ڇا ڳالهائڻ، بحث ڪرڻ ۽ دليل ڏيڻ رڳو اولهه جي روايت آهي ۽ ان کي انگريزن ننڍي کنڊ ۾ متعارف ڪرايو، جڏهن ته ان کان اڳ هندوستاني ماڻهو ان ڳالهه کان بلڪل اڻڄاڻ هئا. امرتا سين پنهنجي ڪتاب Argumentative Indian ۾ ان ڳالهه جي نفي ڪئي آهي. سندس چوڻ آهي ته هتان جي ماڻهن جي هزارين سالن جي تاريخ، سندن مذهبي ڪتاب ويد، مهاڀارت ۽ رامائڻ وغيره ان ڳالهه کي ڏيکارين ٿا ته راءِ جو اختلاف، بحث ۽ دليل انگريزن جي هتي اچڻ جي ڪجھه سو سالن جي ڳالهه ناهي. گڏيل قومن جي اجلاس ۾ ڀارت جي وفد جي سربراهه جي حيثيت ۾ ڪرشنا مينن جي بنا ڪنهن وقفي جي نو ڪلاڪ جي ڊگھي تقرير هڪ ريڪارڊ آهي جنهن کي اڃا تائين ڪير ٽوڙي ناهي سگھيو. ساڳي ريت مهاڀارت ۽ رامائڻ وڏيون ۽ عظيم ڪٿائون آهن. رڳو مهاڀارت کي جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اها اليڊ ۽ اوڊيسي جي گڏيل مواد کان ست ڀيرا وڌيڪ آهي.
ويد رڳو مذهبي ڪتاب ناهن پر ان ۾ فلسفي، ڪائنات جي وجود ۽ ايستائين جو پالڻهار جي هئڻ نه هئڻ ۽ ان جي وجود متعلق بحث ٿيل آهن. ڀڳود گيتا جيڪا مهاڀارت جو هڪ ننڍو حصو آهي، ڪرشن ۽ ارجن جي وچ ۾ هڪ اهم بحث آهي. ڪوروئن ۽ پانڊوئن جي جنگ ۾ اهو سوال اهم بڻجي وڃي ٿو ته آيا رتوڇاڻ کي روڪڻ اهم آهي يا پنهنجي فرض کي پوري ڪرڻ جي اهميت آهي. ارجن جيڪو پانڊوئن جي شاهي خاندان جو هڪ بهادر سپاهي هوندو آهي، جنگ جي خراب نتيجن ۽ رتوڇاڻ کان بچڻ چاهي ٿو پر ڪرشن جيڪو انسان جي روپ ۾ ديوتا جو اوتار ۽ ارجن جي رٿ کي هلائيندڙ آهي، دليل ڏئي کيس قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته فرض کي پورو ڪرڻ اتم ۽ اهم آهي. ان ۾ جيتوڻيڪ ڪرشن سوڀارو ٿئي ٿو پر ارجن جي موقف جا پڙاڏا اڃا عالمي طور ٻڌڻ ۾ اچن ٿا. ساڳي ريت هو رامائڻ ۾ هڪ پنڊت جو حوالو ڏئي ٿو جيڪو رام کي ليڪچر ڏئي ٿو ته کيس ڪيئن پنهنجو ورتاءُ رکڻ گھرجي. هو مذهبي رسمن جهڙوڪ ديوتائن جي پوڄا، قرباني، تحفا ۽ توبهه تائب ٿيڻ متعلق چئي ٿو ته اهي سڀ شاسترن ۾ چالاڪ ماڻهن پاران ٻين ماڻهن تي حڪمراني ڪرڻ لاءِ ڏنا ويا آهن. هو چئي ٿو ته موت کانپوءِ حياتي ناهي ۽ نه ئي ان لاءِ ڪنهن پوڄا جي ضرورت آهي. هو رام کي صلاح ڏيندي چئي ٿو ته پنهنجي تجربي موجب هل ۽ پاڻ کي ان ڳالهه ۾ نه منجھائي جيڪا ڳالهه انساني تجربي کان ٻاهر هجي. هو سندس غلطين جي نشاندهي ڪري ٿو ۽ کيس اهو باور ڪرائي ٿو ته هو ڀڳوان ناهي.
ساڳي ريت ليکڪ اها ڳالهه به واضح ڪري ٿو ته سنسڪرت رڳو هڪ مذهبي ڪتابن جي ٻولي ناهي پر ان ۾ مختلف موضوعن ۽ علمن تي گھڻو مواد موجود آهي. هن ان ڳالهه کي واضح ڪيو آهي ته ڀارت ڪنهن هڪ مذهب جو ملڪ ناهي. ان ڪري ان کي رڳو هندو انڊيا چوڻ صحيح ناهي. هتي اٽڪل هڪ هزار سالن جي ڊگھي عرصي تائين ٻڌمت هڪ حاوي مذهب طور رهيو آهي. هندوستان جي ٻن وڏن بادشاهن اشوڪ ۽ اڪبر ملڪ جي گھڻ مذهبي ۽ گھڻ ثقافتي حيثيت کي مڃيو ۽ ان کي اڳتي وڌايو.
هندوتا جي حامين هڪ لحاظ کان ڀارت جي تاريخ کي ٻيهر لکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. انهن ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته آريا ٻاهران آيل نه پر ڀارت جا ئي هئا. ان سلسلي ۾ انهن هڪ ته سنڌو تهذيب کي هندو رنگ ڏئي ان کي سنڌو سرسوتي تهذيب چوڻ شروع ڪيو آهي. گھوڙو سنڌو تهذيب ۾ موجود نه آهي پر هندوتا جا پوئلڳ اها دعوا ڪن ٿا ته هڪ ته انهن سنڌو تهذيب جي لکت، جنهن کي اڃا تائين پڙهيو نه ويو آهي، کي پڙهي ورتو آهي ۽ اتان کين اهڙيون مهرون مليون آهن جن تي گھوڙي جو نشان آهي. ليکڪ جو چوڻ آهي ته سنسڪرت ٻولي آريا ٻاهران کڻي آيا هئا ۽ شروعاتي ويد ان ٻوليءَ ۾ ئي لکيا ويا هئا.
جيتوڻيڪ هندوتا جي حامين کي پاڻ سنسڪرت نه ٿي اچي ۽ اهي ٻڌل سڌل ڳالهين تي ڀاڙين ٿا پر ان جو هڪ اهو فائدو ضرور ٿيو آهي ته ان ٻولي، جنهن ۾ گھڻو مواد موجود آهي، ان ۾ ماڻهن جي دلچسپي پيدا ٿي آهي. ليکڪ جو اهو موقف آهي ته هندوستان جي هڪ ملڪ جي حيثيت ۾ بقاءَ ان ڳالهه ۾ آهي ته ان جي گھڻ مذهبي، گھڻ لساني ۽ گھڻ ٿقافتي حيثيت کي مڃيو وڃي ۽ ان کي اڳتي وڌايو وڃي.