اسان ماڻهو هن ملڪ ۾رهندي منفي خبرن جا ايترا ته عادي ٿي ويا آهيون جو ڪڏهن اتفاق سان ڪا سٺي خبر به اسان جي ڪنن مٿان پوي ٿي ته اسان کي بنهه اعتبار نه ٿو اچي.
اسان سان ايترا ته دوکا ٿيا آهن جو هاڻي ڪو سٺو اطلاع ملي ٿو ته فوري طور اهو خدشو پيدا ٿي پوي ٿو ته ڪٿي اهو ڪو دوکو ۽ فريب ته ناهي. ڪٿي هن خوشخبريءَ جي پنيءَ ۾ ڪو وهه جهڙو وکر ته لپيٽيو نه ويو آهي؟ ائين ڪرڻ سان يا سوچڻ سان يا اهڙي سوچ جو اظهار ڪرڻ ان سرڪار جي سماعت لاءِ گران ته گذريو هوندو پر سرڪار سڳوريءَ کي سمجهڻ گهرجي ته جن ماڻهن جي مقدر ۾ سدائين سور رهيا هجن. جن ماڻهن جي حڪومتن وٽان پالڻ لاءِ سدائين پور حاصل ٿيا هجن، جيڪڏهن انهن کي اتفاق سان ئي سهي، ڪڏهن ڪا سٺي خبر ملي به ويندي ته ان کي ويساهه ڪرڻ لاءِ کيس ڪجهه نه ڪجهه وقت ته گهربل هوندو! ان حوالي سان سرڪار کي ناراض ٿيڻ جو ڪو حق حاصل نه آهي. حڪمرانن کي سمجهڻ گهرجي ته عذابن جي عادي عوام لاءِ جڏهن سرڪاري ايوانن مان ڪا سٺي خبر به ايندي ته ان کي پڪ ڪرڻ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه وقت ته اوس کپندو. اهو ته ممڪن ئي ناهي ته هوڏانهن مثبت خبر آئي ۽ هيڏانهن دل دهل بڻجي وڄڻ لڳي.
مٿئين پوري پٽاڙ جو سبب ظاهر آهي ته پيٽرول جو گهٽ ڪيل قيمتون آهن. گهڻو ڪري اهو ٿيو آهي ته جڏهن به پيٽرول جي اگهن ۾ اضافو ڪيو ويو آهي، تڏهن اهڙو نوٽيفيڪيشن رات جو دير سان جاري ڪيو ويندو آهي ۽ سرڪار جي اهڙي عمل کي پرنٽ ميڊيا پاران عوام مٿان پيٽرول بم ڪيرائڻ ڪوٺيو ويندو آهي. هن ڀيري به پيٽرول جي قيمت ۾ تبديلي رات جي وقت ڪئي وئي. ان ڪري جڏهن صبح جو اک کولڻ شرط سوشل ميڊيا جو ديدار ڪندڙ ماڻهن کي معلوم ٿيو ته جيڪي افواهه ڪجهه ڏينهن کان وٺي گردش ڪري رهيا هئا، اهي غلط نه هئا. سرڪار سچ پچ به پيٽرول جو اگهه وڌائڻ بدران گهٽايو آهي. پر ڏکن ڏوجهرن جي سٽيل انسانن کي پوءِ به پاڻ مٿان اعتبار ڪرڻ مشڪل محسوس ٿيو.
