ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڌارين جي نيڪالي ۾ رڪاوٽ، سياسي ۽ غيرسياسي قوتون

Editorial-Article-Allahbux Rathor

هينئر سنڌ سميت ملڪ جي ڪنهن به شهري کي يقين نٿو اچي ته افغانين سميت ڌارين کي ڏيهه نيڪالي ملندي. هي شڪ ان ڪري ناهي ته ڪو انتظامي ۽ حڪومتي سطح تي ڪا سنجيدگي نظر نه پئي اچي، پر ڪيترين ئي سياسي ۽ غيرسياسي قوتن جي اشاري تي هي Ghost ووٽرز ڪنهن نه ڪنهن ڌر جي مفاد ۾ استعمال به ٿيندا آهن. ووٽر لسٽون ڪمپيوٽرائيزڊ ٿيڻ باوجود ووٽن چورائڻ جو عمل جاري رهي ٿو. جيڪڏهن افغانين يا ٻين پرڏيهين جي موجودگيءَ جا هاٽ اسپاٽ ڏٺا وڃن ته انهن ۾ سڀني کان ذڪر جوڳا علائقا يا شهر، اهي ناهن، جتي اڳ ئي پشتون آبادي موجود آهي، پر اهي آهن، جتي پشتون آبادي هئي ته ڪانه پر هاڻ افغانين جي ڪٽڪن کي ڏسي ائين لڳي ٿو ته وڏا شهر ڪابل ۽ قنڌار ٿي ويا آهن. سڀ کان وڌيڪ افغاني ڪي پي ۾ رهن ٿا. بلوچستان جا اهي علائقا، جيڪي پشتون بيلٽ طور مشهور آهن، اتي افغاني موجود آهن. پر ڪوئيٽا جهڙا شهر، جيڪي ڪنهن افغان شهر جيان نظر اچن ٿا، ساڳي ريت ڪراچيءَ جو حال به آهي. هتي پشتون آبادي افغانين جي زور تي سياسي طور اسٽيڪ هولڊر به بنجي چڪي آهي. سڀني ڏٺو ته ڪجهه عرصو اڳ سنڌ جي قومپرستن کي ڪراچيءَ ۾ هڙتال ڪرائڻ لاءِ پشتونن کان مدد وٺڻي پئي. هتي افغانين سميت جيڪي ڌريون موجود آهن، اهي ڪو هڪ قسم جو ڪاروبار نٿيون ڪن، پر ڪچرو چونڊڻ کان وٺي، منشيات جي وڪري، اسٽيٽ جي ڪاروبار کان وٺي هوٽلن تائين هر جاءِ تي موجود آهن. جڏهن کان ڪوڙا سڃاڻپ ڪارڊ ٺهڻ شروع ٿيا ته وڏي مافيا، جنهن جو واسطو سياسي توڙي غيرسياسي قوتن سان آهي، اهي افغانين، بهارين، بنگالين سميت ٻين ڌارين جا دستاويز ٺهرائيندي نظر آيا. افغانين سميت ڌارين جا علائقا اصل ۾ محفوظ پناهگاهون آهن، جتان ووٽنگ دوران ٺپا مافيا وڌيڪ سرگرم نظر ايندي آهي. هينئر به ايندڙ چونڊن جي حوالي سان اهي مافيائون سرگرم آهن. بنگالين ۽ ايم ڪيو ايم وارن گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ عام چونڊون گڏجي وڙهڻ جو اعلان ڪيو ۽ بنگالي، جيڪي اصل ۾ بهاري آهن. انهن چيو ته ڪراچيءَ ۾ سندن انگ 35 لکن جي لڳ ڀڳ آهي.
