ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

دھشت جو دائرو

Editorial-Article- Umer Kazi

ھونءَ تھ اسان جي ملڪ جي پوري تاريخ ان حقيقت جي گواھي ڏيڻ لاءِ تيار آھي تھ اسان ڪو بھ دور سک ۽ چين سان نھ گذاريو آھي پر اڄ ھن وقت جڏھن افغانستان جھڙي بدامنيءَ جي سڀ کان وڏي مثالي ملڪ ۾ بھ ڪافي وقت کان وٺي ٺاپر آيل آھي ۽ عراق جھڙو ملڪ بھ تمام گھڻو خون وھائي نيٺ خاموش ٿي ويو آھي ۽ آفريڪا کان بھ خوف ڀريون خبريون نھ ٿيون اچن، ان وقت پاڪستان ۾ دھشت گرديءَ ۽ بدامنيءَ جا معمول بڻيل واقعا ھڪ طرف عوام جي لاءِ عذاب جو باعث بڻيل آھن تھ ٻئي طرف اھي عمل ملڪ لاءِ عالمي سطح تي جنھن بدناميءَ جو باعث بڻجي رھيا آھن، اھڙي ماحول ۾ ڪھڙي سرمائيدار ڪمپنيءَ کي کٽي کڻندي جو اھا پنھنجو سرمايو ان ملڪ ۾ سيڙائيندي، جنھن ملڪ جي حڪمرانن کي بھ معلوم نھ ھجي تھ ملڪ ۾ ايندڙ چونڊون ڪھڙي مھيني ۾ ٿي رھيون آھن؟ جنھن ملڪ ۾ اھم ادارا ھڪ ٻئي سان تعاون ڪرڻ بدران ھڪ ٻئي سان ڇڪتاڻ ۾ مصروف ھجن ۽ جنھن ملڪ ۾ اھو بھ معلوم نھ ھجي تھ اھا صورتحال ڪڏھن ۽ ڪيئن ختم ٿيندي؟
ھڪ مڪمل طور تي بي يقيني ۽ ھڪ نااميديءَ جھڙي صورتحال ۾ جيڪڏھن ڪو مثبت اندز سان سوچي بھ تھ ڪيئن سوچي؟ اھو سوال تمام گھڻو اھم آھي تھ ملڪ کي ھن مصيبت مان ڪير ڪڍندو؟ ڇو تھ جڏھن بھ قانون نافذ ڪندڙ ادارن جو نالو اچي ٿو، تڏھن اھا دعويٰ اڀري ٿي تھ پاڪستان جي قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن تمام گھڻيون قربانيون ڏنيون آھن. ان ۾ ڪو شڪ ناھي تھ اسان جا اھلڪار ۽ خاص طور تي ھن ملڪ جو عام قانوني اھلڪار جھڙي طرح اجل جو شڪار ٿيا آھن، انھن جو تعداد تمام گھڻو آھي. پر ان سلسلي ۾ اھو سوال اڀرڻ بھ تمام گھڻو فطري آھي تھ اھي آخر ڪنھن جا فيصلا ھئا، جن جي نتيجي ۾ اھو ڪجھھ ٿيو، جيڪو ڪجھھ نھ ٿيڻ کپندو ھو. پاڪستان ۾ جيڪو بھ عمل ٿيو آھي، اھو عمل قانون ۽ امن امان جي خلاف ٿيو آھي ۽ ان کي قانون جي دائري ۾ آڻڻ جو ڪم بھ قانون جو ئي آھي. پر ھتي مشڪل اھا آھي تھ قانون کي بھ پنھنجو ڪم قانون مطابق ڪرڻ ڏنو نھ ٿو وڃي.