حڪومت کان اهو ڪارنامو ڪنهن ڪرايو آهي؟ اهڙو عوام دوست واقعو ڪهڙي ريت وجود ۾ آيو آهي؟ اهڙا سوال هن وقت هر سوچو ماڻهوءَ جي مٿي ۾ ڀون ڀون ڪري رهيا آهن. ڇو ته جن حالتن ۾ پيٽرول جا اگهه گهٽايا ويا آهن،انهن حالتن ۾ هميشه تيل جا اگهه چاڙهيا ويندا هئا. ڇو ته پاڪستان کي پيٽرول وچ اوڀر مان ملندو آهي. جڏهن ته هن وقت وچ اوڀر جو حالتون تمام گهڻيون تلخ آهن. گذريل ڏهن کان وٺي اسرائيل جهڙي طرح غزا ۾ رهندڙ فلسطين جي عوام مٿان بارودي باهه جي برسات ڪري رهيو آهي، ان سان لکين انسان اجل جي آغوش ۾ ته وڌي رهيا آهن پر اسرائيل جي اهڙي ظلم ۽ جبر سبب وچ اوڀر ۾امن جا سمورا امڪان في الحال ته ختم ٿي ويا آهن. ڪنهن کي ڪو پتو نه ٿو پوي ته اسرائيل جون هلايل موت مار مشينون ڪڏهن بند ٿينديون؟
اسرائيل جي اهڙي قاتل ڪارروائيءَ جي مذمت پوري دنيا جي پرامن آبادي پنهنجي پنهنجا طاقت آهر ڪري رهي آهي پر ڪنهن به انساني ۽ عالمي فورم کي اهو علم ناهي ته فلسطين جي عوام مٿان جنگ جا کوليل دروازا ڪڏهن بند ٿيندا؟ ممڪن آهي ته خود اسرائيل کي به خبر نه هجي ته هو هن ڀيري فلسطين جي ماڻهن جو ڪيترو خون وهائيندو؟ اسرائيل جي سڀ کان وڌيڪ وقت حڪمران رهندڙ وزير اعظم نيتن ياهو هڪ ڀيرو نه پر بار بار اها ڳالهه ورجائي آهي ته اسان پنهنجن دشمنن سان اهڙو سلوڪ ڪنداسين، جيڪو انهن ڪڏهن سوچيو به نه هوندو. هو اهو به چوندي ٻڌو ويو آهي ته اسان جي هيءَ جنگ فلسطينن خلاف آخري جنگ آهي.
اسرائيل ۽ فلسطين جو مامرو ان مهل منظر عام تي آيو، جڏهن اسرائيل يونائيٽيڊ عرب امارات ۽ قطر جهڙين رياستن کان پاڻ مڃرائي آخر ۾ سعودي عرب سان پنهنجا تر سڌا ڪرڻ جا اعلان ڪري رهيو هو. هو عالمي ميڊيا جي ڪنن ۾ به اهو اطلاع اوتي رهيو هو ته تمام جلد اسرائيل ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ سفارتي تعلقات بحال ٿي ويندا. جڏهن تل ابيب ۽ رياض ۾ ان قسم جون سرگرميون ٿي رهيون هيون، ان مهل فلسطين جي عربن کي محسوس ٿي رهيو هو ته انهن سان تاريخ جو تلخ ترين دوکو ٿي رهيو آهي. انهن کي اها ڳالهه شدت سان محسوس ٿي رهي هئي ته ڄڻ انهن جي شهيدن جو خون اجايو وهايو ويو. ڄڻ ته دنيا ۾ڪو به واعدو ۽ ڪو به وچن ڪا معنيٰ نه ٿو رکي.