جيڪڏهن ميان نواز شريف ڏيهه وري ٿو ته پوءِ يقين سان چئي سگهبو ته چونڊون ٿينديون. هينئر اليڪشن ڪميشن نااهل سياستدانن لاءِ رستا کولڻ شروع ڪيا آهن. ان حوالي سان جهانگير ترين کي استحڪام پارٽيءَ جي چيئرمين طور رجسٽرڊ ڪيو ويو آهي. چيو پيو وڃي ته ميان نواز شريف لاءِ به رستو صاف ٿي ويو آهي ۽ ممڪن آهي ته (ن) ليگ هڪ ڀيرو ٻيهر نواز شريف جي نالي سان رجسٽرڊ ٿي وڃي ۽ اهو ان جو صدر به چونڊجي وڃي.
دنيا ۾ جيڪڏهن افغانين جو ڪو يتيم خانو آهي ته اهو پاڪستان آهي. هتي جيترو انگ افغانين جو موجود آهي، ان کي لڳاتار گهٽائي ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. افغانين کي ڏيهه نيڪالي ڏيڻ آسان ڪم ته ناهي، ڇاڪاڻ ته ان اشو پٺيان اهم ڏيهي ۽ پرڏيهي قوتون به ملوث آهن، جيڪي افغانين جي نالي تي وڏا مالي فائدا حاصل ڪري رهيون آهن. عالمي سطح تي افغانين کي پاڪستان ۾ تحفظ فراهم ڪندڙ وڏو ادارو گڏيل قومن جو پناهگيرن جي بحالي وارو آهي، جيڪو لڳاتار پاڪستان جي حڪمرانن تي زور ڀريندو رهيو آهي ته اهو افغانين کي زبردستي ڏيهه نه موڪلي، ڇاڪاڻ ته اها عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي هوندي. توڙي جو گڏيل قومن جي پناهگيرن جي حوالي سان جيترا به پروٽوڪول ۽ قانون موجود آهن، انهن تي حڪمرانن ڪڏهن به صحيحون نه ڪيون آهن.
اهم ادارن جي رپورٽن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ملڪ ۾ دهشتگردي هجي، هٿيارن جو وهنوار هجي، هيروئن سميت نشي جو ڪاروبار هجي، بارڊر کان شهرن تائين پيٽرول کان وٺي مختلف شين جي اسمگلنگ هجي،سڀني ۾ افغاني اڳڀرا آهن. وڏي ڳالهه ته هاڻ بندش پيل تنظيمن جا مرڪز به افغاني علائقن ۾ آهن. حڪومت جو چوڻ آهي ته افغانستان مان سيڪيورٽي فورسز تي جيترا حملا ڪيا پيا وڃن، انهن لاءِ افغانستان جي ڌرتي استعمال ٿئي ٿي، جڏهن ته اهڙن حملن ۾ افغاني توڙي پاڪستان سان واسطو رکندڙ ويڙهاڪ شامل آهن.
سرڪاري انگن اکرن مطابق ملڪ ۾ رهندڙ افغان شهرين جو انگ 41 لکن تائين پهچي ويو آهي. گذريل 40 سالن کان ڪيترن ئي غيرقانوني افغان شهرين جي اچ وڃ جو سلسلو جاري آهي. گڏيل قومن جي هاءِ ڪمشنر جون 2023ع تائين جي انگن اکرن موجب پاڪستان ۾ رهندڙ افغان شهرين جو ڪل انگ 37 لک آهي جنهن مان فقط 13 لک 30 هزار رجسٽرڊ آهن. جڏهن ته 7 لک 75 هزار بنا ڪنهن لک پڙهه جي رهائش اختيار ڪري ويٺل آهن. اهڙي 68 ڏهائي 8 سيڪڙو افغان شهري پاڪستان جي شهري يا نيم شهري علائقن ۾ جڏهن ته 31 ڏهائي 2 سيڪڙو ٻين 54 مختلف علائقن ۾ رهائش اختيار ڪري ويٺل آهن. جون 2023ع تائين جي انگن اکرن موجب پاڪستان ۾ رهائش اختيار ڪندڙ غيرقانوني افغان شهرين جو ڪل انگ 42 لک 29 هزار 749 آهي، جنهن مان 7 لک هڪ هزار 358(52 ڏهائي 2 سيڪڙو) خيبرپختونخواهه، 3 لک 21 هزار 677(24 ڏهائي 1 سيڪڙو) بلوچستان، هڪ لک 91 هزار 53(14 ڏهائي 3 سيڪڙو) پنجاب، 73 هزار 789(5 ڏهائي 5 سيڪڙو) سنڌ، 41 هزار 520(3 ڏهائي 1 سيڪڙو) اسلام آباد ۽ 4352(ٻڙي ڏهائي 3) سيڪڙو آزاد ڪشمير ۾ آهن.
