هي رياست پنهنجي نظرياتي ۽ فڪري جوڙجڪ ۾ هر وقت مونجھارن جو شڪار رهندي آئي آهي. رياست جي ادارن جو رويو سياست ڏانهن ڪهڙو ۽ ڪيئن رهندو آيو آهي ۽ رهندو اچي ٿو، انهيءَ تي وڌيڪ لکڻ جي ضرورت ناهي ۽ نه وري سياسي پارٽين جو رياست جي متعلق نظرياتي پهلو تي ڪڏهن ڪو خاص رويو رهيو آهي ۽ نه وري هن وقت تائين ڪنهن سياسي جماعت صاف ۽ چٽو موقف رکندي مروج، رٽيل پٽيل ڳالهين جي ورجاءَُ کان وڌيڪ ڪو نقطه نظر رکي پاڻ کي چٽو ڪيو آهي. اهوئي سبب آهي جو ننڍي کنڊ جي هي رياست ڪڏهن جديد پاڪستان ته ڪڏهن اسلام جي قلعي جي نالي سان کيس سڏي ويندي آهي، جيڪو اقتدار ۾ آيو آهي، انهيءَ پنهنجي اقتداري مفاد کي ڊيگهه ڏيڻ خاطر هر دور ۾ رياست جي تشريح کي پنهنجي حق ۾ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن سبب هي ملڪ هر وقت نظرياتي مونجھارن جو شڪار رهندو آيو آهي.
هي ملڪ نظرياتي مونجھارن ۾ هجڻ سان گڏوگڏ قومي سوال جي حوالي سان به بحث جو موضوع رهندو آيو آهي. رياست تي طاقتور اثرانداز ٿيندڙ ڌر هن ملڪ کي گھڻ قومي رياست مڃڻ لاءِ تيار ناهي ۽ هن ملڪ جون قومون پنهنجي پنهنجي حق خود اختياري لاءِ مسلسل رڳو مطالبا ناهن ڪيا پر پنهنجي آدمشماريءَ جي سوال تي تمام گھڻو پريشان به رهنديون آيون آهن. پاڪستان هندو مسلم ٽڪرائن جي نتيجي ۾ الڳ رياست جي شڪل ۾ قائم ته ٿيو پر شروعات کان ئي شامل قومن پنهنجو ثقافتي، معاشي، سياسي ۽ آباديءَ جي تناسب جي سوال تي هر دور ۾ مطالبا ڪيا آهن ۽ هن وقت تائين ڪندا رهن ٿا، پر رياست تي طاقت جو اثر رکندڙ ڌڙي اها ئي ڪوشش ڪئي آهي ته پنهنجي طاقت جي توازن کي بگڙڻ نه ڏي. ان ڪري هن عالمي طاقتن پنهنجو ڳانڍاپو قائم رکندي هن خطي کي “هڪ فرنٽ لائن” جي پوزيشن ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ انهيءَ ڪري هي ملڪ پنهنجي اندروني ڪمزورين ۽ تضادن جي ور چڙهندو آيوآهي.
انهيءَ کان وڌيڪ هتي وڏو تضاد رهندڙ قومن ۾ مختلف نسلي ۽ ٻوليءَ جي ٽڪرائن جو به رهندو آيو آهي جنهن ۾ خاص ڪري سنڌ وڌ کان وڌ ان تضاد جو شڪار رهندي پئي اچي. هتي ورهاڱي کان پوءِ هندستان کان آيل آبادي جنهن ۾ اڪثريت اردو ڳالهائيندڙن جي هئي، جي 90 سيڪڙو ماڻهن کي سنڌ ۾ آباد ڪيو ويو. جنهن سبب ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ سکر وڌ کان وڌ متاثر ٿيا ۽ اتان جي ڊيموگرافي تبديل ٿي وئي ۽ هتي سنڌين ۽ اردو ڳالهائيندڙن جا وقت بوقت ٽڪراءَ ٿيندا رهيا. ڪراچيءَ جي صنعتي ۽ بندرگاهه واري حيثيت سبب ٻيون آباديون به اچڻ لڳيون، جنهن ۾ پٺاڻ ۽ پنجابي وڏي انگ ۾ آباد ٿيا. ڪراچيءَ جي ڊيموگرافي تبديل ٿيڻ جي ڪري مختلف لساني ٽڪراءَ ٿيڻ اڻٽر هئا ۽ ان کي خاص گروهن ۽ سياسي پارٽين پنهنجن پنهنجن سياسي مفادن لاءِ استعمال به ڪيو.
اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ جي سياسي قيادت ڪندڙن ان تعصب پرستيءَ کي وڌائڻ جي حڪمتِ عملي اختيار ڪندي اها ڪوشش ڪئي ته اهي پنهنجي آبادي کي وڌائڻ لاءِ بهارين کي آباد ڪن پوءِ انهن سان گڏوگڏ برمين ۽ ٻين علائقن جي آيل غير قانوني ماڻهن کي روڪڻ بدرانِ يا مخالفت ڪرڻ بدرانِ خاموشي اختيار ڪري انهن کي پنهنجي لساني ۽ سياسي مفادن لاءِ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ساڳي ريت افغانستان جي انقلاب ثور کان پوءِ وڏي پيماني تي افغانستان کان لڏپلاڻ ٿي، جن جي سرپرستي ان وقت آمريڪا ۽ سندس اتحادي ڪئي ۽ هڪ تمام وڏي آبادي پاڪستان جي سرحدن اندر داخل ٿي وئي. هو مهاجر ڪيمپن ۾ رهيا پر انهيءَ کان وڌيڪ هو شهرن جي اندر آباد ٿيڻ شروع ٿيا جن ۾ خاص ڪري ڪراچي ۽ حيدرآباد جا شهر ان آبادي جي دٻاءُ ۾ اچي ويا. افغانين جو هڪڙو چڱو خاصو انگ ڪي پي ڪي جي شهرن ۽ فاٽا جي علائقن ۾ آباد ٿيو آهي ۽ هڪ ڊگھي عرصي تائين يعني تقريبن چاليهن سالن جي عرصي دوران انهيءَ ۾ گھٽتائي اچڻ بدرانِ واڌارو ايندو رهيو آهي.
پٺاڻن جي ان تمام وڏي لڏپلاڻ کي تمام پٺاڻ قومپرست خاموشيءَ سان نه رڳو قبول ڪن ٿا پر انهن کي سهولت ڏيڻ جي گھر به ڪن ٿا. انهيءَ سان گڏوگڏ مختلف مذهبي جماعتون به ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ انهن جي سياسي طاقت کي پنهنجي لاءِ بهتر تصور ٿيون ڪن. ٻئي طرف پارلياماني سياست ڪندڙ اشرافيا طبقي جون پارٽيون ايم ڪيو ايم ۽ پختون قومپرستن جي سياسي اتحادن سبب ۽ مفادن سبب تقريبن خاموشي اختيار ڪئي آهي پر آبادي جي وڌندڙ دٻاءُ ۽ پرڏيهي جيڪي هن ملڪ جي عوام سان ۽ هتان جي معيشت جي ترقيءَ سان ڪا به همدردي نٿا رکن، تن جو رويو تقريبن ناقابل برداشت رهندو آيو آهي. اسمگلنگ ۽ ڦرون ڌاڙا، قبضا خوري، نسلي ٽڪراءُ سان گڏوگڏ خود رياست جي ادارن کي ٽارگيٽ ڪرڻ ۽ سياسي پارٽين ۾ هٿياربند گروهه تيار ڪرڻ ڪري اها صورتحال ان حد تائين پهتي آهي جو آخر رياست جي ادارن غير قانوني پرڏيهين ۽ افغانين کي ملڪ مان ڪڍڻ ۽ پنهنجن ملڪن ڏي موڪلڻ لازمي سمجهيو آهي.
هاڻي ڏسڻو هي آهي ته ان سڄي صورتحال ۾ سياسي پارٽيون پنهنجو رويو ڪهڙو ٿيون اختيار ڪن. اهي ان تسلسل کي قائم رکندي پرڏيهين جو بار ملڪ تان هٽائين ٿيون يا وري سياسي مصحلت پسنديءَ جو شڪار ٿي خاموشي اختيار ٿيون ڪن. هن وقت رڳو سنڌ ۾ افغانين کي ڪڍڻ لاءِ احتجاج ٿين پيا پر باقي ملڪ جا ٻيا حصا خاموش آهن ۽ پارٽيون به خاموش آهن. سنڌ جي کاٻي ڌر وارين پارٽين کان سواءِ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان انهيءَ سوال تي پنهنجو واضح ۽ چٽو موقف ڏنو آهي ته تمام پرڏيهين کي پنهنجن پنهنجن ملڪن ڏانهن موڪلڻ گھرجي. باقي پارٽيون ۽ گروپ خاموش آهن، جيڪا پاليسي هتان جي عوام لاءِ ڪنهن به ريت مناسب نٿي ٿي سگھي. سياسي پارٽين کي گھرجي ته هو قانوني ۽ اصولي موقف اختيار ڪندي هن ملڪ ۾ مظلوم قومن جي آباديءَ جي تناسب کي آڏو رکندي، معاشي ۽ سياسي استحڪام لاءِ غير قانوني افغانين ۽ پرڏيهين جي بار کي هٽائڻ لاءِ پنهنجو سياسي ڪردار ادا ڪن.