ماڙين مان منهنجو مقصد ماڙي جلباڻي ۽ ماڙي صابقي آهي. ٻنهي ڳوٺن ۾ هڪ گهر جي مٿان ٻئي گهر جي اڏاوت وارن گهرن کي مقامي ماڻهن ماڙيون سڏيو. هي ٻئي ماڙيون ڏيڍ ميل کن جي وٿيءَ وارا وڏا ٻه ڳوٺ آهن. جن ۾ ماڙي جلباڻي 10 هزار آبادي وارو وڏو ڳوٺ آهي ۽ صابقي ماڙي ان جي ڀيٽ ۾ ننڍو ڳوٺ آهي. ٻنهي ڳوٺن ۾ جلباڻي مکيه ذات وارا رهندڙ آهن. صابقي، ملاح، سما، سيهڙ، لاکا، چنا، راهو ۽ اوڏ ذاتين وارا به اتي رهندڙ آهن. مقامي آبادي کانسواءِ پنجابي ۽ اردو ڳالهائيندڙ آبادگارن جون زرعي زمينون پڻ هتي موجود آهن. هي ڳوٺ سنڌوءَ درياءَ جي کاٻي ڪنڌيءَ تي واقع آهن. درياءَ جو سن پتڻ آهي، جتي ٻه ٻيڙيون پتڻ اڪارين ٿيون. پاتڻي 50 رپيا ماڻهو ۽ بائيڪ 100 رپين ۾ اڪاري ٿو. درياءَ جي بند کان چار ڪلوميٽر ڪچي جو فاصلو گذري درياءَ جي پتڻ تي پهچي ٿو. هتان سڪرنڊ ــ سن پل ڊزائن ٿيل هئي، جيڪا پوءِ قاضي احمد آمريءَ جي نالي سان تبديل ٿي وئي. هي علائقو زراعت، اناج، لائيو اسٽاڪ، نير ۽ گهرو صنعت جو وڏو مرڪزي هنڌ رهيو آهي. ورهاڱي کان اڳ ۾ هتي هندو ۽ سک مذهب وارا وڏي انگ ۾ رهندا هئا.
هتي انگريز دور ۾ 1883ع ۾ پرائمري اسڪول کليو. ماڙي جلباڻيءَ جي هايئر سيڪنڊري اسڪول ۾ ڪو ايجوڪيشن آهي. استادن جي ڀرتيءَ ۾ ميرٽ تي هن يو سيءَ مان 40 نوجوان ستاد ٿيا. جن ۾ اٺ ليڊي ٽيچر پڻ شامل آهن. هن ڳوٺ مان پوائنٽ بسون سڪرنڊ وٽنري يونيورسٽي ۽ نواب شاهه جي يونيورسٽين لاءِ نڪرن ٿيون. هتي ٽي هزار ايڪڙن وارو پڪي جو پئي ٻيلو ۽ ڪچي جو 24 هزار ايڪڙن وارو ماڙي ٻيلو واقع آهي. ڳوٺ ۾ 1986 ۾ پوليس ٿاڻو قائم ٿيو، امن امان جي لحاظ سان ڏوهن کان هي پاڪ علائقو رهيو آهي. مقامي ماڻهو ڌاڙيل مخالف رهيا آهن. 80ع واري ڏهاڪي ۾ ڌاڙيلن خلاف هن ڳوٺ ۾ 40 ماڻهو تي مشتمل مجاهد فورس قائم ٿي. جن کي سرڪار هٿيار ڏنا. ڳوٺاڻن پنهنجي ڳوٺ کانسواءِ سڪرنڊ تعلقي ۾به ڌاڙيلن خلاف ڪم ڪيو.
