سنڌ جي شهر گلاب لغاريءَ ۾ مبينا طور اسپرٽ “ڪپي” جي پيئڻ سان 6 ڄڻن جي فوت ٿيڻ کانپو گلاب لغاري شهر پوليس ۽ جاچ آفيسرن جي نظر ٿيل آهي، جتي ڪپي اسپرٽ وڪڻڻ جي الزام ۾ هڪ اسٽور مالڪ کي پوليس گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. 6 ڄڻن واقعي به اسپرٽ پيتو يا وري هٿ سان تيار ٿيندڙ ڪچو شراب پيئڻ سان سندن موت ٿيو آهي. ان بابت اڃا تائين 6 فوتين جي ميڊيڪل رپورٽ سامهون نه آئي آهي. جيڪڏهن اسپرٽ پيئڻ سان موت ٿيو آهي ته اهي ڪيس حيدرآباد ۾ به رپورٽ ٿيندا رهيا آهن پر گهڻي ڀاًڱي ماڻهن جو موت ڪچي شراب جي پيئڻ سان ٿيندو آهي. پوليس پنهنجي نااهلي لڪائڻ لا ڪچي شراب جو ڪيس سامهون آڻڻ يا جاچ ۾ شامل ڪرڻ بدران اسٽورن تان ملندڙ ڪپي اسپرٽ کي ئي موت جو ذميوار قرار ڏئي ڪيس کي لئي مٽي ڪرڻ جي ڪوشش به ڪندي آهي. اعلى آفيسر لاڳاپيل ٿاڻن کي سوگهو ڪندا آهن ته اهي شراب جون بٺيون آخر سندن حد ۾ ڇو هلي رهيون هيون، اتي پوليس پاڻ کي بچائڻ لا اهي ڪيس ٻين جي ڳچي ۾ وجهي پاڻ آجي ٿي ويندي آهي.
ائين حيدرآباد ۾ به ٿيندو رهيو آهي. ان جو هڪ ڪيس اڳ ۾ رپورٽ ڪيو ويو هو، اهو ڪيس اخبارن ائين رپورٽ ڪيو ته حيدرآباد ۾ ڪچو شراب واپرائيندڙ ٻن ڀائرن سميت ٽي ڄڻا فوت ٿي ويا. ٻن ڄڻن جي طعبيت خراب ٿي وئي. پوليس معاملي کي دٻائڻ لاءِ فوتين جو موت اسپرٽ واپرائڻ سبب ڄاڻائي ڇڏيو آهي. خبر موجب حيدرآباد جي پنڃاري ٿاڻي جي حد علائقي پراڻو ڪنبيلو پريٽ آباد ۾ پنج ڄڻن سندن علائقي مان ڪچو شراب وٺي پيتو. جنهن ۾ ٻن ڀائرن اسلام ۽ نور محمد ۽ سندن دوست منو طبيعت خراب ٿيڻ بعد رات جي وقت فوت ٿي ويا. ارسلان ۽ سندس دوست کي طبيعت خراب ٿيڻ تي حيدرآباد سول اسپتال داخل آندو ويو. جڏهن ته فوتين جي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بدران لڪ ڇپ ۾ تدفين ڪئي وئي آهي. پنڃاري ٿاڻي جي حد جي مختلف علائقن ۾ ڪچو شراب وڪرو ٿي رهيو آهي. ڪچو شراب پيئندڙ ارسلان پوليس کي بيان ڏنو ته اهي شراب جا عادي آهن. شراب نه ملڻ بعد عادت پوري ڪرڻ لاءِ 5 ڄڻن ميڊيڪل اسٽور تان اسپرٽ خريد ڪري پيتو. جنهن ۾ ٽي ڄڻا فوت ٿي ويا. جڏهن ته هنن ڪچو شراب نه پيتو آهي. ٻئي طرف پنڃاري پوليس ڄاڻايل شخص کان اسپرٽ جو بيان ڏياري ڪچو شراب وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي نه ڪئي آهي. نه وري فوتين جو ڪيس داخل ڪيو آهي، هي ڪيس حيدرآباد ۾ لاڪ ڊائون دوران رپورٽ ٿيو هو. هتي ائين به ٿيندو آهي ته شراب جا عادي شراب نه ملڻ ڪري ئي اسپرٽ پيئندا آهن. ٻيو ته شراب کٽي وڃڻ جي ڪري به ماڻهو وڌيڪ طلب لا اسپرٽ جو واهپو ڪندا آهن.
حيدرآباد جو مشهور اسلم تيلي ڪيس: سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 1997ع لڳ ڀڳ 75 ماڻهو موت جي منهن ۾ هليا ويا هئا. هي واقعو حيدرآباد جي ڳتيل آبادي واري علائقي فقير جو پڙ، ٽيون نمبر تلاءُ، ڦليلي، پريٽ آباد، شاهي بازار پڪي قلعي ۾ پيش آيو. هو. ان وقت پوليس واقعي کانپوءِ سوين ٻين ماڻهن جي زندگي بچائڻ لا حيدرآباد ۾ فجر مهل شراب جا دڪان ٽوڙي شراب جا ڪارٽون حيدرآباد سول اسپتال پهچائي ماڻهن کي اصل فيڪٽري وارو شراب ڊرپ وسيلي ڏئي سندن زندگي بچائي هئي. سائنسي طور زهريلي شراب کي ختم ڪرڻ لا فارمولي سان پاس ٿيل شراب پياريو وڃي ٿو. جنهن کي ايٿائيل ۽ ميٿائل جي مٽاسٽا جو فارمولو به چئجي ٿو. هن ها پروفائيل ڪيس دوران حيدرآباد ۾ وڏي پئماني تي گرفتاريون ڪيون ويون. جاچ دورانِ پوليس هڪ شخص اسلم تيلي کي پڪڙي کيس مک ملزم ڄاڻائي سزا ڏياري. اهو ڪيس “اسلم تيلي شراب ڪيس” جي نالي سان مشهور ٿيو. اسلم تيلي کي ميرپورخاص مان گرفتار ڪري حيدرآباد سينٽرل جيل آندو ويو. جتي بڪين جي بيماري وگهي جيل ۾ ئي فوت ٿي ويو.
ٻيو ها پرو فائيل ڪيس ٽنڊو محمد خان جي مشهور ملهه پهلوان علي نواز پنهور جو آهي. 2016ع ۾ هندو برادريءَ جي تهوار دوران اقليتي برادريءَ جا 100 سئو کان وڌيڪ ماڻهو ڪچي شراب سبب فوت ٿي ويا هئا. ايترن ماڻهن جي فوت ٿيڻ کانپو علي نواز پنهور خلاف ڪچي شراب جو ڪيس داخل ڪري جيل موڪليو ويو. جيڪو هاڻ بري به ٿي چڪو آهي. ان وقت پوليس هن جي گهر ۽ ٻي ملڪيت کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو هو. ان ڪري ايترن ماڻهن جي فوت ٿيڻ واري جاچ ۾ پوليس کي پڻ شامل ڪيو وڃي ته ماڻهن جي موت کي روڪي سگهجي ٿو.