لفظن کي انساني زندگيءَ ۾ تمام گهڻي اهميت آهي. لفظ انسان کي ٺاهي به سگهن ٿا ته ڊاهي به سگهن ٿا. اهي لفظ ئي آهن، جيڪي خوشي به ڏئي سگهن ٿا ته ڏکن جي پاتال جي تهه تائين به پهچائي سگهن ٿا. اهي لفظ ئي آهن جيڪي جنگيون به لڳائي سگهن ٿا ته امن ۽ شانتي به پيدا ڪري سگهن ٿا.
يوول نوح هراري موجب اها ٻوليءَ جي ايجاد آهي جنهن هوموسيپيئنس کي سپر پاور بڻايو ۽ ٻي جيوت جي ابتڙ انساني نسل پيچيده ۽ علامتي ٻولي وسيلي ڳالهائڻ جي صلاحيت پيدا ڪئي. اها لفظن جي ايجاد هئي، جنهن حقيقتن جي حدن کي اورانگهي خيالن، تصورن، ڪهاڻي ۽ علم کي ايندڙ نسل تائين منتقل ڪيو.
ٻولي اها پل هئي، جنهن اسان جي ابن ڏاڏن کي وڏن ٽولن ۾ سهڪار ڪرڻ جي قابل بڻايو. اعتماد ۽ سهڪار وڌايو، جنهنڪري وڏي پئماني تي رٿابندي، حڪمت عملي ۽ تنظيمي سرگرمين لاءِ رستو هموار ٿيو. هوموسيپئنس کان اڳ واري دور ۾ مقابلو سخت هو ۽ ٻيا نسل وڌيڪ طاقتور هئڻ باوجود به هارائي ويا، ڇو ته انساني نسل لاءِ ٻولي اهم گيم چينجر جو ڪم ڏنو. ٻوليءَ جي ترقي ڪو اوچتو واقعو ڪونهي. پر هڪ ارتقائي عمل آهي، جيڪو هزارين سالن کان جاري آهي. رابطي جي شروعاتي صورتن ۾ ممڪن طور اشارا، آواز ۽ ساديون علامتون شامل آهن. جيئن جيئن انساني دماغ ترقي ڪندو ويو ۽ وڌيڪ پيچيده ٿيندو ويو، تيئن تيئن ٻوليءَ جي نفاست به وڌي گرامر، اصطلاح ۽ لفظن جي ترقي ٿي. اظهار صحيح مطلب، معنيٰ ۽ رابطي لاءِ.
اڄ به ٻولي اسان جي دنيا کي ترتيب ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. جيئن ادب، سائنس، قانون ۽ انساني تهذيب جي ڪيترن ئي پهلوئن جو بنياد آهي، انسان جي سڃاڻپ جو اهم ۽ هميشه ترقي پذير پهلو رهي آهي. اهي لفظ ئي آهن، جيڪي ٺڳيءَ لاءِ استعمال ٿين ٿا، انسان ڪوڙ ڳالهائي پنهنجا مفاد ماڻين ٿا. پنهنجا مقصد ماڻڻ لاءِ قائل ڪندڙ لفظن جي ٽيڪنيڪ استعمال ڪن ٿا، اهو پروپيگنڊا ۾ مشغول آهي. انسانن ۾ تڪرار جو سبب به اهي لفظ آهن. خاص طور محاورا ۽ استعارا جيڪي غيرمقامي ڳالهائيندڙ مختلف ثقافتي پسمنظر وارن ماڻهن لاءِ مونجهاري جو سبب ٿين ٿا. لفظي ترجما گهربل نتيجا نٿا ڏئي سگهن. انهن سڀني تڪليفن جي باوجود ٻولي ئي آهي، جيڪا دنيا کي مثبت انداز ۾ بهتر ڪري سگهي ٿي. اهي لفظ ئي آهن جيڪي دنيا ۾ هر انسان کي زنده ۽ خوش رهڻ جو موقعو فراهم ڪري سگهن ٿا. ڇو ته لفظ فقط رابطي جو ذريعو ناهن، اهي هڪٻئي کي سمجهڻ، همدرديءَ لاءِ هڪ پل آهن. واضح ۽ احترام واري رابطي توڙي ڳالهائڻ کي هٿي ڏيڻ ۽ تڪرار تي سهڪار لاءِ زور ڏيڻ ۽ زندگيءَ مان منفي لفظ ڪڍي ڇڏڻ سان ڪيترائي تڪرار حل ٿي سگهن ٿا، ۽ انساني رابطي جي سڀني رشتن، جهڙوڪ خاندان ۾ اثرائتي لفظن جي چونڊ، منفي لفظن جو استعمال نه ڪرڻ، تڪرار کي حل ڪرڻ ۽ هم آهنگي برقرار رکڻ لاءِ اهم ٿي سگهي ٿو. نفسياتدان پڻ تڪرار کي حل ڪرڻ لاءِ ڪجهه خاص جملن جي استعمال تي زور ڀرين ٿا ته جيئن رشتا مضبوط ٿي سگهن.
سڄي دنيا ۾ هن وقت امن قائم ڪرڻ لاءِ تڪرارن کي نبيرن لاءِ ڪافي ڪوششون ٿي رهيون آهن. ڪارڪنن کي ان قسم جي سکيا پڻ ڏني پئي وڃي ته ڪيئن لفظن کي ڪتب آڻيندي گروهن جا تڪرار ختم ڪرائي امن امان قائم ڪجي ته جيئن نه رڳو گهرو، قومي پر عالمي سطح تي به امن جي پائيداري ممڪن ٿي سگهي. اسان وٽ اهو ڪم ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي ته مقامي ٻوليءَ جي ماهرن جون خدمتون حاصل ڪري مختلف نظرين، مذهبن، قومن وچ ۾ ٻولي ذريعي امن قائم ڪري سگهي.
ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه سوال اسان جي ذهن کي مائوف ڪري ڇڏيندا آهن. دماغ جسم کي صحيح ۽ غلط کي غلط نه ٻڌائي سگهندو آهي. پر ڪيترن ئي ٻين نسلن يا جانورن جي موصلاتي نظام جي ابتڙ جتي هڪ خاص سنگل عام طور هڪ واضح معنيٰ آهي. انساني ٻولي گهڻو ڪري لفظن ۽ جملن کي ڪيترن ئي معنائن سان ڏيکاري ٿي ۽ اهو غلط فهمي توڙي خوشي فهميءَ جو سبب بڻجي سگهي ٿو. خاص طور اتي جتي حوالي جي کوٽ هجي. انساني ٻولي رڳو لفظن وسيلي نه پر ڍنگ، لهجي، جسماني ٻولي ۽ ثقافتي حوالي سان پڻ غلط تشريح جو سبب بڻجي سگهي ٿي. جتي هر ٽولو هڪ جملي جون ڪيتريون ئي معنائون ۽ مفهوم ڪڍي سگهي ٿو. جيڪو جيئن چئجي اهو ائين سمجهي نه سگهجي ته مسئلا پيدا ٿيندا آهن. ٻوليون، هن وقت به ترقي ڪري رهيون ۽ مختلف لفظ ۽ اصطلاح ٺاهڻ جي عمل مان گذري رهيون آهن. اهي مختلف ٽولن جي وچ ۾ غلط فهمين ۽ رنڊڪن جو سبب ڪڏهن ڪڏهن پيدا ڪن ٿيون.