اهو ڪجهه سوچڻ جو انهن کي حق به حاصل آهي. ڇو ته جنهن قوم هن مهل تائين هڪ لک کان وڌيڪ شهيدن جون قربانيون ڏنيون هجن، انهن کي دردمند دل سان دوکي جي باري ۾سوچڻ جو پورو پورو حق حاصل هجڻ گهرجي. اهو هڪ تمام حساس ۽ انتهائي جذباتي معاملو آهي. ان ۾ دل دماغ کي دڙڪا ڏئي خاموش ڪرائيندي آهي. هر شيءِ جو فيصلو دماغ جي رحم ڪرم تي ڇڏي نه ٿو سگهجي. جنگ ۾ دماغ جو استعمال تمام گهڻو اهم هوندو آهي پر پوءِ اها ڳالهه تسليم ڪرڻ ۾ ڪنهن کي اعتراض نه ٿيندو ته اڪثر جنگيون دل جي چوڻ تي وڙهيون وينديون آهن ۽ انهن جنگين جا نتيجا عوام جي وسيع تر مفاد ۾ نڪرندا به آهن. پر علامه اقبال جهڙو سراپا سمجهه ۽ مڪمل فڪر ۾ رهندڙ شاعر به اهو چوي ٿو ته:
“بي خطر ڪود پڙا، آتش نمرود ۾ عشق
عقل کي محو تماشه لبِ بام ابهي”
ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته ڪنهن اهڙي ڪيفيت هن مهل تائين فلسطينن جي اسرائيل سان مقابلو ڪرايو آهي. فلسطين هن وقت به مقابلو ڪري رهيو آهي. جڏهن ته اسرائيل نه صرف هڪ ايٽمي ملڪ آهي پر پهرين ڏينهن کان وٺي آمريڪي هٿيارن جون کيپون تل ابيب منتقل ٿي رهيون آهن. هن وقت به آمريڪا جو پرڏيهي سيڪريٽري اينٿوني بلنڪن وچ اوڀر جي ياترا تي آهي. گذريل ڏينهن جو قاهره ۾ مصري حڪومت سان ملي هڪ ڀيرو ٻيهر اسرائيل ويو آهي ته جيئن هو عرب حڪمرانن جا خيال نيتن ياهو سان شيئر ڪري سگهي. هڪ طرف سفارتي سرگرميون جاري آهن ۽ ٻي طرف اسرائيل غزا ۾ زميني جنگ ۾ گهڙي گهر گهر تلاشي وٺڻ لاءِ تياري ڪري رهيو آهي. اهڙي طرح اسرائيل ۽ فلسطين جو معاملو حل ٿيڻ بدران وڌيڪ منجهي رهيو آهي.
اسرائيل پاران فلسطين جي مظلوم شهر مٿان جنگي حملا جاري آهن ۽ اسان کي اهو معلوم آهي ته جڏهن به جنگ لڳندي آهي، تڏهن هر شيءِ جو اگهه چوٽ چڙهي ويندو آهي. پر هن ڀيري اهو تمام عجيب ۽ حيران ڪندڙ واقعو ٿيو آهي ته وچ اوڀر ۾ جنگ دوران پاڪستان ۾ پيٽرول جا اگهه گهٽايا ويا آهن. پيٽرول سستو ٿيڻ جا سبب معلوم ٿيڻ جي حسرت هر دل ۽ دماغ ۾ هوندي پر هڪ طرح سان اسان جو عوام ايترو ته ڇرڪيل آهي جو اهڙي ٻڙڪ ٻاڦڻ لاءِ تيار ناهي، جنهن سان پيٽرول جا وري وڌڻ جا امڪان پيدا ٿي پون. پاڪستان جي سياست ۽ سماج سدائين سازشن جي ور چڙهي، ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان ڪو نه ڪو پهلو سوچيندو رهندو آهي. ممڪن آهي ته ڪو سوچيندو هجي ته پاڪستان جي عوام جا جذبا ڪنٽرول ۾ رکڻ عرب حڪمرانن جو هيلو هلايو آهي! ممڪن آهي ته نگران سيٽ اپ پاران معاشي معاملن ۾ انتظامي سڌارا ڪرڻ سبب جهڙي ريت ڊالر جو اگهه گهٽيو آهي، تهڙي ريت پيٽرول جي قيمت به گهٽ ٿي هجي. اهو ممڪن آهي. پر ڪا پڪ ناهي ته نگران سرڪار پاران پيٽرول کي سستو ڪرڻ جي سخاوت جا اصل سبب ڪهڙا آهن؟ سبب جهڙا به هجن پر هميشه پيٽرول جا اگهه گهڻا وڌائي ٿورا گهٽائڻ واري گورنمينٽ هن ڀيري جڏهن پيٽرول جي قيمت ۾ في لٽر 40 رپيا گهٽايا آهن ته انهن جو مهرباني نه مڃڻ يا انهن کي “ٿينڪ يو” نه چوڻ نامناسب محسوس ٿي رهيو آهي.