سنڌ ۾ پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جو مسئلو هر ننڍي وڏي شهر ۾ نظر اچي ٿو. واٽر سپلاءِ جو ايندڙ پاڻي به شهرين تائين بهتر نموني نٿو پهچي، ايستائين جو اهو پاڻي پيئڻ لائق به ڪونه هوندو آهي. ماڻهو ڀلي پيئڻ جي پاڻيءَ جو بل ڏيندا هجن پر اهي پئسن تي پاڻي وٺي پوءِ استعمال ڪندا آهن، اهڙي ريت انهن کي ٻيڻا پئسا ڏئي پاڻي استعمال ڪرڻو پوندو آهي، جڏهن ته اها ذميواري شهري انتظاميا جي آهي ته اها هر شهر ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي پهچائي ته جيئن شهري بيمارين کان بچي سگهن ۽ انهن تي معاشي بار به نه پوي. سنڌ ۾ گذريل ڪجهه سالن کان آر او پلانٽن وسيلي عوام کي پاڻي فراهم ڪرڻ واري رٿا هلندڙ آهي. اهي علائقا جتي جر کارو آهي يا ماڻهن کي پري پري تائين مٺي پاڻيءَ پنڌ ڪرڻو پوي ٿو، اتي مٺو پاڻي فراهم ۽ ماڻهن کي پنڌ کان بچائڻ لاءِ آر او پلانٽ لڳايا ويا آهن، انهن علائقن ۾ ٿر پڻ شامل آهي ۽ اهي شهر به شامل آهن، جتي پاڻيءَ جي حاصلات لاءِ ماڻهن کي گهڻي تڪليف ڀوڳڻي پوندي آهي. عمرڪوٽ ضلعو به انهن علائقن ۾ شامل آهي، جتي شهرين کي پيئڻ جو پاڻي سولائيءَ سان نه ڪونه پيو ملي.
سنڌ ۾ آر او پلانٽ لڳائڻ ڪافي ڪونهي پر انهن جي ڪاڪردگيءَ کي برقرار رکڻ ۽ انهن جو بهتر استعمال به ضروري آهي. ٿر ۾ نه رڳو آر او پلانٽ آپريٽرن جي پگهارن جو مسئلو آهي پر اتي ڪيترائي آر او پلانٽ ناڪارا پڻ ٿي چڪا آهن، جنهنڪري عوام کي ڄڻ ته ان سهولت جو فائدو ئي ڪونه پهتو. تنهنڪري عوام لاءِ ساڳيا پنڌ آهن ۽ ساڳيو کارو پاڻي آهي. عمرڪوٽ سنڌ جو هڪ اهم ترين ضلعو آهي. پر اتي به آر او پلانٽ ناڪارا لڳا پيا آهن، اهو ئي سبب آهي جو شهر جي وڏي آبادي پيئڻ جي پاڻيءَ کان محروم لڳي پئي آهي. ڇور ۽ ڀرپاسي جي پلانٽن ۾ ڪم ڪندڙ ملازم ٽن مهينن کان پگهار نه ملڻ ڪري احتجاج ڪري رهيا آهن. ملازمن جو چوڻ آهي ته آر او پلانٽ مرمت نه ٿيڻ جي ڪري ناڪارا ٿي ويا آهن. اهڙي ريت اهي پلانٽ بند ٿيڻ ڪري عمرڪوٽ ضلعي جا هزارين شهري پريشان لڳا پيا آهن، ملازم فنڊ جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن. سنڌ ۾ آر او پلانٽن جي ملازمن جو هي پهريون ڀيرو احتجاج سامهون ڪونه آيو آهي پر ان کان اڳ به اهي پگهار بند ٿيڻ ڪري احتجاج ڪندا رهيا آهن ۽ اهو مطالبو ورجائيندا رهيا آهن ته کين پگهار جاري ڪيا وڃن.
اسين سمجهون ٿا ته آر او پلانٽ جي سهولت مستقل هجڻ گهرجي ته جيئن عوام کي انهن مان لاڀ ملندو رهي، ٻي صورت ۾ اها سهولت ته نالي ماتر ليکبي ۽ ان پاسي ڌيان ڏنو وڃي ته آر او پلانٽ ناڪارا ٿيڻ جا ڪهڙا سبب آهن ۽ پوءِ انهن سببن جو خاتمو ڪيو وڃي ته جيئن هڪ پاسي آر او پلانٽ تي ڪم ڪندڙ ملازمن کي پگهار ملي سگهن ۽ ٻئي پاسي عوام کي به پيئڻ جو صاف پاڻي ملندو رهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ حڪومت عمرڪوٽ ۾ ناڪارا ٿيل او پلانٽن کي ترت فعال ڪري.