ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

جعفر جي نئين ڪهاڻي: سماجي حقيقت نگاريءَ جو عڪس – II

Editorial-Article- Qazi Wajid Memon

اسان جڏهن ان ئي پسمنظر ۾ حفيظ ڪنڀر جي هن ڪهاڻي ڳٽڪي کي ڏسون ٿا ته سندس ڪهاڻين ۾ نه رڳو تاريخي ڌارا جي پيرن جا نشان چٽا نظر اچن ٿا پر سندس ڪهاڻين جون پاڙون پنهنجي سماجي زمين جي پاتال ۾ گهريون کُتل محسوس ٿين ٿيون.
ڪهاڻي ڪتاب ۾ پبلشر نوٽ کانسواءِ ڪل پنجويھه ڪهاڻيون ڏنل آهن، جڏهن ته بيڪ ٽائيٽل مانواري حسين ڪپريءَ جو لکيل آهي.
هن ڪتاب جي پهرين ڪهاڻي “جانب يار جي قبر” آهي. هي ڪهاڻي مڪمل طور سماجي حقيقت نگاريءَ جو بهترين نمونو آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ حفيظ ڪنڀر ڪمال ڪاريگريءَ سان طبقاتي ڪشمڪش جي منظرنگاري ڪئي آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ ٻه اهم ڪردار آهن، جانب ۽ لونگ، ٻئي ڪردار مختلف ڳوٺن جا هوندي به ساڳئي پرائمري اسڪول ۾ پڙهن ٿا. هڪڙو ڪردار يعني جانب تعليم پوري ڪري ٻاهر سيٽ ٿي ٿو وڃي ۽ ٻيو مُک ڪردار لونگ پرائمري کان پوءِ ٻني ٻاري جي ڪرت سان لڳي ٿو وڃي ته ۽ تر ۾ شادي غمي ۽ فوتگي ۾ به شامل ڪردار آهي. ڪا ميت ٿي وڃي ته قبر کوٽڻ جو به ڪم هي ڪري ٿو. جانب سان وڏي عرصي کان پوءِ پهرين اوچتي ملاقات به مقام ۾ تدفين دوران ٿئي ٿي جتي لونگ قبر کوٽي ٻاهر نڪري ٿو.
هن ڪهاڻي ۾ طبقاتي احساس ڪمتريءَ جي شاندار منظر ڪشي ڪئي آهي. لونگ، پرائمريءَ جي پنهنجي ڪلاس ميٽ جانب جي رسمي سڃاڻپ ۽ هٿ ملائڻ تي ڏاڍو خوش ٿئي ٿو ۽ ان شناسائيءَ جو ذڪر بار بار نه رڳو پنهنجي ماءُ پيءُ، مٽن مائٽن ۽ يارن دوستن سان ٿو ڪري پر سيڙجي جانب جي مائٽن کي سندس اچڻ جي خبر پاڻ تائين پهچائڻ جا زور بار ۽ وزن به رکي ٿو، پر عجيب اتفاق اهو ٿو ٿئي ته لونگ جي جانب سان ٻي ملاقات سندس مرتئي جي ڄاڻ ۽ قبر کوٽائيءَ جي بهاني سان ٿئي ٿي.
ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي اسان جي هڪڙي سماجي اوگڻ يعني ٻئي جي ڪم ۾ ٽنگ اٽڪائڻ ۽ پنهنجي مهارت جتائڻ واري سين تي ٿئي ٿي جنهن ۾ لونگ جي صبر جو پيمانو لبريز ٿي پوي ٿو ۽ هو پنهنجي ڏک ۽ درد جي شدت کي هنن لفظن ۾ بيان ڪري ٿو: “اڙي! هي منهنجي جانب يار جي قبر آهي، سا آئون خراب ٺاهيندس ڇا؟ مون هن جي قبر لاءِ ڪوڏر به نئين آندي آهي. توهان کي ڪهڙي خبر؟”

ٻي ڪهاڻي “چاچي سماني” آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ روايتي زرعي سماج/مشرقي سماج جي ناريءَ جي جاندار لفظن، بهترين جملن ۽ سهڻي گهاڙيٽي ۾ شاندار منظر ڪشي ٿيل آهي. سماني ڪا شڪل صورت ۾ خاشي ته ناهي پر ننڍپڻ کان ئي ڳوٺاڻي زرعي سماج جي عورتن وارا سڀئي گڻ منجهس ججها آهن. ڳوٺاڻين عورتن وانگر رڌ پچاءُ ۽ گهرو ڪم ڪار کان وٺي ٻني ٻاري جي سار سنڀال تائين، ڍور ڍڳي جي سار سنڀال کان وٺي گاهه پٺي تائين، آئي وئي جي آڌرڀاءُ کان وٺي اوڙي پاڙي جي نياڻين سياڻين تي ڪک رکڻ تائين سڀني ڪمن ڪارين ۾ ڀڙ ۽ گهريتڙي آهي. ان کانسواءِ مشرقي عورتن جيان پنهنجي عزت ۽ عصمت جي پاسبان آهي. سندس سڀ چاهتون ۽ محبتون پنهنجي ور کان شروع ٿي ور تي ئي ختم ٿين ٿيون. زبان جي تکي، همت ڀري ۽ هٿ جي ڇوٽ هجڻ سبب، اوڙي پاڙي جو ايرو غيرو، نٿو کيرو هڪ ته کانئس ونئون ٿو وڃي پر جي ڪو لچو لُڦنگو سندس رستا روڪ ڪرڻ بہ چاهي ٿو ته منهن جي کائي موٽي ٿو.
مطلب ته هن ڪهاڻيءَ ۾ سماني کي مشرقي عورت پڻي جو شاهڪار نمونو ڪري پيش ڪيو ويو آهي. ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي پڻ عورت ذات جي روايتي صبر ۽ شڪر جي نتيجي سبب ٿئي ٿي ڇو ته سماني پنهنجي سورن ۽ دردن کي سيني ۾ سمائي ڇڏي ٿي ۽ ايستائين ٻاهر ٻاڦ به نه ٿي ڪڍي جيستائين ڊاڪٽر سندس ايڪسري ڏسي سندس ڦڦڙن جي ناڪاره هجڻ جي ڳالهھ نه ٿو ڪري.
(جاري)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button