ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ميرپور بٺوري ۾ گٽر مليل پاڻي پيئندڙ شهري

Editorial

صاف پاڻيءَ جي فراهمي سنڌ جي هر شهريءَ جو بنيادي حق آهي، ڇاڪاڻ ته اهو گهر ۾ ايندڙ پاڻيءَ جي قيمت هر مهيني بل جي صورت ۾ ادا ڪندو آهي. پر مسئلو اهو آهي ته ان کي پيئڻ جو صاف پاڻي ڪونه ٿو ملي، ڇاڪاڻ ته واٽر سپلاءِ جو ايندڙ پاڻي ميرو ۽ جراثيمن وارو هوندو آهي. جنهنڪري ماڻهو ڪيترين ئي بيمارين ۾ وٺجي ويندا آهن. نتيجي ۾ اهي نه رڳو پيٽ جي بيمارين ۾ وٺجي ويندا آهن پر ان کان پوءِ کين علاج تي به ڪافي پئسا خرچ ڪرڻا پوندا آهن. يعني پيئڻ جي پاڻيءَ جا پئسا ڀري اهي پاڻ کي بيمار ڪري رهيا آهن. سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ صورتحال ساڳي آهي. ڪراچيءَ ۾ ته ماڻهو پيئڻ جي پاڻيءَ کان محروم لڳا پيا آهن، اهي نه رڳو پيئڻ جو پاڻي خريد ڪندا آهن پر عام استعمال لاءِ به اتي ٽينڪر استعمال ٿيندا آهن. تنهنڪري انهن جو گهڻو پئسو پاڻيءَ تي خرچ ٿي ويندو آهي، پر ڪڏهن حڪومت يا انتظاميا ان مسئلي کي مستقبل بنيادن تي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪونه ڪئي آهي. هڪ پاسي ماڻهو واٽر سپلاءِ جي پاڻيءَ جو بل هر مهيني ڀريندا آهن ته ٻئي پاسي اهي پئسن تي پيئڻ جو پاڻي وٺندا آهن.

ميرپور بٺورو سنڌ جو اهم شهر آهي، اتي به صورتحال ڪا گهڻي بهتر ڪونهي. جتي ماڻهو گٽر مليل پاڻي استعمال ڪري رهيا آهن. جنهنڪري اتي بيماريون پکڙجي ويون آهن. وارڊ نمبر 2 ۾ هڪ مهيني کان سوئي گيس آفيس ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ واٽر سپلاءِ جو گدلو پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي. تلاءُ مان فراهم ٿيندڙ پاڻيءَ ۾ گٽر جو پاڻي شامل ٿي ويو آهي، جنهنڪري شهري وچرندڙ بيمارين جو شڪار ٿي ويا آهن. هڪ مهيني کان گٽر مليل پاڻيءَ جي شڪايت ٽائون عملي کي ڪئي وئي آهي پر شهرين جي شڪايت تي ڪوبه ڌيان ڪونه ڏنو ويو آهي. جڏهن ته ان مسئلي کي حل ڪرڻ بدران ٽائون انتظاميا اهو مشورو ڏئي ڇڏيو آهي ته شهري ڏينهن جو پاڻي استعمال ڪرڻ بدران رات جو پاڻي استعمال ڪن. اها عجيب ڳالهه آهي ته پاڻيءَ جي لائين رات جو ساڳي هوندي ته پوءِ ان ۾ رات جو پاڻي صاف ڪيئن ايندو. ڇا ٽائون انتظاميا گٽر مليل لائنن کي پاڻيءَ جي لائنن کان الڳ نٿي ڪري سگهي. جڏهن ته ٽائون انتظاميا کي بجيٽ انهن ڪمن لاءِ ملندي آهي ته اهي بنيادي ضرروتن جي مسئلن کي حل ڪري سگهن ۽ ان کان سواءِ جتي به ماڻهو شڪايت ڪن، انهن کي حل ڪرڻ ۾ دير نه ڪئي وڃي.
اسين سمجهون ٿا ته ميرپور بٺوري واسين کي ٽائون انتظاميا پاران قيمتي مشورو ڏيڻ بدران ان مسئلي کي حل ڪرڻ جي زور ڏنو وڃي. ڇاڪاڻ ته جيئن جيئن اهو پاڻي شهر جي گهڻي آبادي استعمال ڪندي تيئن تيئن اهو پاڻي شهرين ۾ بيمارين کي وڌائيندو ويندو ۽ مريضن جو انگ پڻ وڌي ويندو. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته شهرين جي شڪايت جو تدارڪ ڪيو وڃي، ان کان سواءِ جيڪي به ماڻهو ڪنو پاڻي پيئڻ سبب بيمار ٿي چڪا آهن، انهن کي اسپتال ڀيڙو ڪري ترت علاج ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button