هڪ ٻيو ڏاهو ابو ظفر ندوي لکي ٿو ته محمد بن قاسم دليل ڪوٽ مان وڏي دولت حاصل ڪئي هئي، جيڪا هن عراق جي پنجين خليفي ڏانهن موڪلي هئي۔ ابو ظفر ندوي وڌيڪ لکي ٿو ته دهليل ديرو فوجي لحاظ کان ان وقت اهميت رکندڙ هو جو هتان هندستان ۽ ٻين پرڏيهي ملڪن سان واپار ٿيندو هو۔ سنڌ جي ڏاهي ۽ محقق ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ به هن ڏس ۾ ذڪر ڪيو آهي جنهن جو چوڻ آهي ته دهليل هن دور جي ڪوٽ لفظ برابر آهي ۽ جاگرافيائي بيهڪ به ڪوٽ واري اٿس۔
ڪجهه مورخن جو خيال آهي ۽ گهڻا محقق متفق به آهن ته دليل ديرو مير دليل خان ٽالپر فوجي ۽ پنهنجي حفاظتي لحاظ کان تعمير ڪرايو هو، جيڪو ٽالپرن جو نواب هو ۽ مير نور محمد ٽالپر هن قلعي جي 1833 کان 1840ع تائين مرمت ڪرائي هئي۔ بهرحال هن قلعي جي تاريخي ماڳ بابت دليل ڪوٽ سيمينار ڪرائي تاريخ جوڙي وڃي۔
اهڙي ريت ٻيا به گهڻا تاريخي ماڳ آهن جن ۾ سڪرنڊ لڳ چانهين جو دڙو جنهن کي چانھون جو دڙو به سڏيو وڃي ٿو، ڏسڻ وٽان آهي. جتي فرانس ۽ ٻين ملڪن جا پرڏيهي محقق به اچي چڪا آهن جن تحقيقي ڪم به ڪيو آهي پر منظر عام تي اچي ناهي سگهيو، جنهن کي آڻڻ گهرجي ۽ سيمينار جو به انعقاد ٿيڻ گهرجي۔ چانهون يا چانهين جو هي ماڳ سڪرنڊ لڳ ڳوٺ جمال ڪيريو ڀرسان صدين کان موجود آھي، جيڪو لاوارث پيل هو، پر هاڻ ان جي کوٽائي ٿي رهي آهي ۽ ڪجهه نوادرات به هٿ آيا آهن۔ ماهرن ۽ محققن جو چوڻ آهي ته ھي دڙو موھن جي دڙي کان اڳ جو آهي. ڪي چون ٿا تـ موھن جي دڙي جي دور جو آھي. بهرحال اهو به ھزارين سال قبل مسيح جو آهي جيڪو پنهنجو وجود ۽ نالو اڄ بـه برقرار رکيو پيو اچي پر سنڌ جي نوجوانن ۽ عوام کان اوجهل ضرور آهي.
ھن دڙي جي کوٽائي ۽ جائزو وٺڻ لاءِ آثار قديمه جا ماھر توڙي جو فرانس، لنڊن ۽ ٻين ملڪن کان به ماهر ھتي پھچن ٿا۔ اطلاع آهن ته ھنن کي نواردات مليا بـه آھن، جن بابت اها ڄاڻ آهي ته مليل نوادرات جيڪي سرڪار جي تحويل ۾ هجڻ گهرجن، سي مقامي رھواسين وٽ محفوظ رکيا ويا آهن جيڪي عجائب گهر جي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ان ۾ منتقل ڪيا ويندا۔ حقيت ۾ اهي نوادرات سنڌ سرڪار جي لاڳاپيل کاتي وٽ هجڻ گهرجن۔ چانھون جي دڙي جو ميوزيم زير تعمير آھي جيڪو جيئن جڙي راس ٿيندو تـه ان ۾ چانھون جي دڙي مان برآمد ٿيل نواردات رکيا ويندا ۽ عجائب گهر کي عوام لاءِ کوليو ويندو. في الحال ته آسرا آهن.
سڪرنڊ جي صحافي جاويد احمد سومري جو چوڻ آهي ته ته چانھون جي دڙي اندر ان وقت شايد ٻـه محل ھئا، جن جا آثار هن محسوس ڪيا آهن. ٿي سگهي ته جاويد غلط بـه ھجي پر هن اهڙن محلن جي موجودگيءَ جو شڪ ظاهر ڪيو آهي. آثار ڪجهه اهڙي قسم جا آهن. هن محسوس ڪيو ڇو تـه چانھون دڙي اندر ٻـه دڙا ڏسڻ ۾ آيا جيڪي ڪنهن محل جي ميسارجڻ جو ڏس ڏين ٿاـ بقول جاويد سومرو جي چانهون پنھنجي وقت جو لاجواب شھر ھوندو، جيڪو درياهه جي تيز وهڪري يا ٻوڏ سبب پاڻي پائڻ يا وري زمين ڌٻڻ سبب غرق ٿيو هوندو. اوائلي دور ۾ جڏهن حفاظتي بند نه هئا ته پاڻي پنهنجو رستو ڳوليندو هو ۽ سندس رستي ۾ ايندڙ واهڻ وسنديون تباهه بڻجي دڙن جي شڪل اختيار ڪندا هئا۔ ھينئر هي دڙو جنھن حالت ۾ موجود آھي، اھو هر ڪنهن جي آڏو آھي جيڪو ڏسي سگهجي ٿو.
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان پنهنجي تاريخي ماڳن ۽ قومي ورثن کا غافل نه رهون، انهن جي مالڪي ڪريون۔ چانهون جي دڙي ۽ دليل ڪوٽ سميت سنڌ جي سمورن تاريخي ماڳن ۽ ورثن جي حفاظت لاءِ جوڳا اپاءَ ورتا وڃن. اتي عجائب گهر، سياحن جي خوراڪ لاءِ ريسٽورينٽس قائم ڪرڻ ۽ اتي پهچڻ لاءِ روڊ رستن جو ڄار وڇايو وڃي۔