ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

نواز شريف جي واپسي

Editorial-Article-Akhtar Hafeez

نواز شريف جي واپسيءَ جي تاريخ ۾ هاڻ ڪابه تبديلي ناهي ٿيڻي ۽ نه ئي سندس واپسيءَ کي روڪي سگهجي ٿو. ان کانسواءِ چونڊون ايندڙ سال ٿيڻ جا امڪان آهن، ڇاڪاڻ ته اليڪشن ڪميشن چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيار آهي. ان وقت تائين عمران خان نيازي وارو معاملو به هڪ پاسي ٿي ويندو. باقي رهيل پي ٽي آءِ استحڪام پاڪستان پارٽيءَ حوالي ٿي ويندي ۽ اها پارٽي ڪنهن جي حوالي آهي، سا سڀني کي خبر آهي. تنهنڪري هن ڀيري پي ٽي آءِ لا سياسي ميدان اهڙي ريت سينگاريل ڪونه هوندو، جيئن 2018ع ۾ اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سجائي ڏنو هو. پي ٽي آ جي هن وقت جيڪا صورتحال آهي، ان مان ائين لڳي رهيو آهي ته پارٽي ۾ رڳو عمران خان وڃي بچندو، ڇاڪاڻ ته هن وقت تائين پارٽي جا اهم ترين اڳواڻ 9 مئي واري واقعي کي بهانو بڻائي پارٽي ڇڏي چڪا آهن. فقط پرويز الاهي ۽ شاهه محمود قريشي وڃي بچيا آهن، سي به جيل حوالي آهن، امڪان اهي آهن ته وقت اچڻ تي اهي به ڪا پريس ڪانفرنس ڪندا يا وري ڪنهن ٽي وي ٽاڪ شو ۾ پي ٽي آ کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪندا.

ايندڙ وقت ۾ حڪومت سازي ۾ نواز ليگ اڳڀري هوندي، ڇاڪاڻ ته هن وقت سڄو ماحول نواز ليگ جي حق ۾ آهي. نواز شريف جي سڀاڻي واپسي آهي، ان کان اڳ سندس واپسي جي راهه هموار ڪرڻ لا العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. جڏهن ته احتساب عدالت ۾ به توشا خانا ڪيس ۾ گرفتاري جا وارنٽ معطل ڪيا ويا آهن. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سياسي طور ڪيترائي معاملا اڳواٽ ئي طئي ٿي چڪا آهن. ان ڪري پيپلز پارٽي جون شڪايتون ٻڌڻ لا ملي رهيون آهن. پيپلز پارٽي کي اهو چٽُو نظر اچي رهيو آهي ته پنجاب ۾ في الحال ان جي جا ڪونه پئي ٺهي ۽ نه ئي اها ايترو ووٽ اتان ٻهاري سگهي ٿي جو ايندڙ حڪومت سيٽ اپ ۾ ڪا ڏي وٺ ڪري سگهي، جيئن هن پي ڊي ايم جي حڪومت ٺهڻ وقت ڪيو هو. تنهنڪري بلاول ڀٽي زرداري ڪجهه وقت اڳ چيو هو ته پيپلز پارٽي کي به برابري جو موقعو ڏنو وڃي.
هن صورتحال ۾ پيپلز پارٽي پي ٽي آ سان به ڪو سياسي اتحاد ڪونه ٿي ڪري سگهي، ڇاڪاڻ ته پي ٽي آ پنهنجي بقا جي جنگ ۾ رڌل آهي ۽ جيڪڏهن پيپلز پارٽي اهڙي ڪا ڪوشش ڪئي به سهي ته ان لا ڏکيا ڏينهن شروع ٿي سگهن ٿا. نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي جو اتحاد جيڪو ماضي ۾ نظر پئي آيو، اهو هاڻ شايد ئي نظر اچي. بلاول ڀٽي زرداري ٻه ڏينهن اڳ ڪار ساز واقعي جي ياد ۾ ڪيل جلسي ۾ جيڪو خطاب ڪيو آهي، ان مان سندس شڪايتن کي پرکي سگهجي ٿو. سندس چوڻ هو ته هڪ ماڻهو جي واپسي لا چونڊن، جمهوريت ۽ آئين کي روڪيو ويو. هن عام چونڊن لا عوام رابطا مهم شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. هن اهو به مطالبو ڪيو آهي ته اليڪشن ڪميشن چونڊن جي تاريخ ترت ڏئي. اليڪشن ۾ هر هر دير ووٽ جي عزت نه پر بي عزتي آهي. هن وقت پاڪستان صحيح رخ ۾ نه پيو هلي. سيلڪشن جي سياست اسان جي جمهوريت جو جنازو ڪڍي ڇڏيو آهي. پر ڏوهه جنهن جو به آهي، هاڻي اسان کي اڳتي وڌڻو پوندو.
هن ملڪ ۾ سدائين سليڪشن جي سياست ئي ٿي آهي، جڏهن مجيب چونڊون کٽي آيو هو ته هن بدران اقتدار ذوالفقار علي ڀٽي کي ڏنو ويو. اهڙي ريت جڏهن 2018ع ۾ نواز ليگ کٽي رهي هئي ته اقتدار وري پي ٽي آ کي ڏنو ويو. هن وقت جڏهن پي ٽي آ ماحول پنهنجي حق ۾ ڪري ڇڏيو آهي ته چونڊون نواز ليگ کٽي ويندي ۽ اقتدار به ان کي ئي ملندو. سو اهو ته طئي آهي جڏهن ملڪ ۾ سياسي آزادي نه هجي، اظهار جي آزادي نه هجي ۽ نه ئي وري جمهوري آزادي هجي ته پو اتي سليڪشن ئي ٿيندي آهي ۽ اقتدار جو فيصلو غيرجمهوري قوتون ئي ڪنديون آهن. جيڪڏهن بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم ٿي به ويو ته اهو ڪيترو با اختيار وزير اعظم هوندو، اها کيس به خبر هوندي. بهرحال نواز شريف جي واپسي کانپو ملڪ جي سياسي منظرنامي ۾ وري نوان بحث شروع ٿي ويا آهن ۽ پي ٽي آ جي دور ۾ هو ڪهڙي ريت پنهنجو پاڻ کي سزا کان بچائي سمورا معاملا طئي ڪري وري اهو ئي اقتدار ماڻڻ لا اچي رهيو آهي، جيڪو هن کان کسيو ويو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button