھن قيدين لاءِ جن سان انصاف نھ ٿيو آھي. انصاف انھن مغوين لاءِ جيڪي ھن وقت تائين گھر نھ موٽيا آھن. انصاف انھن اقليتن لاءِ جن سان ٿيل سلوڪ جا منظر چيف جسٽس تازو جڙانوالا ۾ پاڻ پسي آيو ھو. ان کانسواءِ ملڪ جو ھر فرد ھڪ درد جي دانھن ۾ تبديل آھي. انھن سان انصاف ٿيڻ جي اميد تھ ھڪ آھي، جڏھن تھ انصاف نھ ملڻ جا انديشا اڪيچار آھن.