ماڙي جلباڻي سانحو: هي واقعو 29 سيپٽمبر واري ڏينهن ٿيو، شهيد بينظير ڀٽو ضلعي جي ڪيترن ئي ٿاڻن جي پوليس، جنهن سان رينجرز به گڏ هئي. ڳوٺ ماڙي جلباڻيءَ ۾ ڏينهن جو ٽين وڳي پهتي. ڳوٺ وسيع علائقي ۾ پکڙيل آهي. ڳوٺ جي مکيه روڊ تي گاڏيون بيهاري ڏيڍ ڪلوميٽر ڳوٺ جي ننڍي گهٽيءَ مان پيادل گذري پوليس ۽ رينجرز ڳوٺ جي وڏي چوراهي تي پهتي. ڳوٺ وارا پوليس ۽ رينجرز جا اٽالا ڏسي خوف ۾ وٺجي ويا. ڳوٺاڻن سمجهيو بجلي چوريءَ خلاف ڪارروائي ٿي رهي آهي. رستي ۾ هر چوراهي تي پوليس ۽ رينجرز ڪڙو چاڙهي بيٺي. مکيه چوراهي جي اوڀر طرف ديوين جي هيٺان گهرن جي وڏي ويڙهي جي گهٽي گذزري ٿي. (ان گهٽيءَ جي منهن وٽ هن وقت لوهه جي ڀڳل دريءَ سان شهيد سجاول جو زمين تي هاريل رت ڍڪيل آهي.) سجاول سختي سان هٿيار تاڻيلن کي چيو ته اسان جي گهر ۾ ڇو گهڙي آيا آهيو. اتي جو اتي گهٽيءَ ۾ سجاول کي گولي هڻي ماريائون. گهرن جي وزٽ ڪرائيندڙ ٻڌائي ٿو. گهرن جي ويڙهي ۾ سجاول، شهمير ۽ الهداد جا گهر آهن. ويڙهي ۾ هرهڪ جو گهر الڳ هئڻ جي باوجود سڀ گهر پاڻ ۾ ڳنڍيل هئا. سجاول جو هڪ صفحي وارو گهر ۽ ان اڳيان نم جو وڻ هو. گهرن جي اڳيان مينهون ۽ ڍڳيون ٻڌل هيون. هڪڙي مينهن اوپرا ماڻهو ڏسي ٽاهه ۾ اکيون ڦونڊاري، ڦوڪون ڏئي ڦرندي رهي. ٻڌايو ويو ته هٿياربند جڏهن گهرن ۾گهڙيا ته ان مينهن ٽاهه ۾ رسو ڇنائي اوپرن ماڻهن تي حملو ڪيو. الهداد چيو مون هٿيار بندن کي چيو اسان ڌاڙيل آهيون ڇا؟ اسان جي گهرن جا در ڇو پيا ڀڃيو. اسان جي مال جو ساهه پيو وڃي. هنن مون کي هڪل ڪئي ته اتي بيٺو هج، الهداد ٻڌايو. اڳتي نه اچ. جنت خاتون الهداد جي گهرواري آهي. پڪين سرن جي اڏيل گهرن کي ڪچو ليپو ڏنل هو. جنت خاتون وٽ نم جي وڻ جي هيٺان 20 کن عورتون تعزيت لاءِ ويٺل هيون. لمحي لمحي پار ڪڍي روئي رهيون هيون.
ان جي اولهه طرف ميهار جو گهر هو. سندس گهر برساتن ۾ ڊٺل هو. هو نم جي وڻ هيٺ ويٺل هئا. ميهار جي ماءُ صدوري وٽ به 20 کن تعزيت لاءِ عورتون ويٺل هيون. شهيد ٿي ويل ميهار جو پيءُ شهمير گهر کان ٻاهر اوطاق تي تعزيتون وصول ڪري رهيو هو. الهداد زخمي هئڻ ڪري ڪراچي ٽراما سينٽر مان ڊسچارج ٿي ان وقت گهر پهتو هو. هن کي ڪڇ کان ٻانهن وٽ گولي لڳي هئي. جنهن سان هن جي مکيه نس ڪٽجي وئي هئي. پر آپريشن ذريعي اها رڳ جوڙي وئي هئي. جنهن سبب هو معذوري کان بچي ويو هو. ڳوٺاڻا چئني شهيد ٿيندڙ ميهار، سجاول، عبدالحفيظ عرف اڪن ۽ نظام الدين عرف ڪرڙ ۽ زخمي ٿيندڙن جون ڪهاڻيون ٻڌائي رهيا هئا. گهرن جي اڳيان چپي چپي تي تغارين، لوهه جي درين ۽ ڍينگرن سان رت کي ڪرائيم سين طور ڍڪي رکيو ويو هو. شهيد ٿيندڙ چارئي هارپو ڪندڙ هئا. هر زخمي ۽ شهيد جي ڪهاڻي ڦٽين جي چونڊائي سان شروع ٿئي ٿي. عبدالحفيظ عرف اڪن ۽ نظام الدين عرف ڪرڙ جي ماءُ ڦٽين جي ڳالهه پنهنجي پٽن جي شاديءَ سان جوڙي ٻڌائڻ لڳي. مون سيج، موڙ، ڪپڙا سڀ وٺي ڇڏيا هئا. چونڊو ختم ٿيڻ کانپوءِ مون پهرين اڪن جي شادي پئي ڪرائي، پوءِ ڪرڙ جي شادي. ماءُ ٻنهي پٽن جا نالا عرفيت ۾ بيماري ۽ وبائن کان بچڻ لاءِ ڪڙي وڻ طور ڪرڙ ۽ اڪ وارا رکيا هئا.
