محمود خان
نميرا سليم اطلاعات ۽ نشريات واري وزير مرتضيٰ سولنگي سان ملاقات ڪئي ۽ ان موقعي تي 5 آڪٽوبر تي خلا ۾ پاڪستان جو جهنڊو ڦڙڪائڻ واري مشن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. عورتون جيڪي وڏا خواب ڏسنديون آهن، اهي وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪنديون آهن.
نميرا سليم گول سيٽرز جو بهترين مثال آهي. هوءَ پهرين پاڪستاني عورت آهي جنهن 2008ع ۾ پهريون ڀيرو ايورسٽ اسڪائي ڊائيو دوران اتر ۽ ڏکڻ تي پاڪستاني جهنڊو ڦڙڪايو. 2006ع ۾ پاڪستان جي حڪومت سرڪاري طور تي کيس پھرين پاڪستاني خلاباز طور تسليم ڪيو. 2007 ۾، نميرا پاڪستان ۾ سياحت جي اعزازي سفير طور ڪم ڪيو. پاڪستان جي پهرئين عورت خلاباز نميرا سليم تاريخي خلائي سفر جي شروعات ڪرڻ وڃي رهي آهي. نميرا سليم جو خلائي مهم وارو عمل يقيني طور تي پاڪستان جي وڏي ڪاميابي هوندو.
نميرا سليم پاڪستاني جهنڊو خلا ۾ بلند ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. ان سلسلي ۾ خلائي سياحت واري ڪمپني ورجن گليڪٽڪ هولڊنگس اعلان ڪيو آهي ته سندس فلائيٽ ونڊو ايندڙ مهيني آڪٽوبر ۾ پنهنجو سفر شروع ڪندي. نميرا سليم کي هن خلائي اڏام لاءِ ورجن گليڪٽڪ جي باني خلاباز رچرڊ برانسن نامزد ڪيو آهي. نميرا سليم خلاباز جو درجو حاصل ڪري ورتو آهي. هڪ ٽي وي انٽرويو ۾ نميرا سليم چيو ته موجوده نگران حڪومت منهنجي حمايت ۽ حوصلا افزائي ڪئي آهي نه ته ان کان اڳ مختلف سياسي پارٽين جي حڪومت مون کي اها ترجيح نه ڏني جنهن جي مان حقدار هيس. نميرا سليم چيو ته ننڍي هوندي کان خلا جي باري ۾ پڙهندي پئي اچان، مان ڏسندي رهيس ۽ سوچيندي رهيس، ان کان اڳ پاڪستان مان نه ئي ڪا عورت ۽ مرد خلا ۾ ويا آهن. نميرا سليم جو تعلق ڪراچيءَ سان آهي. هن کي پهرين ايشيائي ۽ پهرين پاڪستاني هجڻ جو اعزاز پڻ حاصل آهي جنهن 2008ع جي تاريخي فرسٽ ايورسٽ اسڪائي ڊائيو دوران مائونٽ ايورسٽ تي اسڪائي ڊائيو ڪيو. هوءَ امن لاءِ به ڪم ڪندي رهي آهي ۽ 2011ع ۾ صدر پاڪستان نميرا سليم کي ملڪ جي اعليٰ ترين سول ايوارڊ تمغه امتياز سان پڻ نوازيو هو.
هن کي سيپٽمبر 2013ع ۾ لنڊن ۾ بين الاقوامي امن ۽ هم آهنگي جي هٿي ڏيڻ لاءِ سندس ڪوششن تي ايوارڊ سان نوازيو ويو. نميرا سليم کي پاڪستان پاور 100 جي وومين پاور ۾ شامل ٿيڻ جو اعزاز به حاصل آهي. ٻئي پاسي اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پاڪستان جي پهرين عورت خلاباز نميرا سليم سان ملاقات ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته هن شاندار ڪارناما سرانجام ڏنا آهن. پاڪستان ۾ شايد ئي ڪو ٻيو هجي جنهن ايتري تيزيءَ سان ڪاميابي حاصل ڪئي هجي، جڏهن ته سڌ سماءُ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پاڪستان جي پهرين عورت خلاباز نميرا سليم جي ايندڙ مهيني 5 آڪٽوبر تي روانگيءَ جي تيارين بابت آگاهي ڏني. سڌ سماءُ واري نگران وفاقي وزير نميرا سليم کي خلائي سفر شروع ڪرڻ تي حڪومت پاڪستان، وزيراعظم پاڪستان ۽ عوام جي طرفان مبارڪباد ڏني.
سڌ سماءُ واري نگران وفاقي وزير نميرا سليم جي ڪاميابيءَ لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو. ان موقعي تي هن چيو ته نميرا سليم جو ايندڙ خلائي سفر خلائي تحقيق ۾ پاڪستان جي وڏي ڪاميابي آهي. پاڪستاني خلاباز نميرا سليم پنهنجي خلائي سفر لاءِ تيار آهي.
5 آڪٽوبر تي پهريون ڀيرو خلا ۾ پاڪستاني جو جهنڊو به ڦڙڪايو ويندو. هي جهنڊو کيس 24 ڊسمبر 2007ع تي پاڪستان جي نگران وزيراعظم محمد ميان سومرو ڏنو هو. نميرا سليم سڀني عورتن لاءِ رول ماڊل آهي. نميرا سليم جي اها ڪوشش پاڪستان جي هڪ پرامن ۽ ترقي پسند ملڪ جي مثبت سڃاڻپ کي اجاگر ڪندي. نميرا سليم 21 اپريل 2007ع تي اتر ۾ پاڪستان جو جهنڊو ڦڙڪايو هو، جڏهن ته هوءَ ايندڙ مهيني 5 آڪٽوبر تي خلائي سفر لاءِ رواني ٿي رهي آهي.