سياري جي مند شروع ٿيندي ئي سنڌ ۾ ايندڙ مهمان پکين جي اچڻ جو سلسلو شروع ٿي ويندو آهي، اهي پکي ڏورانهن علائقن مان سفر ڪري سنڌ پهچندا آهن ۽ پوءِ موسم ٿڌي هجڻ ڪري هتي ڪجهه وقت تائين رهي پوندا آهن. پر جيتري وقت تائين به اهي پکي سنڌ ۾ هوندا آهن ته مارين جي بندوقتن جا منهن کليل ئي رهندا آهن ۽ پکين جي شڪار جو سلسلو جاري رهندو آهي، جنهنڪري هزارين پکين جو ڪوس هلندو رهندو آهي. جڏهن ته فطرت جو حصو هجڻ ڪري انهن پکين جو نه رڳو خيال رکڻ گهرجي پر انهن پکين کي مارڻ بدران سنڀالڻ جي ضرورت هوندي آهي. ماضي وانگر هن سال به سنڌ جي سامونڊي پٽيءَ ۾ مهمان پکي اچي چڪا آهن ۽ انهن جو ڪوس به شروع ٿي ويو آهي. بدين جي نريڙي، ڪنڊڙي ۽ ٻجورڙو سميت ٻين ڪيترين ئي ڍنڍن ڍورن ۾ سائبيريا جي پکين جي آمد ٿي چڪي آهي. مختلف علائقن مان آيل شڪارين پرديسي پکين جي شڪار لاءِ پنهنجا ٺڪاڻا ٺاهي ورتا آهن. بندوقن جي ڇيرن سان پکين جو ڪوس ۽ نسل ڪشي جاري آهي، جڏهن ته جهنگلي جيوت وارو کاتو ننڊ پيل آهي. بدين واسين اهو مطالبو ڪيو آهي ته پکين جي ڪوس جو نوٽيس وٺي مارين خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
سنڌ ۾ پکين جو شڪار ڪرڻ يا انهن کي اجايو مارڻ ڪا نئين ڳالهه ڪونهي. ان حوالي سان جيڪڏهن ڪي فطرت يا ماحول دوست ڌريون آواز اٿارينديون آهن ته انهن جي آواز کي ٻڌو ڪونه ويندو آهي. ان کان اهم ڳالهه اها آهي ته اهي پکي پنهنجو ڪوس ڪرائڻ لاءِ هتي ڪونه ايندا آهن پر انهن لاءِ ٿڌي ماحول ۾ رهڻ ضروري هوندو آهي، تنهنڪري اهي هزارين ڪلوميٽر جو سفر طئي ڪري هتي پهچندا آهن پر جڏهن اهي هتي پهچن ٿا ته شڪار ٿي ويندا آهن. اسان وٽ پکين جي سنڀال ڪرڻ يا انهن کي تحفظ ڏيڻ واري ڳالهه ڪونهي، تنهنڪري جيڪو جتي چاهي اهو پکين جو شڪار ڪري سگهي ٿو، ان کان سواءِ انهن پکين کي جهلي وڪرو به ڪيو ويندو آهي ۽ ماڻهو انهن جو گوشت به شوق سان کائيندا آهن. وائيلڊ لائيف کاتي جي ذميواريءَ ۾ اهو شامل آهي ته پکين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، انهن لاءِ سنڌ ۾ سامونڊي پٽي واري پاسي اهڙُو ماحول تيار ڪيو وڃي جو دنيا اتي انهن پکين کي ڏسڻ لاءِ اچي يا اتي ماحوليات کي بهتر ڪرڻ لاءِ اپاءَ ورتا وڃن ته جيئن دنيا کي خبر پوي ته اسين ڪيترا فطرت دوست ۽ ماحول دوست آهيون.
اسين سمجهون ٿا ته پکين جو اجايو شڪار ڪنهن به ريت ماحول دوست عمل ڪونهي، تنهنڪري شڪارين کي پرڏيهي پکين کان پري رکيو وڃي ته جيئن اهي شڪار ٿيڻ کان بچي سگهن ۽ جيستائين سنڌ ۾ موسم خوشگوار آهي، ايستائين اهي هتي رهن ۽ فطرت مان مزو ماڻين. پر حقيقت اها آهي ته وائيلڊ لائيف کاتو يا عام ماڻهو به پکين کي تحفظ ڏيڻ لاءِ تيار ڪونه آهن. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته وائيلڊ کاتو توڙي عام ماڻهو پنهنجي سوچ ۾ تبديلي آڻيندي پکين جي تحفظ لاءِ اڳيان اچن ته جيئن سنڌ ۾ وڌيڪ پکين جي آمد جو سلسلو جاري رهي.