سنڌ ۾ قبيلائي تڪرارن ۽ دهشتگردي سبب امن امان جي صورتحال داءُ تي لڳي وئي آهي. گذريل ڪجهه وقت کان ڪچي ۾ صورتحال بنهه گهڻي خراب آهي. قبيلائي تڪرارن سبب هڪ پاسي عام ماڻهوءَ جي حياتي سدائين خطري ۾ رهي ٿي ته ٻئي پاسي دهشتگرديءَ جا خطرا هر وقت موجود هوندا آهن. وقفي وقفي سان ڪر کڻندڙ اهي تڪرار نه رڳو انتظاميا لاءِ چيلئنج بڻيل آهن پر صورتحال ان وقت خراب ٿي ويندي آهي، جڏهن هڪ ئي وقت وڏي انگ ۾ ماڻهو مارجي ويندا آهن. شڪارپور ۾ به صورتحال خراب آهي ۽ اتي قبيلائي ويڙهاند جو سلسلو وڏي وقت کان جاري آهي. پوليس کان وٺي ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ان معاملي تي بيوس نظر اچن ٿا. نتيجي ۾ اتان جا ماڻهو قانون هٿ ۾ کڻي ڪنهن تڪرار جو فيصلو پاڻ ڪرڻ کي ترجيح ڏين ٿا پر قبيلائي تڪرارن جو سلسلو بند ٿيڻ ناممڪن نظر اچي ٿو. ڇا اتان جي ماڻهن کي ڪڏهن امن نصيب ناهي ٿيڻو يا جيڪي ڌريون سنڌ جي امن امان کي تباهه ڪري رهيون آهن، انهن خلاف ڪارروائي پوليس ۽ سنڌ حڪومت لاءِ ناممڪن آهي. ڇاڪاڻ ته جيستائين سنڌ ۾ امن امان ڪونه ٿيندو تيستائين ترقيءَ جا رستا به هموار ڪونه ٿيندا.
ڪالهوڪي آيل هڪ خبر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مدئجي جي ڪچي واري علائقي ۾ جوڻيجا-ڪلهوڙا تڪرار وري ڀڙڪي پيو آهي. جنهن کان پوءِ ڌرين هڪٻئي تي راڪيٽن سان حملو ڪيو آهي. چئن ڪلاڪن تائين ڌرين هڪٻئي تي فائرنگ ڪئي. پوليس نه پهچي. فائرنگ جي مٽاسٽا ۾ ڪلهوڙن جو هڪ ۽ جوڻيجا برادريءَ جا 5 ڄڻا مارجي ويا. ٻنهي ڌرين ۾ 20 ورهيه اڳ چوريءَ جي مامري تان خوني تڪرار شروع ٿيو هو، جنهن ۾ هيل تائين ٻنهي ڌرين جي عورتن سوڌو 40 ماڻهو مارجي ويا آهن. جنهنڪري رتوڇاڻ جو خطرو ٽري نه سگهيو آهي. چوري يا ڦر جا معاملا اهڙا ڪونه هوندا آهن، جيڪي نبيري نه سگهجن يا جن جو ڪو حل نه هجي. پر سنڌ ۾ اهڙن معاملن تي ڪيترائي خون ٿي ويندا آهن ۽ انساني حياتيون سڄي ڄمار لاءِ لوڙينديون رهنديون آهن، هن وقت به سنڌ جي ڪچي ۾ صورتحال ڪجهه اهڙي ئي آهي. جنهنڪري اتان جو ماڻهو هر وقت خوف ۾ ورتل نظر اچي ٿو. ڇاڪاڻ ته جهيڙي جو سلسلو هلندو ئي رهندو آهي ۽ ڪنهن مهل به بندوقن جا فائر ٿي ويندا آهن. تنهنڪري ڪچي ۾ امن امان جي صورتحال واقعي به خراب ٿيندي پئي وڃي.
ڪجهه وقت اڳ سنڌ حڪومت توڙي وفاقي حڪومت سنڌ جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن جو فيصلو ڪيو هو. پر اهو به مڪمل نه ٿي سگهيو. ڇا اهي برادريون قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان به زور آهن، جو انهن خلاف ڪابه ڪارروائي ڪونه ٿي ٿئي ۽ تر جي پوليس به انهن ماڻهن کي قتل جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي. جيڪڏهن پوليس سنڌ ۾ امن امان نٿي ڪرائي سگهي ته پوءِ اها ڪهڙي مرض جي دوا آهي. اها سنڌ مان بدامني ڪيئن ختم ڪرائيندي. اسين سمجهون ٿا ته سنڌ جي ڪچي ۾ ٿيندڙ خوني تڪرارن کي ختم ڪرائڻ لاءِ سنڌ حڪومت پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ جيڪي ماڻهو به سنڌ جو امن تباهه ڪري رهيا آهن، انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.