واقعي جو سبب: ماڙي جلباڻيءَ جي سڄاڻ ماڻهن کان واقعي جو سبب پڇجي ٿو، ڳوٺ واسي ڪئين ڳالهيون ڪن ٿا. پ پ شهيد ڀٽو جو اڳواڻ ڪامريڊ مٺل جلباڻي ان جو سبب هن علائقي جا ماڻهو آزاد سوچ رکندڙ چئي ٿو. هتي اليڪشنن ۾ هر ڳوٺاڻو پنهنجي مرضيءَ جي اميدوار کي ووٽ ڏيندو آهي. هو پنهنجو مثال ڏيندي چئي ٿو، آئون بلدياتي اليڪشن ۾ ضلعي ڪائونسل جي تڪ جو اميدوار هئس، پ پ حڪمران جماعت جي اميدوار رئيس باغ علي جلباڻي مون کان ڪجهه ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو هو. مون 1430 ووٽ کنيا ۽ رئيس باغ علي جلباڻي 1500 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو. پوليس ۽ رينجرز سان گڏ آيل (منهن ٻڌل ۽ هٿ ڪڙيون لڳل) وٽنري يونيورسٽيءَ ۾ آءِ ٽي ۾ پهرين سال جو شاگرد) لياقت جلباڻي بابت پوليس ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو آهي ته هو دهشتگرديءَ جي منصوبابندي ڪندڙ لياقت علي کي گرفتار ڪرڻ آيا هئا. جڏهن ته سندس والد شهمير پنهور جو چوڻ هو ته منهن ٻڌل ۽ هٿ ڪڙيون لڳل لياقت کي پوليس ۽ رينجرز پاڻ سان گڏ وٺي آهي. گوليون هلائي ماڻهو مارڻ ۽ زخمي ڪرڻ کانپوءِ هٿ ڪڙيون لڳل کي هتي ڇڏي ويا. جنهن جون هٿ ڪڙي اسان هٿوڙن سان ڪٽي ڀڳي آهي.
ايف آءِ آر ڪٽجڻ کانپوءِ ابتدائي جاچ ۾ پوليس کي جي ٿري رائيفل جا 21 خول ۽ ٻه فائر نه ٿيل گوليون ڳوٺاڻن ڏنيون آهن. ڪمشنر حيدرآباد جي اڳواڻيءَ ۾ ٿيندڙ جاچ ڪميٽي نواب شاهه جي سرڪٽ هائوس ۾ متاثر ڪٽنب جا بيان ورتا ويا آهن. سر زمين تي جانچ ڪميٽي پهچڻ جو چيو هو. پر هنن سٽن جي لکجڻ تائين نه پهتي هئي. واقعي جي سلسلي ۾ احتجاجي ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندڙ ايس يو پي جو سربراهه زين شاه ۽ پ پ شهيد ڀٽو سڪرنڊ تعلقي جي صدر مٺل جلباڻيءَ جو چوڻ آهي ته اسان ڪمشنر جي سربراهيءَ واري جاچ ڪميٽي بدران هاءِ ڪورٽ جي جج جي اڳواڻيءَ ۾ جاچ جي گهر ڪيون ٿا.