ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڪک پن ٿيندڙ پي ٽي آءِ

Editorial-Article- Akhtar Hafeez

ماضي ۾ پي ٽي آءِ جنهن گندي سياسي راند جو حصو ٿي هئي، اڄ ان لاءِ بازي پلٽجي چڪي آهي. هن جنهن سياسي تشدد ۽ عذاب کي ملڪ ۾ هٿي ڏني ۽ سياستدانن تي ڪوڙا ڪيس ڪري انهن کي جيلن ۾ واڙي اذيتون ڏنيون، ان ۾ گهڻُو حصو پتي عمران خان نيازيءَ جو هو. هو پنهنجن سڀني سياسي مخالفن کي چيڀاٽڻ جو قائل هو ته جيئن سندس مقابلي ۾ ڪابه مخالف ڌر نه هجي، الڳ سياسي نظريو نه هجي ۽ نه ئي ڪا سياسي پارٽي هجي. پر انهن ئي ڏينهن ۾ جڏهن عمران خان سياسي پارٽين جي اڳواڻن کي جيلن ۾ واڙي خوش ٿي رهيو هو، تڏهن سينيٽر مشاهد الله هڪ ڀيرو تقرير ڪندي پي ٽي آءِ وارن کي مخاطب ٿيندي چيو هو ته اسان سان جيڪي ڪجهه ٿيو سو ٿيو پر جڏهن اوهان تي اهو وقت ايندو ته اوهان جا لڙڪ اگهڻ وارو ڪو ڪونه هوندو پر تڏهن به آئون اوهان سان هوندس، آئون اوهان جا لڙڪ اگهندس. پوءِ ائين ئي ٿيو، پي ٽي آءِ جا ڪيترائي اڳواڻن پريس ڪانفرنسون ڪندي روئي پيا. اهي جيل ۾ هڪ رات به نه گذاري سگهيا ۽ پنهنجو پاڻ کي پي ٽي آءِ جي ٻيڙيءَ مان لاهائيندا ويا.
گذريل مهيني کان هڪ ڀيرو وري پي ٽي آءِ اڳواڻ ظاهر ٿيڻ شروع ٿيا آهن، جيڪي پارٽي ڇڏڻ جا جواز پيش ڪري رهيا آهن. انهن مان ڪي پريس ڪانفرنسون ڪري رهيا آهن ته ڪي وري ٽي وي شو ۾ اچي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪري رهيا آهن. جن مان پهرين اينٽري عِثمان ڊار ٿي هئي، جنهن هڪ ٽي وي شو ۾ اچي نه رڳو اڇا ڪارا پڌرا ڪيا پر ان 9 مئي جي واقعي جو ذميوار عمران خان نيازيءَ کي قرار ڏنو. ان کانپوءِ صداقت عباسي هڪ ٽي وي شو ۾ نه رڳو پي ٽي آءِ خلاف ڳالهايو پر هن پنهنجو پاڻ کي 9 مئي جي واقعن کان لاتعلق ڪندي سياست نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. هن وقت تائين پي ٽي آءِ جا ڪيترائي سينيئر اڳواڻ پي ٽي آءِ کي خيرباد چئي سياست کان پاسيرا ٿي چڪا آهن يا اهي استحڪام پاڪستان پارٽيءَ ۾ شامل ٿي چڪا آهن. جنهن جو تازو مثال فرخ حبيب آهي، جنهن تازي پريس ڪانفرنس ۾ اهو اعلان ڪيو آهي ته هو هاڻ پي ٽي آءِ جو حصو ڪونهي ۽ پنهنجي سياست استحڪام پاڪستان پارٽيءَ جي پليٽ فارم تان ڪندو.
سندس چوڻ هو ته گذريل پنجن مهينن ۾ اسين پنهنجن گهرن ۾ موجود ڪونه هئاسين. 9 مئي جي واقعي کانپوءِ قانون کي منهن ڪونه ڏنوسين. ٽن هفتن کان مون پنهنجو رابطو گهروارن سان ناهي ڪيو، جنهن جا ڪجهه سبب آهن. سندس اهو به چوڻ هو ته پنجن مهينن کان لاڳيتو دماغ ۾ هڪ سوچ هئي ته ڇا هن سياست لاءِ مون پنهنجي سياسي جدوجهد جي شروعات ڪئي هئي. اسان ته پاڪستان کي حقيقي معنا ۾ قائداعظم جو پاڪستان ٺاهڻ لاءِ جدوجهد ڪئي هئي. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته پي ٽي آءِ چيئرمين لاڳيتو پيغام ڏيندو رهيو ته مون کي پوليس اڄ يا سڀاڻي گرفتار ڪرڻ پئي اچي. معصوم ماڻهن جي جذبن کي ڀڙڪايو ويو، نفرت کي هٿي ڏني وئي. چيئرمين پي ٽي آءِ ذميواريءَ جو مظاهرو ڪونه ڪيو. هن لاڳيتو ماڻهن جي ذهن سازي ڪئي ۽ تيار ڪيو. پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ به اپوزيشن کي عدالتون ۾ ڪيس ڀوڳڻا پيا.
هن معاملي تي اسان ڪجهه سوچيو آهي ته ائين ڇو ٿي رهيو آهي؟ پي ٽي آءِ کي اهي ماڻهو ڇو ڇڏي رهيا آهن جيڪي چوندا هئا ته اهي عمران خان نيازيءَ لاءِ قربان ٿي ويندا، کين مٿي ۾ گولي هڻي ڇڏيو پر اهي ڪڏهن به پي ٽي آءِ ڪونه ڇڏيندا. پي ٽي آءِ اصل ۾ ڪنهن سياسي پارٽي نه پر هڪ اهڙي ميڙ جو نالو آهي، جنهن کي سياست جي ڪا خبر ڪونهي، جنهن جي ڪا سياسي تربيت ڪونهي ٿيل ۽ نه ئي اها سياست ۾ پرامن طريقن سان مسئلن کي حل ڪرڻ تي يقين رکي ٿي. تنهنڪري اها وکري رهي آهي. اهو ان ڪري به ٿيڻو هو جو پي ٽي آءِ جنهن ڪلي تي ڪڏي رهي هئي، اهو هن کان کسجي ويو. جنهنڪري هن لاءِ هاڻ ڪوبه رستو ڪونه بچيو آهي.
جڏهن سياسي پارٽيون پنهنجو پاڻ کي اسٽيبلشمينٽ جي ايجنڊا تي هلائيندي، ٻين سياسي پارٽين خلاف وٺ وٺان ڪنديون آهن ته اهي آخر ۾ اڪيلائيءَ جو شڪار ٿي وينديون آهن. تنهنڪري سياست پنهنجي ٻل ڪرڻ ۽ سياسي آزاديءَ لاءِ ويڙهه ڪرڻ هن ملڪ ۾ ايترو سولو ڪونهي. پر سياسي پارٽين کي اهو طئي ڪرڻو پوندو ته اهي ڪهڙي سياست ڪرڻ چاهين ٿيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button