اھا حقيقت آھي تھ جنھن بھ ملڪ ۾ قانون ۽ انصاف کي آزاديءَ سان ڪم ڪرڻ جي اجازت حاصل نھ ھوندي تھ ان ملڪ مان بدامنيءَ جو ٻاھر نڪرڻ نھ صرف مشڪل پر ناممڪن ھوندو ۽ اھو ڪجھھ ھن وقت اسان جي ملڪ ۾ ٿي رھيو آھي. اسان جي ملڪ ۾ جيڪڏھن مجموعي طور تي تاريخ مٿان نظر وجھجي ٿي تھ اسان وٽ افسوس جو پيدا ٿيڻ جو ھڪ فطري عمل بڻجي وڃي ٿو پر اسان کي اھو معلوم آھي تھ صرف افسوس ڪرڻ سان ڪجھھ بھ حاصل نھ ٿيندو. ڇو تھ افسوس ڪو عمل ناھي. عملن کي عملن سان ئي روڪي سگھبو آھي. ان سلسلي ۾ اسان کي اھي قدم کڻڻا پوندا، جيڪي قدم قانون جي مطابق بھ ھجن ۽ جيڪي قانون جي ساک بھ ڏين ۽ قانون کي سگھارو بھ ڪن. ان سلسلي ۾ اسان لاءِ تمام ضروري آھي تھ اسان جي ملڪ کي آئين جو مڪمل طور تي پابند بڻايو وڃي ۽ آئين کان مٿان ڪنھن کي بھ تسليم نھ ڪيو وڃي. ڇو تھ ترقيءَ جي لاءِ جنھن ترتيب ۽ جنھن صبر ۽ تحمل جي ضرورت ھوندي آھي، اھو صرف ۽ صرف قانون ۽ آئين تي عمل ڪرڻ سان ئي حاصل ٿي سگھي ٿو. جيڪڏھن اسان جي ملڪ ۾ قانون سان مذاق ۽ مشڪري نھ ڪئي وڃي ھا، جيڪڏھن اسان جي ملڪ ۾ فوجي آمر آئين کي لتاڙي اقتدار ۾ نھ اچن ھا، جيڪڏھن ملڪ کي حقيقي طور تي عوام جي ھٿن ۾ ڏنو وڃي ھا تھ ھن ملڪ جو اھڙو حشر ھرگز نھ ٿئي ھا، جھڙو اسان ھر روز ڏسي رھيا آھيون. اھا حقيقت آھي تھ ھن ملڪ جا ماڻھو صرف معاشي طور تي نھ پر ٻين سببن جي ڪري بھ قانوني توڙي غير قانوني طور تي ڪوشش ڪن ٿا تھ ھو ڪنھن طرح سان ملڪ مان نڪري يورپ يا عرب ملڪن ۾ رھن. ڪنھن کي بھ پنھنجو ملڪ ڇڏڻ نھ وڻندو آھي پر اھي مجبوريون آھن، جيڪي انسانن کي وطن ڇڏڻ تي مجبور ڪن ٿيون پر اھا بھ حقيقت آھي تھ دنيا جو ڪو بھ ملڪ مڪمل طور تي لڏپلاڻ ڪري نھ ٿو سگھي. اسان پنھنجين اکين سان ڏٺو تھ ڏھاڪن تائين جنگ جو ميدان بڻيل ملڪ افغانستان بھ مڪمل طور تي خالي ٿي نھ سگھيو. جيتوڻيڪ ان ملڪ جا تمام گھڻا ماڻھو پاڪستان ۾ پناھھ وٺڻ تي مجبور ٿيا ۽ اھا بھ حقيقت آھي تھ افغان پوري دنيا ۾ ٽڙيل پکڙيل آھن پر پوءِ بھ افغانن جي وڏي ۽ قومي آبادي پنھنجي ملڪ ۾ رھي. اھا ڪيئن رھي؟ ان جو بھ وڏو داستان آھي پر اھا اڪثريت دھشت ۽ بم ڌماڪن ۾ بھ پنھنجي ڌرتيءَ تي رھڻ جي لاءِ مجبور ھئي ۽ اڄ انھن جي ڌرتيءَ تي جڏھن ڪجھھ وقت کان وٺي امن جا پاڇا پيل آھن تھ اسان کي انھن جي ان حال تي ڪو ساڙ وير نھ پر ھڪ مسرت محسوس ٿي رھي آھي. ڇو تھ بقول اياز:
“اسان سنڌ واسين ازل کان اياز
ڪھين لاءِ مندي سمائي نھ من”
