ڪتاب: “جنب ڪٿا”
ڀاڱو: پهريون
صفحا: 255
پبلشر: سامروٽي پبليڪشن
مون ڪافي عرصي کان ڪتاب پڙهڻ گھٽائي ڇڏيا ھئا. منهنجي ھنڌ جي سيرانديءَ کان گذريل ڪافي مھينن کان ھڪ دوست جو لکيل ڪتاب “سياست” پيو آھي. ڪتاب جي ڪجھه صفحن کي پڙھڻ کان پوءِ ننڊ اچي ويندي اٿم. ننڊ مان اٿي جويو صاحب جو قول ياد ڪندو آهيان ته جڏهن به نئون علم حاصل ڪبو آهي ته ذھن جلد ٿڪجي پوندو آهي. سياست جي ان ڪتاب سان منهنجي جنگ جاري آھي. پر پوءِ اھو به سوچيم ته بجليءَ جي لوڊشيڊنگ کي فقط موبائيل تي اسٽريمنگ ۽ دوستن سان فون تي ڳالھيون ڪري پورو ڪريان ٿو، بھتر اھو آھي ته ڪجھه دلچسپ موضوعن تي ڪتاب وٺجن. اھا سوچ ڪري حفيظ ڪنڀر جي آتم ڪٿا ” جب ڪٿا” ۽ ڪلديپ نائر جي آتم ڪھاڻي جو اردو ترجمو “ايڪ زندگي ڪافي نهين” خريد ڪري آيس.
حفيظ ڪنڀر آتم ڪٿا پڙھڻ مھل وقت جي خبر به نٿي پئي ۽ ڪوشش ڪيم ته ڪتاب وڌيڪ ڏينهن ھلي پر ھن ڪتاب ساٿ ڪونه ڏنو ۽ ٻن ڏينهن ۾ پورو ٿي ويو. حفيظ ڪنڀر سان منهنجي ڪابه ملاقات ته ڇا پر سڃاڻپ به ڪونھي. ڪتاب پڙھڻ مان خبر پئي ته خالد مارو ڪنڀر جو ننڍو ڀاءُ آهي. آئون زرعي يونيورسٽيءَ جي آخري سالن ۾ ھئس (جيل جي ڪري آخري سال 3 سالن ۾ ختم ٿيو) خالد ڪنڀر نئون شاگرد ۽ سنڌي شاگرد تحريڪ زرعي يونيورسٽيءَ جو ميمبر ھو. منھنجي فيڪلٽيءَ جا سينيئر ھجڻ جي ناتي دوست به ھئا، ھجت مان چوندا ھئا يار يا تون شاگرد تحريڪ ڇڏ يا اسان کي ميمبر ڪر ڇو ته توهان جي پارٽيءَ ۾ ٻه سھڻا ڇوڪرا ميمبر آھن. انھن مان ھڪڙو خالد ڪنڀر ھو ۽ ٻيو اڪبر سومرو (سنڌ جو ناليوارو اديب). جيل مان نڪرڻ ۽ يونيورسٽيءَ مان ڊگري وٺڻ کان پوءِ خالد سان به ملاقات ڪونه ٿي، باقي اڪبر سومرو سينيئر ھو، ھن سان دوستيءَ جو رشتو اڄ به قائم آهي.
حفيظ ڪنڀر جي ڪٿا سنڌ جي ٿر ۽ لاڙ جي ملندڙ پٽي جي منفرد داستان ۽ غربت جي ماريل، سماجي طرح پوئتي پيل قبيلن جي زندگي جي عڪاسي به آهي. شروعاتي بابن ۾ ھڪ طرف غربت، بيوسي ۽ ذلت جو احساس آهي ته ٻئي طرف ھڪ ننڍي ٻار جون ارڏايون ۽ حالتن کان بغاوت آھي. تعليم جو شوق به آھي ته روايتي اسڪولي نظام ۽ ماسترن جي مار کان نفرت به.
حفيظ ڪنڀر جي ڪتاب ۾ سڀ کان اثرائتا، تلخ ۽ روئڻ تي مجبور ڪندڙ ڪردار سندس ماءُ ۽ ناني جا آھن. ناني جيڪا نه ڪافر آهي نه مسلمان. ھن وٽ مسڪين جانورن ۽ انسانن سان ونڊڻ لاءِ پيار ۽ ڏاڍن کان نفرت آهي. سندس ھيٺيون پيراگراف ڪرشن چندر جي شاھڪار لکڻين کان وڌيڪ بھتر نه ته ساڻس برابري ڪندڙ ضرور آهي:
“کيس سنڀاليندڙ پٽ ماما جمعو شھر شفٽ ٿيو ناني به شھر جي گهر جي بند ڪمري ۾ قيد ٿي وئي. ھاڻ جتي نه ڇيلا ڦرڙا، نه ڪڪڙ، نه وڻ، نه کوهه، نه ڳوٺاڻا، نه ڪولھي، نه ٿانو، نه ٿاڏا. ھو جيئن ئي ٿر ڇڏي آئي ھئي ته وري ٿر وڃڻ نه ٿيس. ڀيڻون ۽ ڀائر مرندا ويا. ھن کي سندن موت جي ڄاڻ ملندي ھئي. پوڙھي ناني پلئو منھن تي رکي اڪيلي اڪيلي روئي پٽي ويھي رھندي ھئي. ڪو ڪٿي دفن ٿيو ڪنهن جي قبر ڪٿي ٺھي، مٽجي وئي ناني کي خبر ڪونه پئي. ٻن ڀائرن پنج ڀيڻ جي ھي ڀيڻ، ناني به ھڪ ڏينھن کنگھندي کنگھندي، چاڳان چاڳان (امان جو نالو) ڪندي غربت ۽ شھر ۾ مري وئي. ڳوٺ جي ڪولھين کي لڳو ڪولھڻ مري وئي. ڀيلن کي لڳو ڀيلڻ مري وئي.”
شايد ڀاڱو پھريون ھاءِ اسڪول ۽ ناني تي ختم ٿئي ٿو ۽ عملي طرح ڪاليجي زندگيءَ جو ڀاڱو ٻيو آھي.