ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پيٽرول واڌ تي بلاول جي شڪايت

Editorial

پاڪستان جي معاشي بحران کي سياسي استحڪام سان ڀيٽيو پيو وڃي. اهو چيو پيو وڃي ته ملڪ ۾ جيڪڏهن سياسي استحڪام ايندو ته معاشي معاملا به حل ٿي ويندا. ان ڳالهه کان انڪار نٿو ڪري سگهجي پر اها ڳالهه مڪمل طور به ٺيڪ ڪونهي. ڇاڪاڻ ته جڏهن ڪا پارٽي اقتدار ۾ ايندي آهي ته ان کان عوام جا مسئلا وسري ويندا آهن ۽ اها رڳو اقتدار جا مزا ماڻڻ ۾ لڳي ويندي آهي، نتيجي ۾ عوام لاءِ وري اهي پارٽيون آواز اٿارڻ ۽ بيان بازي ڪرڻ لڳنديون آهن، جيڪي اپوزيشن ۾ هونديون آهن. پي ٽي آءِ جي حڪومت دوران پي ڊي ايم مهانگائي خلاف روڊن تي هوندي هئي، ان وقت مهانگائي ايتري ڪونه هئي، جيتري هاڻوڪن ڏينهن ۾ آهي. پر جڏهن پي ڊي ايم جي حڪومت آئي ته ان عوام مٿان مهانگائيءَ جون ايتريون ڇپون ڪيرايون جو عوام اڄ به انهن جي هيٺان دٻيو پيو آهي. نتيجي ۾ عوام جي قوت خريد گهٽجي وئي ۽ ان لاءِ ٻن ويلن جي ماني کائڻ به ڏکيو ٿي ويو آهي. پر ان سڄي عرصي دوران پي ڊي ايم جي حڪمرانن کي ڪڏهن به اهو احساس ڪونه ٿيو ته مهانگائيءَ جي ڪري عوام ڪيترو پريشان لڳو پيو آهي ۽ ڪيتري حد تائين اهو معاشي طور بدحال ٿي ويو آهي.

دنيا جي ملڪن ۾ مهانگائي وڌڻ جي رفتار ايتري تيز ڪونهي، جيتري پاڪستان ۾ آهي. اها مهانگائي عوام برداشت ئي نٿو ڪري سگهي، هن وقت نه رڳو غريب طبقو بلڪه مٿيون ۽ وچولو طبقو به مهانگائي سبب سخت متاثر ٿيا آهن، انهن جو طرز زندگي پڻ سخت متاثر ٿيو آهي، نتيجي ۾ معاشي معاملن کي سنڀالڻ ڏکيو ٿي ويو آهي. پر هاڻ ته پيپلز پارٽي هڪ ڀيرو وري مهانگائيءَ جون رڙيون ڪرڻ لڳي آهي. پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽي زرداري به چئي ڇڏيو آهي ته پيٽرول ايتريو مهانگو ٿي ويو آهي جو هاڻ اسين به برداشت نٿا ڪري سگهون. ٿي سگهي ٿو ته هو ان جو ذڪر پنهنجي چونڊ مهم لاءِ ڪندو هجي پر پيٽرول هن وقت بنهه گهڻو مهانگو آهي ۽ مهانگي پيٽرول لاءِ نگران وزير اعظم انوار الحق عجيب غريب جواز فراهم ڪندو آهي. ڄڻ عوام جي زندگي پيٽرول جا اگهه وڌڻ جي ڪري متاثر نه ٿيندي هجي ۽ ان لاءِ پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ ڪا معنيٰ نٿي رکي. پي ڊي ايم جي حڪومت دران جيترو سيڪڙو مهانگائي ٿيندي رهي، ان وقت پيپلز پارٽي به پنهنجا چپ سبي ڇڏيا هئا. ها نه روڊن تي نڪتي نه ئي ان ڪو اهڙو بيان جاري ڪيو.
اسين سمجهون ٿا ته مهانگائيءَ کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال نه ڪرڻ گهرجي، اهو هڪ عوامي معاملو آهي، جنهنڪري عوام گهڻو لوڙيندو آهي ۽ ان لاءِ گهڻا مسئلا ٿي ويندا آهن. پيپلز پارٽي جيڪڏهن اهو سمجهي ٿي ته اها پاڻ مهانگيءَ جي ڪري متاثر آهي ته ان کي نگران حڪومت تي دٻاءُ وجهڻ گهرجي ته اها عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ ڪجهه ڪري، اها عوام کي سستيون شيون فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري. پر لڳي ائين رهيو آهي ته پيپلز پارٽي ان معاملي کي رڳو سياسي طور ڪيش ڪرائڻ چاهي ٿي. ان لاءِ مهانگائي ڪو ايڏو وڏو معاملو ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button