گڏيل قومن جي اداري جي افغان پناهگيرن واري ڪمشنر مطابق، 2002ع کانپوءِ 38 لک افغانين کي واپس وطن موڪليو ويو. هر واپس ويندڙ افغان پناهگير کي گڏيل قومن جو ادارو 150 ڊالر ڏئي ٿو، جيڪي کين سرحد پار ڪرڻ وقت ڏنا ويندا آهن. 2022ع جي ڳالهه آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ان وقت جي چيف جسٽس ۽ سپريم ڪورٽ جي موجوده جج جسٽس اطهر من الله هڪ فتوا جاري ڪئي، جنهن ۾ حڪم ڏنو ويو ته جن افغانين جا ٻار پاڪستان ۾ پيدا ٿيا آهن، انهن کي ملڪ جي شهريت ڏني وڃي.
جيڪي چون ٿا ته افغانستان مان آمريڪا جي نڪري وڃڻ کانپوءِ اتي هن جا ڪي مفاد ناهن، انهن جي اکين کولڻ لاءِ ضروري آهي ته آمريڪا 2002ع کان افغانين لاءِ انساني همدردي جي بنياد تي رقم جاري ڪرڻ شروع ڪئي. پهرين سال افغانين لاءِ 62 ارب رپيا يا 273 ملين آمريڪي ڊالر جاري ڪيا ويا، ان کانپوءِ صرف 2022ع ۾ آمريڪا افغانين لاءِ 13 ارب يا 60 ملين ڊالر جاري ڪيا. جيڪڏهن گڏيل قومن جي انگن اکرن مطابق 41 لک هتي رهن ٿا ته انهن مان 14 لک افغانين وٽ پاڪستان جا سمورا دستاويز آهن، جڏهن ته 11 لک اهڙا به آهن، جيڪي غيرقانوني رهن پيا. حقيقت هي آهي ته 60 کان 70 سيڪڙو افغاني غيرقانوني طور رهن پيا، جن جو ڪو وار به ونگو ڪري نٿو سگهي. گڏيل قومن جي پناهگيرن جي آبادڪاري واري اداري 20 سال اڳ هڪ تفصيلي اڀياس ڪرايو، جنهن ۾ ڪجهه دلچسپ ڳالهيون ظاهر ٿيون. رپورٽ مطابق ڪراچيءَ ۾ رهندڙ افغاني ڪراچي بورڊ جو يا سنڌ سان واسطو رکندڙ ڪوبه نصاب نه پيا پڙهن. هو افغانستان جي تعليم جي وزارت جو ڪورس پڙهن ٿا ۽ اتان ئي امتحان به ڏين ٿا. افغانين جي آبادڪاريءَ جي حوالي سان ٻڌايو ويو ته اها فرقي جي بنياد تي ڪئي وئي. ان ۾ آغا خاني ڪميونٽيءَ جا فرد به شامل آهن. جنرل تنولي،جيڪو نجيب الله جي ڏينهن ۾ ڪراچي ڀڄي آيو هو. ان ڪراچيءَ جي بلاول ڪالوني ۾ پنهنجن مائٽن وٽ پناهه ورتي هئي.
هينئر ڪراچيءَ ۾ سڀني کان وڌيڪ پشتون، جن ۾ افغاني به شامل آهن. اهي پيپلز پارٽي ۾ شامل آهن. بهاري به پ پ کي ووٽ ڏين ٿا. ٻئي نمبر تي بنگالي، بهاري، برمي ۽ ٻيا ايم ڪيو ايم جا ووٽر آهن. اهي ۽ ٻيون پارٽيون ڌارين کي نيڪالي جون مخالف آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button