ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سياسي مداخلت

Editorial-Article- Akhtar Hafeez

اسٽيبلشمينٽ جڏهن اهو فيصلو ڪيو ته عمران خان نيازيءَ مان جان ڇڏائڻي آهي ته اها ڳالهه سامهون آئي ته اسين نيوٽرل آهيون، ڪابه سياسي مداخلت ڪونه ڪنداسين. ان جو هڪ مطلب اهو هو ته ان کان اڳ سياست ۾ فوج جي مداخلت جاري هئي ۽ جيڪي الزام ان تي لڳندا رهيا يا جن سياسي پارٽين رڙيون پئي ڪيون ته سياستدانن کي آزاد ڇڏيو ۽ سياسي معاملن ۾ مداخلت نه ڪريو، اهي الزام صحيح هئا. پر جيئن ته ان وقت اهو فيصلو ٿي چڪو هو ته هاڻ اسٽيبلشمينٽ ڪنهن به ريت پي ٽي آءِ جي مدد ڪونه ڪندي، تنهنڪري پي ٽي آءِ لاءِ معاملن کي هلائڻ مشڪل ٿي ويو هو، ڇاڪاڻ ته عمران خان نيازي اڳوڻي آرمي چيف قمر جاويد باجوه جي ڪلهن تي چڙهي آيو هو. جنهن کيس هر قسم جي مدد فراهم ڪئي، نتيجي ۾ عمران خان پهريون ڀيرو وزير اعظم ٿيو ۽ پوءِ هن ملڪ جو جيڪو حشر ڪيو اهو سڀني جي سامهون آهي.

ان ڳالهه جو في الحال ڪو امڪان ڪونهي ته اسٽيبلشمينٽ ملڪي سياست کان پاڻ کي ڌار ڪري ڇڏي، ڇاڪاڻ ته هن وقت جيڪو ماحول نظر اچي رهيو آهي يا نگران سيٽ سامهون آيو آهي، ان مان خبر پوي ٿي ته اسٽيبلشمينٽ اڃا تائين به مڪمل طور سياست تي گرفت مضبوط ڪريو ويٺي آهي ۽ اها في الحال سياسي معاملا سياستدانن جي حوالي ڪرڻ واري ڪونهي. تازو خورشيد شاهه جو بيان آيو آهي نگران وزير اعظم تي اسان مشاورت ڪئي هئي پر فيصلو مٿان کان ٿي ويو. سڀني کي خبر آهي ته هاڻوڪو وزير اعظم انوار الحق ڪاڪڙ باپ پارٽيءَ جو آهي، اها پارٽي ڪنهن ٺهرائي ۽ اڄ ڏينهن تائين ان کي ڪير هلائي رهيو آهي، اهو ڪنهن کان ڳجهو ڪونهي. تنهنڪري سياسي پارٽين جي جيڪا به مشاورت هئي سا ڪنهن ڪم ڪونه آئي، واڳ ڌڻين جيڪو فيصلو ڪيو هو اهو ئي عمل ۾ آندو ويو.
سياسي آزاديءَ لاءِ ويڙهه ڪندڙ سياسي پارٽيون اسٽيبلشمينٽ وٽ ايتريون ڦاٿل آهن جو اهي پنهنجي سياسي آزاديءَ جي ويڙهه به بهتر نموني نٿيون وڙهي سگهن. ڇاڪاڻ ته جڏهن اهي اقتدار ۾ هونديون آهن ته سويلين جي حيثيت سان ڪو فيصلو ڪرڻ جو سوچينديون آهن ته نيب جا ڪيس کلي پوندا آهن. تنهنڪري اهي پويان پير ڪنديون آهن، پوءِ انوار الحق ڪاڪڙ جهڙا گمنام ماڻهو اهم ترين منصب تي ويهي اسٽيبلشمينٽ جو ڪيس وڙهڻ لڳندا آهن. جيئن هن ڪالهه چيو آهي ته ملڪ جي ويجهي مستقبل ۾ فوج جو سياست ۾ ڪردار رهندو. نواز شريف جي واپسيءَ تي قانوني راءِ ورتي ويندي، جيڪو به ڪنداسين قانون موجب ڪنداسين. پڪ ٿو ڌياريان ته چونڊ عمل مڪمل طور صاف شفاف ٿيندو. اليڪشن عمل ۾ انتظامي سطح تي ڪنهن خاص ٽولي جي حمايت يا مخالفت نه ڪئي ويندي. ملڪي حالتن ۾ فوج کان مدد وٺڻي پوندي آهي. ملٽري ۽ سول لاڳاپن ۾ عدم توازن جو چئلينج موجود آهي.
جيڪڏهن ملڪ جو وزير اعظم اهو چئي رهيو آهي ته فوج جو سياست ۾ ڪردار رهندو ته پوءِ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته ملڪ ۾ چونڊون شفاف ٿين يا ايندڙ سيٽ اپ فوج جي مداخلت کان سواءِ جڙي سگهي ۽ ان حڪومت کي فيصلا ڪرڻ جي آزادي به هجي. ڇاڪاڻ ته فوج جو سياست ۾ ڪردار جو مطلب ئي اهو آهي ته سياستدان ڪنهن به ريت جمهوري عمل کي پنهنجي مرضي يا آئين موجب نٿا هلائي سگهن. نتيجي ۾ ملڪ جون سياسي پارٽيون نه رڳو ڪمزور حالت ۾ رهنديون پر انهن جي سياسي آزادي سدائين اسٽيبلشمينٽ وٽ گروي رکيل هوندي ۽ اهي ڪڏهن به اهي فيصلا نه ڪري سگهنديون جيڪي ملڪي مفاد ۾ بهتر هوندا.
وزير اعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي ذهني ۽ سياسي سطح جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته هو سيلفي ڪڍائڻ کي اهم سمجهي ٿو. جڏهن ته هو هڪ اهم منصب تي ويٺل آهي، جتي کيس ملڪي ۽ عالمي معاملن تي بهتر راءِ رکڻ گهرجي، اتي هو رڳو سيلفيون ڪڍائڻ ۾ پورو آهي، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ هن ملڪ تي ڪهڙا سياستدان مڙهڻ چاهي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button