ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

لوڻ جي مزدورن جون لوڻ ٿيل زندگيون

Editorial

سنڌ ۾ پورهيتن جي صورتحال وڏي وقت کان خراب آهي. جيتوڻيڪ مزدورن جو ماهوار اجورو به حڪومت پاران مقرر ڪيو ويو آهي. سنڌ ۾ تقريبن اهو 32000 هزار آهي پر اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به مزدور کي حڪومت پاران مقرر ڪيل پگهار نه ڏنو ويو آهي. ٺيڪيدار ۽ مالڪ گهٽ مزدوري تي پورهيتن کان ڪم وٺي رهيا آهن. جنهنڪري پورهيتن جي معاشي حالت ۾ ڪو سڌارو ڪونه اچي سگهيو آهي. امڪان اهي آهن ته انهن جي معاشي صورتحال ان ڪري به بهتر نه ٿيندي ڇاڪاڻ ته اهي گهٽ پگهار يا روزاني جي بنياد تي بنهه ٿوري اجوري تي نوڪري ڪرڻ لاءِ تيار آهن. ان کان سواءِ انهن جي پگهار ۽ ٻين مراعتن لاءِ آواز اٿاريندڙ به ڪي اهڙا ماڻهو ڪونه آهن، جيڪي انهن جي حقن لاءِ وڙهي سگهن. اهي مزدور لوڻ جي کاڻين تي ڪم ڪندا هجن. شهرن ۾ مزدوري ڪندا هجن يا وري ٻنين يا سرن جي بٺن تي ڪم ڪندڙ هجن، انهن جي حالت ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهي آهي. نتيجي ۾ اهي نه رڳو بدحال زندگي گذارڻ تي مجبور آهن پر انهن جو اولاد به اها ساڳي زندگي گذاريندو رهندو آهي. جڏهن ته پورهيتن بابت جوڙيل قانونن ۾ انهن کي وڏي رعايت مليل هوندي آهي.

سنڌ ۾ لوڻ جي کاڻين تي هزارين مزدور ڪم ڪندا آهن. پر انهن جي حالت بنهه گهڻي خراب آهي. لوڻ جي کاڻين ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن جي زندگي لوڻ ٿي وئي آهي. ڪالهه جيڪا رپورٽ ڇپي آهي، ان کي پڙهي اندازو لڳائڻ ڏکيو ڪونهي ته اهي ڪيڏي خراب حالت ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور لڳا پيا آهن. ڪلوئي ۽ ڏيپلو تعلقن ۾ هڪ سئو کان وڌيڪ لوڻ جون کاڻيون آهن، جتي 10 هزار مزدور ڪم سان لڳل آهن. کاڻين جي تر مان لوڻ ڪڍڻ دوران پورهيتن جي پيرن، ٽنگن ۽ هٿن ۾ گهرا زخم ٿي ويندا آهن ۽ ڪيترائي مزدور معذور پڻ ٿي ويا آهن. مزدورن جي 80 سيڪڙو چمڙي جي بيمارين جي نشاندهي به ٿي آهي پر انهن جو علاج ڪونه پيو ٿئي. ٺيڪيدار 40 ڪلو لوڻ بدران 60 ڪلو لوڻ وٺي پورهيتن کي 40 ڪلو جي مزدوري ڏئي ڇڏيندا آهن. هن رپورٽ مان واضح آهي ته سنڌ ۾ لوڻ جي کاڻين تي ڪم ڪندڙ مزدور عذاب واري زندگي گذاري رهيا آهن، جيڪي لوڻ سبب بيمارين جو شڪار ٿين ٿا پر انهن جي علاج تي ڪو ٺيڪيدار يا مالڪ هڪ ٽڪو به خرچ ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي. جنهنڪري انهن جو مرض ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي رهندي آهي.
اسين سمجهون ٿا ته هي لوڻ جي مزدورن سان بنهه گهڻي ناانصافي آهي. ان جو تدارڪ ٿيڻ گهرجي. جن کاڻين تي مزدور ڪم ڪري رهيا آهن، اتي انهن کي بيمارين ۽ ڦٽن کان بچائڻ لاءِ ڪٽون فراهم ڪيون وڃن. ان کان سواءِ جيڪي مزدور به هيستائين بيمارين جو شڪار ٿيا آهن، انهن جو ترت علاج ڪرايو وڃي. مزدورن سان اجوري جي معاملي ۾ ٺڳي بند ڪئي وڃي ته جيئن انهن کي پوري مزدوري ملي سگهي. ان حوالي سان ليبر کاتو ۽ ليبر تي ڪم ڪندڙ تنظيمن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ته جيئن پورهيتن جي حالت ۾ بهتري اچي سگهي. ٻي صورت ۾ انهن جي زندگي لوڻ جي کاڻين ۾ ضايع ٿيندي رهندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button