ھن جو تھ نالو لکي نھ ٿا سگھون، جيڪو اڊيالا منتقل ٿيڻ جو منتظر آھي پر اھو صحافي جيڪو ساڍا چار مھينا قيد ۾ گذاري واپس وريو آھي، ان جو نالو بھ عمران آھي.
عمران رياض ھڪ اھڙو صحافي نھ ھو، جنھن کي مڪمل طور تي پروفيشنل صحافي طور تي تسليم ڪري سگھجي. ڇو تھ ھو تحريڪ انصاف جي اثر ھيٺ ايترو اچي ويو ھو جو ھن کان اھو بھ وسري ويو ھو تھ آزاد صحافت جو رخ ۽ راهه الڳ ھوندي آھي. ھن جو شمار تحريڪ انصاف جي ان حصي ۾ ڪري سگھجي ٿو، جيڪو حصو اکيون ٻوٽي ان رستي تي ھلي پيو، جنھن تي ھلڻ جي اجازت ھن ملڪ ۾ ناھي. اھوئي سبب آھي تھ ھن مھل ان قافلي جو سرواڻ بھ قيد ۾ آھي ۽ ھن جا اھم ترين ساٿي بھ جيلن ۾ واڙيل آھن. باقي جيڪي بچيل آھن، انھن جي موجودگيءَ جي معلومات انھن جي مٽن مائٽن کي بھ ناھي. ڇو تھ ھو تمام ھو روپوشيءَ جي راھھ اختيار ڪري چڪا آھن. ڪنھن سوچيو بھ نھ ھو تھ ھن ملڪ ۾ ھڪ اھڙو وقت بھ ايندو جو اقتداري سياست ڪرڻ وارن کي گرفتارين کان بچڻ لاءِ زير زمين وڃڻو پوندو ۽ اھو ڪجھھ ڪنھن آمريت ۾ نھ پر جمھوريت ۾ ھوندو.
ملڪ ۾ جمھوريت آھي پر اھا ڪھڙي جمھوريت آھي، جنھن جمھوريت ۾ سياسي تھ ڇا پر صحافتي آزاديءَ ملڻ بھ مشڪل بڻجي وئي آھي. ڇو تھ ھڪ ھڪ معاملي تي جيتريون پابنديون پيل آھن، ايتريون تھ صرف آمريت جي دور ۾ ھونديون آھن. پر پوءِ بھ اسان ھن دور کي ان مارشل لا کان بدتر ڪوٺي نھ ٿا سگھون، جنھن ۾ انسانن کي سرعام ڦٽڪا ھنيا ويندا ھئا. جڏھن ھو جلوس ڪڍندا ھئا تھ انھن جي سينن تي سڌيون گوليون ھنيون وينديون ھيون. جڏھن ملڪ مٿان ڪارا قانون لاڳو ٿيندا ھئا. اسان جي يادگيريءَ ۾ جنرل ضياءَ جي آمريت جو دور تمام گھڻو ڀيانڪ ھو. ان دور جي ھن دور سان ڀيٽ ڪري نھ ٿي سگھجي. پر اھا بھ حقيقت آھي تھ جنرل ضياءَ جي دور ۾ پاڪستان جا صحافي ان طرح سان آزار ۾ نھ آيا ھئا، جنھن ريت ھن دور ۾ آيا آھن. ممڪن آھي تھ ان جو ھڪ سبب اھو بھ ھجي تھ آزار ۾ آيل صحافين پاڪستان ۾ موجود جمھوريت کي مغربي جمھوريت جو حصو سمجھيو ھجي.