اسان جي دل ۾ ڪنھن لاءِ نفرت ۽ ساڙ ناھي. اسان ڪنھن سان بھ ڪينو نھ ڪيو آھي. پر اھا الڳ ڳالھھ آھي تھ اسان کي پنھنجي ڌرتيءَ تي اھو امن نھ مليو آھي، جنھن امن تي اسان جو تاريخي حق رھيو آھي. ھن وقت بھ جڏھن اسان پنھنجي آس پاس سمورن ملڪن ۾ امن امان ڏسون ٿا، جڏھن اسان اھو ڏسون ٿا تھ افغانستان کان وٺي عراق تائين ھر ھنڌ امن آھي ۽ جيڪي ملڪ گھرو جنگ جو شڪار ھئا، يعني شام جھڙا ملڪ بھ رت جو درياهھ جھاڳي نيٺ امن جي ڪنڌيءَ تائين آيا آھن ۽ انھن کي سک ۽ سڪون جو ساحل مليو آھي تھ ان مھل اسان جي دل ۾ اھا خواھش نھايت افسوس سان فرياد ڪرڻ لڳي ٿي تھ آخر اسان جو وارو ڪڏھن ايندو؟ ۽ اھو انصاف جيڪو ٻين قومن ۽ ملڪن کي مليو آھي، اھو اسان جي جھوليءَ ۾ ڪڏھن ايندو؟ ڇا اھا خواھش ڪنھن بھ طور تي ملڪ ۽ رياست جي خلاف آھي؟ ڇا ھر رياست جو اھو فرض ناھي تھ اھا امڙ وانگر پنھنجي عوام کي مڪمل طور تي امن فراھم ڪري ۽ اھڙو ماحول عطا ڪري، جنھن ۾ ھر انسان پوءِ اھو مرد ھجي يا عورت، ٻار ھجي يا ٻڍو ۽ مسلمان ھجي يا ٻي ڪنھن مذھب سان واسطو رکندڙ ھجي، پر ھن کي امن جو حق حاصل ھجي. ڇو تھ ان قسم جو اعلان ھن ملڪ جي باني قائد اعظم ملڪ آزاد ٿيڻ کان ٽي ڏينهن اڳ پنھنجي جڳ مشھور تقرير ۾ ڪيو ھو ۽ ھن واضح لفظن ۾ چيو ھو تھ ھاڻي اوھان آزاد آھيو تھ پنھنجن عقيدن تي عمل ڪيو ۽ رياست اوھان کي حق ڏئي ٿي تھ اوھان مذھبي طور تي آزاد ھجو. پر افسوس جي ڳالھھ اھا آھي تھ جڏھن اسان پنجاب ۾ اقليتن جي مٿان ظلم ۽ جبر ڏسون ٿا ۽ جڏھن اسان کي سڌي ۽ ان سڌي طرح سان پنھنجي سنڌ جي سرزمين تي بھ سنڌ ڄاوا ماڻھو محفوظ محسوس نھ ٿا ٿين تھ پوءِ اسان جي افسوس ۾ اضافو ٿيڻ بھ ھڪ فطري عمل بڻجي وڃي ٿو.
قانون جو ھجڻ ڪيترو نھ اھم آھي؟ ان سوال جو سڀ کان وڏو ۽ گھرو احساس اھي قومون ۽ اھي ملڪ محسوس ڪري سگھن ٿا، جن وٽ بدامنيءَ ۽ دھشت جو راڄ رھيو آھي. پاڪستان اھو ملڪ آھي، جنھن ملڪ مٿان اھڙي دھشت ۽ وحشت جو راڄ رھيو آھي، جيڪا انسانن جو ماس کائيندي آھي ۽ انھن جو خون پيئندي آھي. اھا وحشت ۽ دھشت ڪڏھن ٻين ملڪن ۾ بھ ھئي پر انھن ملڪن ۾ ھاڻي پائيدار يا ناپائيدار، پر، امن آھي. جڏھن تھ اسان وٽ ھن مھل تائين بدامنيءَ جي فضا ختم ٿي نھ سگھي آھي. جيڪڏھن اسان ملڪ جي رت ۽ باھھ جي درياهھ جھڙي ماضيءَ ۾ ٽٻي نھ بھ ھڻون ۽ اسان صرف پنھنجو گذريل ھڪ ڏينھن ڏسون، جنھن ڏينھن تي سنڌ جي شھر سڪرنڊ جي ھاءِ وي تي انصاف لاءِ اس ۾ لاش پيل ھئا ۽ بلوچستان ۾ ٿيل ڌماڪي سبب 54 انسان لاشن ۾ تبديل ٿي ويا ۽ ساڳي طرح سان ڪي پي ڪي ۾ بھ ساڳي بدامنيءَ انساني زندگين کي اجل جي وات جو لقمو بڻايو تھ ان وقت اھو سوال پيدا ٿيڻ فطري آھي تھ آخر اسان جي عوام ۽ اسان جي سرزمين کي امن ۽ انصاف جو حق ڪڏھن حاصل ٿيندو؟ دھشت جي وڌندڙ دائري ۾ اھو سوال وڏي وقت کان واڪا ڪري رھيو آھي پر ان سوال جو جواب ھن مھل تائين ڪنھن بھ اداري ۽ ڪنھن سرڪار نھ ڏنو آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button