اسان کي اھا حقيقت سمجھڻ گھرجي تھ جھڙي ريت آمريڪا يا يورپ جي ملڪن ۾ قانونن مٿان عمل جو معاملو اھڙو نھ ھوندو آھي، جھڙو اسان وٽ آھي ۽ جھڙي ريت اتي انسانن سان اھڙو سلوڪ نھ ٿيندو آھي، جھڙو اسان وٽ ٿئي ٿو، تھڙي ريت اسان جي جمھوريت ۽ اولھھ جي جمھوريت ۾ بھ واضح فرق آھي. اھوئي سبب آھي تھ جڏھن تحريڪ انصاف جو اڳواڻ پنھنجن جلسن ۾ تقريرون ڪندي يا چينلن جي انٽرويو ڏيندي پنھنجي ملڪ جي ڀيٽ مغرب جي ملڪن سان ڪندو ھو تھ ھڪ قسم جي حيرت ٿيندي ھئي ۽ انسان سوچڻ جي مجبور ٿي ويندو آھي تھ ھن ايترو سارو وقت مغربي ملڪن ۾ گذاريو آھي. ھن کي معلوم ھجڻ گھرجي تھ جنھن ملڪ ۾ سمنڊ جي ڪناري پنھنجي مرضيءَ جا ڪپڙا پائي نھ ٿا سگھجن، ان ملڪ ۾ پنھنجي مرضيءَ وارو سچ ڪيئن ٿو لکي ۽ چئي سگھجي؟ ھتي ھر قدم تي ڪا نھ ڪا پابندي آھي. ھي ملڪ آزاد ھوندي بھ پابند آھي. اھا پابندي صرف ملڪ ۾ اندر ماڻھن تائين محدود ناھي پر ھي ملڪ پنھنجي معاشي ۽ سماجي حوالي سان عالمي طاقتن جي آڏو ان ريت پابند آھي، جھڙي ريت ھن ملڪ جي اصل حاڪمن آڏو ھن ملڪ جو عوام پابند آھي. ان حوالي سان غلاميءَ جا اھي سلسلا بين الاقوامي سطح تي ڦھليل آھن. اسان کي پنھنجي حصي جي آزادي ۽ غلامي سمجھڻ گھرجي. جڏھن بھ ڪو ان سمجھھ ۾ غلطي ڪري ٿو تھ ھن سان اھو ڪجھھ ٿئي ٿو، جيڪو ڪجھھ عمران رياض سان ٿيو.
ارشد شريف تھ شھيد صحافت آھي. ھن جي باري ۾ ڪجھھ لکڻ کان اڳ ۾ سوين ڀيرا سوچڻو پوي ٿو. ڇو تھ ھو ھڪ معصوم ۽ ملڪ جي سيٽ اپ کي سمجھي نھ سگھڻ وارو اھو جذباتي جرنلسٽ ھو، جنھن کي پنھنجي مڪمل آزاديءَ جي قيمت ۾ پراسرار قتل جي صورت ۾ ادا ڪرڻي پئي. اسان کي تھ ھن مھل تائين اھو معلوم بھ ناھي تھ ھن کي مارڻ کان اڳ ھن مٿان ڪيترو تشدد ڪيو ويو پر چون ٿا تھ ھن جو ڪيتريون ئي آڱريون ٽٽل ھيون. پر اھا ڳالھھ بھ حيران ڪندڙ آھي تھ ارشد شريف جو حشر ڏسي بھ عمران رياض کي پنھنجي منطقي انجام جو احساس نھ ٿيو. ڇو تھ ارشد شريف جي قتل کان پوءِ عمران رياض تمام گھڻو جذباتي ٿي ويو ھو ۽ ھو اھو بھ چوڻ لڳو ھو تھ جيڪڏھن ھن کي لکڻ ۽ ڳالھائڻ جي آزادي ناھي تھ پوءِ ھن جي جياپي جو ڪھڙو مقصد آھي؟ ھو تقريرن ۽ وڊيوز ۾ پنھنجن مخالفن کي جھڙي ريت للڪاريندو ھو، ان جو انجام ھن جي 140 ڏينھن واري گمشدگي ٿي. ڇو تھ ھو ڪو قيد بھ نھ ھو. قيد تھ قانون جي مطابق ٿيندو آھي، جيڪڏھن عدالت يا حڪومت ڪنھن شخص کي ڪنھن قانون جي مطابق قيد يا نظربند ڪري ٿي تھ اھو قانوني طور تي قيدي ھجڻ جي حيثيت جو مالڪ بڻجي وڃي ٿو پر جن کي قانون کان ماورا کنيو ويو ۽ ڪنھن گمنام مقام تي رکيو ويو ۽ جنھن جي باري ۾ اھو چيو ويو تھ حڪومت تھ ڇا رياست کي معلوم نھ آھي تھ ھو ڪٿي آھي؟ اھڙي ماحول ۾ ھڪ شخص جو منظر عام تي اچڻ وارو معاملو آزاديءَ کان وڌيڪ بازيابيءَ جي زمري ۾ اچي ٿو يا اچڻ گھرجي. جھڙي ريت ڀنگ لاءِ اغوا ٿيل انسان آزاد نھ بازياب ٿيندا آھن، تھڙي ريت ملڪ جو مشھور صحافي عمران رياض بھ بازياب ٿيو آھي. ڇو تھ ھن جي باري ۾ پوليس توڙي قانون لاڳو ڪرڻ وارن ادارن جو منڍ کان وٺي اھو موقف ھو تھ انھن کي معلوم ناھي تھ ھو ڪٿي آھي؟ جڏھن تھ عمران رياض جي گھر وارن ۽ ھن جي وڪيلن کي معلوم ھو تھ ھو ڪٿي آھي؟ پر انھن جي مٿان بھ اھا پابندي ھئي تھ ھو ڪنھن سان اھو راز نھ سلين تھ ھو ڪنھن وٽ قيد آھي؟
ھڪ اطلاع مطابق ھن جو وزن ويھھ ڪلو گھٽجي ويو آھي. پر ھن جي باري ۾ اھو بھ چيو پيو وڃي تھ ھن مٿان ذھني تشدد تمام گھڻو ٿيو آھي پر ان جي باوجود بھ ھو کيس مڪمل طور تي ٽوڙي نھ سگھيا آھن. ھو ھن حال ۾ بھ سڀني کي سڃاڻي ٿو ۽ چوڻ وارا ھو بھ چون ٿا تھ ھن جا جذبا اڳ جيان جوان آھن. پر سوال اھو آھي تھ پنھنجي واپسيءَ تي ڪجھھ منٽ ئي سھي پر ھن پنھنجو ڪو بھ موقف ميڊيا تي پيش ڇو نھ ڪيو؟ اھو تھ تمام مشڪل ۽ ھڪ حد تائين ناممڪن ھجي ھا تھ ھو پنھنجي گھر صحافي سڏرائي ھا يا پاڻ پريس ڪلب ھليو وڃي ھا. پر اھو ممڪن ھو تھ ٻن ٽن منٽن جي سھي پر ھو پنھنجي ھڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي رکي ھا پر لڳي ٿو تھ ھو جنھن عذاب مان گذريو آھي، ان کيس اھڙو نھ ڇڏيو آھي تھ ھو ايندي ئي اھو ڪجھھ ڪري، جنھن جي ڪري ھو نامعلوم ماڻھن معرفت نامعلوم مقام تي رکيو ويو ھو.
اسان جو ملڪ گھڻو ڪري سچائي ۽ سچائيءَ لاءِ قرباني ڏيڻ جي سلسلي ۾ ان اردو شعر جھڙو رھيو آھي:
“سچ اچھا، سچ ڪي ليي مرنا اچھا
ڪوئي اور مري تو اور اچھا”
اسان اھڙي ماحول ۾ رھون ٿا، جنھن ماحول ۾ اسان کي سمجھڻ گھرجي تھ ھڪ قيد ڪيل صحافيءَ جي بازيابي ۽ اظھار جي آزاديءَ ۾ زمين آسمان جو فرق آھي. اھو فرق نھ سمجھڻ سبب اڄ تحريڪ انصاف جو اڳواڻ اٽڪ جيل ۾ آھي ۽ اھو فرق نھ سمجھڻ سبب عمران رياض خان کي ان پار جي ياترا ڪرڻي پئي، جنھن جو اتو پتو ٻڌائڻ جي اجازت بھ ھاڻي کيس حاصل ناھي.